شفيق الرحمان شاڪر تحقيق،تنقيد ۽ تجزيي سواء جيڪا ٻين جي باري ۾ راء قائم ڪئي وڃي تنهن کي تعصب چئبو آهي.جنهنجو فيصلو ڪرڻ کان پهرين ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ويندو آهي يعني جنهن کي پرکيو ئي نه ويو هجي ان جي باري ۾ راء قائم نه ڪئي وڃي جيڪا سراسر غير منطقي ۽ غير استدلالي رويا ۽ لاڙا پيدا ڪري ٿي ڇو ته فيصلو ڪرڻ يا راء پيدا ڪرن کان اڳ ڪنهن شيء جي ڇنڊ ڇاڻ تحقيق، تجربي ۽ دليلن جي روشنيء ۾ ڪئي ويندي آهي ۽ پوء ان باري ۾ رائم قائم ڪئي ويندي آهي جيڪا عقل،۽ تجربي جي روشنيء ۾ سند جو درجو حاصل ڪندي آهي.پر تعصب تي ٻڌل سوچ ۽ راء جو تعلق ذاتي پسند ۽ ناپسند،نفعي ۽ نقصان،عام راء،ٻڌل سڌل ڳالهين،سوچ ۽ نظر جي هٺ ڌرمي،ماضيء سان جڙيل روايتن ۽ پراڻين آکاڻين سان هوندو آهي جيڪي نفرت،تعصب ۽ ڏڦير کي جنم ڏين ٿيون.تعصب انساني عقل آڏو پردو وجھي ڇڏي ٿو.هو هر شيء کي ڌنڌلي نظر سان ڏسي ٿو جنهن سان شيون سندن اصل شڪل ۾ نظر نٿيون اچن.فطري ۽ وجداني سوچ به تعصب پيدا ڪندي آهي ڇو ته فطري سوچ تحقيق ۽ تجزيي مان گذريل نه هوندي آهي ان بنياد تي شين ۽ مسئلن جي تهه تائين پهچڻ لاء لاڳيتي تحقيق ۽ تجزيي جي ضرورت رهي ٿي.عرصي تائين پنهنجي راء تي قائم رهڻ به هٺ ڌرميء کي جنم ڏئي ٿو ڇو ته بدلجندڙ دنيا ۾ گھڻو ڪجهه بدلجي چڪو هوندو آهي ۽ ماڻهوء کي چنڊ هڪ مانيء جي صورت ۾ لاڳيتو نطر اچي رهيو هوندو آهي.عام طور تي تعصب تي ٻڌل راء مستنند علمن ۽ فنن تي قائم نه ٿي ڪئي وڃي،ان جو تعلق جنسي فرق،ٻين جي عقيدن ۽ نظرين،قبيلن ۽ برادرين،قوميت،رنگ،نسل،زبان،سماجي طبقي ۽ پيشي ،سماجي قدرن،ثقافت ۽ لباس،مذهب ۽ فرقي،سياسي جماعتن،عمر ۽ معذوري يا ذاتي خصلتن جي باري ۾ هوندو آهي جيڪو حقيقت تي ٻڌل نه هوندو آهي جنهن ۾ عموميت ناهي هوندي بلڪه ڪنهن خاص واقعي يا ڪنهن اڪيلي ماڻهوء جي عمل کي پوري جماعت يا گروهه تي لاڳو ڪري هڪ راء قائم ڪري وٺجي ٿي. تعصب سان قائم ڪيل راء سان نفرت ۽ ڏڦير پيدا ٿئي ٿو ۽ انسانن وچ ۾ منفي رويا پيدا ٿين ٿا.جن سماجن جو نظام تعليم سائنسي طرز عمل ۽ طرز فڪر پيدا نٿو ڪري اتي تعصب ڪارن ڪڪرن جيان سماجي آسمان تي ڇانيل رهي ٿو.اتي اضافي قدر حقيقي قدرن جي جڳهه وٺن ٿا.ترجيحون بدلجي وڃن ٿيون. حقيقي مسئلن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ فضول شيون ذهن ۽ مزاج جو حصو بڻجي وڃن ٿيون ۽ اهو سڀ تعصب ڀريل سوچ جو نتيجو ٿئي ٿو.فلسفي ۽ نفسيات جي ماهرن ويجھو تعصب ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انسان جي لڪيل ذهن جي پردن ۾ موجود رهي ٿو.انهيء کي مڪمل نموني ڪڍي نٿو سگھجي.پسند،ناپسند ، ذاتي انا ۽ فائدي ۽ ٻين جذبن جي اثر هيٺ اسري ٿو پر تحليل نفسي ذريعي ان ۾ وچٿرائي پيدا ڪري سگھجي ٿي. بائيڊيگر ۽ هنس جارج مطابق تعصب پهرين کان ماضيء ۾ طيء ڪيل سوچن سان لاڳاپيل هوندو آهي.