مزدور ۽ ھاري آ

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن
*ساقي ارشاد لورڙ
غزل
اڌرات اونڌاريءَ کان سڪرات ۽ سوليءَ کان ،
جنهن ڪونَ ڪيٻايو آ ، مـــزدور ۽ هاري آ ،

مجبور تتـــي تائي ، جنهن چيــــن وڃائي ڀــي ،
مانيءَ کي ڪمايو آ ، مـــــــــــزدور ۽ هاري آ ،

رت نير وهائي ڀـــــــــي ، هر خواب سهائي ڀي ،
ڌرتيءَ کـــــي سجايو آ ، مـــــــــــزدور ۽ هاري آ ،

محلات بڻائي ٿو ، هڪ نان جــي قيمت تي ،
جنهن ڏينهن کپايو آ ، مـــــــــــزدور ۽ هاري آ ،

اڄُ سيٺ برابر پر ، جنهن خــــــون ملائي ڀي ،
اڄُ سيٺ بڻايــــــــو آ ، مـــــــــــزدور ۽ هاري آ ،

پرچار ڪيان ڪهڙي غم نام حقيقت کان ،
جنهن ساھُ وڃايــــو آ ، مـــــــــــزدور ۽ هاري آ ،

هڪ پور نه آهي ڪــــو سوءَ پور پيا جاڳي ،
جنهن روح ريجهايو آ ، مـــــــــــزدور ۽ هاري آ ،

پورهيت ته خدا جو دوست آهي سڄڻ ”ساقي“
ربَ پاڻ ته فرمايو آ ، مــــــــــــــزدور ۽ هاري آ ،*
 
آخري ترميم:
Back
Top