جنهن وٽ ماضي آهي ان وٽ تعصب آهي ڇو ته انسان جي فڪر ۽ نظر جو محل ماضيء جي بنيادن تي تعمير ٿئي ٿو. ڪلاسيڪل مفڪر سائيسرو چوي ٿو ته تعصب دوکي ۽ فريب سان پيدا ٿئي ٿو.سچائين کي لڪايو وڃي ته نفرت پيدا ٿئي ٿي.فرانسي بيڪن تعصب کي فطري سوچ سان ڳنڍي ٿو جيڪو ڪوڙو آئينو هوندو آهي.تعصب دنيا جي خطرناڪ شڪل آهي جنهن ۾ اسان پيدا ٿيون ٿا.ان جي باري ۾ انفرادي ۽ اجتماعي راء قائم ٿي وڃي ٿي جنهن جي پويان اسان اکيون بند ڪري پيروي شروع ڪري ڏيندا آهيون.امريڪي چوڻي آهي ته وڻ جون پاڙون ايتريون اونهيون نٿيون ٿين جيتريون تعصب جون ٿين ٿيون.واليٽر چيو هو ته اوهين تعصب کي دروازي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو پر اهو دريء مان واپس اندر اچي ويندو. جارج آرول ان حوالي سان چيو هو ته چئن ٽنگن وارا بهتر آهن ٻن ٽنگن وارن جي ڀيٽ ۾.ٻين جي باري ۾ پاسو کڻڻ وارو رويو تعصب تي ٻڌل راء جيڪا عقل،سوچ ۽ منطقي دليل جي ابتڙ هجي ان جي اوسر خانداني ۽ گھريلو ماحول ۾ئي ٿئي ٿي.سماجي ۽ خانداني ماحول ان کي جواز مهيا ڪري ٿو جنهن ۾ عام ماڻهوء جي سوچ ڪنهن خاص گروهه،نسلي گروپ،مذهبي فرقي،پيشي يا سياسي جماعت جي باري ۾ قائم ٿي وڃي ٿي ۽ اندر ئي اندر ان خلاف نفرت،حسد ۽ ڪيني جا جذبا ڀڙڪڻ شروع ٿي وڃن ٿا.جن جو زميني حقيقتن سان ڪو واسطو نه هوندو آهي.پاسو کڻڻ وارن روين سبب جيتري ڇڪتاڻ وڌندي آهي،تعصب جون پاڙون ذهنن ۾ ايتريون ئي پختيون ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن جن جو تعلق انا پرستي،ذاتي بالا دستي۽ مفاداتي سياست سان به هوندو آهي. عام ماڻهوء کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ بقا قائم رکڻ لاء ڪنهن خاص گروهه سان گڏ بيهڻ ضروري ٿي پوندو آهي نه ته جيڪر هو تعصب جو مظاهرو نه ڪري ته ڪميونٽيء ۾ سندس عزت گھٽجي ويندي آهي.قبائلي سماجن ۾ جتي برادرين جي سياست ٿئي ٿي اتي جيترو وڏو جاهل،متعصب ۽ سماج دشمن رويو رکندڙ سياستدان هوندو ان جي ڪاميابيء جا امڪان ايترو ئي گھڻو روشن هوندا ڇو ته اهڙن سماجن ۾ علم ۽ آگهي،ميرٽ ۽ انصاف جي ابتڙ سڀ کان وڏو سماجي قدر برادري سمجھي ويندي آهي. جتي غربت ۽ بدحالي هوندي اتي پڪ سان جهالت به هوندي ۽ جهالت ۾ تعصب ۽ وجدان تيزيء سان ذهنن ۾ جڳهه جوڙي وٺن ٿا.پڙهيل لکيل ماڻهو به ان تعصب جو شڪار ٿين ٿا ڇو ته انهن جو مفاد ڪنهن هڪ گروهه ۾ رهڻ سان هوندو آهي.غربت ۽ بدحالي به ماڻهن کي نا معقول بنائي ٿي.اهي سندن مسئلن جا اصل سبب ڄاڻڻ بدران ان گروهي تعصب جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ تنگ نظري ۾ ڦاسي پون ٿا.امير تعليم يافتا طبقو تعصبن کان آزاد ٿي وڃي ٿو.ان کي سندس تحفظ ۽ مفادن سان مطلب هوندو آهي.اهو پنهنجي تعصب جو مظاهرو اتي ڪندو آهي جتي سندس مفاد ٽڪرائبا هجن.سماجن ۾ پرسنليٽي ڪليش به حسد ۽ تعصب کي جنم ڏئي ٿو.فرد جي نا اهلي ۽ ڪم چوري به ان جي اندر حسد جي جذبن کي وڌائي ٿي ڇو ته هن جو سماجي رتبو ٻين کان گھٽجي وڃي ٿو.عام طور تي طبقاتي سماج ۾ امير ۽ غريب ۾ جيترو گھڻو فرق هوندو تعصب جا شعلا ايترو ئي تيز ڀڙڪندا.پر اهو تعصب سماجي رشتن کي ساڙي خاڪ ڪيو ڇڏي.جيستائين محروم طبقا رعايت يافتا طبقن جي خلاف سياسي شڪل ۾ هڪ پليٽ فارم تي گڏ نٿا ٿين ۽ پنهنجن محرومين جا سبب نٿا ڳولهين،بالادست طبقو انهن کي رڍن ٻڪرين جيان هڪليندو ئي رهندو.انهيء بنياد تي محروم طبقن جي رعايت يافتا طبقن خلاف اهڙي مخالف رويي کي تعصب جي بدران جدوجهد سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. فرقا پرستي به جهالت ۽ تعصب جي ماء آهي.نامعقوليت،جذباتيت ۽ انسان دشمنيء کي اڀاري ٿي.ترقي،خوشحالي ۽ امن کي برباد ڪري انتشار ۽ ڀڃ ڊاهه پيدا ڪري ٿي.اسٽيريو ٽائيپ ڪردار جنم وٺن ٿا جن جي ويجھو پنهنجي فرقي سواء ٻين جو وجود ناپاڪ هوندو آهي.هڪ فرقي جو فرد ٻئي فرقي کان نه رڳو نفرت ڪندو آهي بلڪه ان کي گردن زدني قرار ڏيندو آهي.انهن وٽ متشدد،متعصب ۽ تنگ نظر ماڻهو جنم وٺندا آهن جيڪي انسان دوستي جي جذبن کان عاري هوندا آهن.سماجي ترقيء سان انهن جو پري جو واسطو به نٿو ٿئي.انهيء بنياد تي فرقيواراڻا ۽ نسل پرستاڻا تعصب ڪنهن به سماج لاء سڀ کان زياده خطرناڪ ثابت ٿين ٿا.جڏهن ڪنهن به سماج جي ماڻهن جو تعصب مذهبي ۽ نسلي تعصب کان مٿانهون ٿي وڃي ته اهو سماج ترقيء جي ٻي منزل ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.جتي جدوجهد جا امڪان وڌڻ شروع ٿي وڃن ٿا.ماڻهو سندن اصل مسئلن ۽ انهن جي سببن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڏين ٿا.قبائلي،جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي گڏيل نظام ۾ ان قسم جي نسلي ۽ مذهبي تعصبن کي اڀارڻ ۽پروان چڙهائڻ جا زياده موقعا ملن ٿا.جڏهن سياسي معيشت ذريعي طبقاتي فرق گھٽجي وڃي ۽ صنعتن جي قيام سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي پون ته نسلي تعصب جو پنهنجو پاڻ موت اچي ويندو آهي.تعصب ۽ امتيازي سلوڪ جي جھلڪ انسان اندر ان طرح پختي ٿئي ٿي جو هو گھريلو زندگيء کان وٺي شاهه جي درٻار تائين ان جا نظارا هن کي ڏسڻ لاء ملن ٿا پر جتي ان تي عقل ۽ دانش جي روشنيء ۾ قابو پاتو وڃي اتي ماحول وڻندڙ رهي ٿو.تعصب ڀريل روين کي اخلاق روڪي ٿو جڏهن ته اهڙن روين کي روڪڻ لاء قانون به استعمال ڪيو وڃي ٿو.دفترن ۽ ڪمن جي جاين تي امتيازي سلوڪ جا نظارا ڏسڻ لاء ملن ٿا.جنسي امتياز به تعصب جي شمار ۾ اچي ٿو.جيئن چيو ويندو آهي ته ”جنگ زالن جي راند ناهي“ جڏهن ته صنعتي ترقي ۽درون ٽيڪنالاجي ۾ زرعي دور جي دانش دم ٽوڙي چڪي آهي.ٻين جي لباس ۽ ڪلچر جي باري ۾ اهڙي راء جيڪا عقل ۽ منطق جي خلاف هجي،زبان ۽ ٻولي جي بنياد تي ڪنهن جي شخصيت ۽ ڪردار تي راء قائم ڪرڻ،مسلمانن کي دهشتگرد چوڻ،هٽلر جو اهو چوڻ ته رڳو جرمن قوم ئي حڪمرانيء لاء پيدا ڪئي ويئي آهي، ڀارت ۾ مذهبي ۽ سياسي بنيادن تي هندن جو مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ۽ ڪشميرين کي خود اراديت جي حق کان محروم ڪرڻ بلڪه هندستاني نفسيات ۾ تعصب پيدائشي معلوم ٿئي ٿو ۽ زندگيء جي هر شعبي جو بنياد تعصب ۽ وهم پرستيء تي بيٺل آهي.جنهن ۾ پوري ننڍي کنڊ کي شامل ڪري سگھجي ٿو ۽ ان قسم جا مظاهرا عالمي ميڊيا تي به ڏسي سگھجن ٿا.تازو برطانوي عوام جو يورپي يونين کان الڳ ٿيڻ جو اڪثريتي فيصلو سراسر تعصب تي ٻڌل هو جنهن برطانوي عوام جي مستقبل کي داء تي لڳائي ڇڏيو آهي ڇو ته اهو فيصلو ٻڌل سڌل ڳالهين ۽ پروپيگنڊا سبب ڪيو ويو.برطانيا جنگ عظيم بعد پهريون ڀيرو تاريخ ۾ ان طرح جي بحران جو شڪار ٿيو آهي جنهن سان سندس معيشت تباهيء جي ڪناري پهچي چڪي آهي ۽ ان مان نڪرڻ جو ڪو رستو نظر نٿو اچي.اڄ ڪلهه قومي توڙي سوشل ميڊيا تعصب ۽ نفرت ڦهلائڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي.ان جو هاڪاري ڪردار غائب ٿي چڪو آهي.علم ۽ تحقيق جي ابتڙ الزام تراشي ۽ ٻين جا پٽڪا لاهڻ ميڊيا جو وڻندڙ مشعلو آهي.اسان پنهنجن انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ تعصب وارن روين جو جيڪر خاتمو نه ته گھٽ ۾ گھٽ انهن جي اثر نفوذ تي قابو ته پائي سگھون ٿا،رڳو اخلاقي تعليم ان لاء ڪافي ناهي جيستائين طبقاتي فرق يعني اميري غريبي جو سنڌو نٿو گھتجي تعصب جا شعلا به وسائي نٿا سگھجن.سياسي معاشيات معاشي ۽ سماجي تحرڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.متمول طبقو سدائين خير سگالي جي جذبن جو ملڪ ٿئي ٿو پر ٻئي طرف تعصب پکيڙن جو به اهو ئي ذميدار آهي.اشرافيا وڏي چالاڪيء سان ان فضا ۾ جي رهي هوندي آهي.وچولي طبقي ۾ واڌارو پرولتارين جي جذبن جي شدت کي ٿڌو ڪري ڇڏي ٿو ڇو ته اتي قانون جي حڪمراني ۽ روزگار جي فراهميء جا زياده موقعا پيدا ٿين ٿا. علم ۽ تحقيق،تجربي ۽ مشاهدي جي علمي فضا ۾ تعصب ڀريل جذبن،روين ۽ سوچ جا ڪارا ڪڪر هٽي وڃن ٿا. جڏهن من گھڙت راء علم ۽ منطق تي پوري نٿي لهي ته ان کي اختيار ڪرڻ بي معنيٰ آهي.انفرادي۽ اجتماعي طور تي محروم گروهن ۽ طبقن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ سندن مسئلا ٻڌڻ سان تعصب ۽ نفرت جي باهه اجھامي ويندي آهي.تعصب جون پاڙون سڌي يا اڻ سڌي ريت طاقت ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورهاست سان جڙيل آهن جيڪو سماج ۾ مختلف مظاهرن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.