ڪامياب زندگيءَ جو هڪ سونهري اصول برداشت!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ غلام مجتبي راهوجو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2019۔

  1. غلام مجتبي راهوجو

    غلام مجتبي راهوجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2019
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    "برداشت " فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جو عربيءَ ۾ تحمل ۽ سنڌيءَ ۾ سهپ سان ترجمه ڪري سگهجي ٿو.
    دوره حاضر ۾ اگر ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ بيچيني جي لهر لامارا پئي ڏئي هر هڪ انسان پنهنجي معاملن ۾ بيچين پيو نظر اچي پو۽ اهي معاملا چاهي ملڪي سطح جا هجن يا صوبائي سطح جا هجن يا علاقائي سطح جا هجن يا گهريلو سطح جا هجن ليڪن حالت سڀني جي هڪجهڙي پئي نظر اچي ۽اها آهي بيچيني واري حالت!
    هڪ گهر ۾ پنج اٺ فرد رهن ٿا ليڪن حالت اها آهي ته اهي به هڪ ٻئي کان ناراض آهن سسُ نُنهن کان ناراض آهي ته وري نُنهن سسُ تي ڪاوڙي پئي آهي. چاچو ڀائٽي تي ڏمريو پيو آهي ته وري گهٽ ڀائيٽو به ڪونهي ڪو. الغرض گهرن مان سڪون ۽ چين ختم ٿيندي نظر اچي پيو آخر ان جو وجهه ڇا آهي سبب ڇا آهي؟ منهجي خيال ۾ اگر ان بيچينيءَ جي اسباب کي تلاش ڪرڻ شروع ڪجي ته کوڙ سارا ٿي سگهن ٿا ليڪن انھن منجهان هڪ اهم سبب عدم برداشت آهي يعني ٻئي جي ڪم کي ٻئي جي سوچ ۽ فڪر کي ٻئي جي عزت کي ۽ ٻئي جي مقبوليت کي يا شهرت کي وغيره وغيره برداشت نه ڪرڻ، جنهن جي ڪري ذهن ۾ پريشاني لاحق ٿئي ٿي ان جو اظهار گهر ۽ ڳوٺ ۾ علائقي ۽ شهر ۾ بيچينيءَ واري ڪيفيت سان ٿي رهيو آهي. جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته پوءِ اهو ھڪ ماڻھو ٻئي جي ڪم، فڪر، مقبوليت، شهرت ۽ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پوءِ صرف ۽ صرف ان ماڻهو جي خامين کي تلاش ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ ان جون سَو خوبيون ان کي ڏسڻ ۾ به نه اينديون آهن. پر جيڪڏهن اهو ماڻهوءَ جي هڪ خامي کي برداشت ڪري ۽ خوبين تي نظر وجهي ته بيچينيءَ جي بجاءِ ان کي سڪون جي دولت ميسر ٿي وڃي ۽ فضا به خوشين جي خوشبو سان معطر ٿي وڃي. ليڪن افسوس وچان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معاشري ۾ درس ئي عدم برداشت جو ٿو ڏنو وڃي ۽ ان جو دليل هي آهي ته اسان جي معاشري ۾ غريب ۽امير جو فرق موجود آهي مشهور چوڻي آهي ته "جنهن جي گهر ۾داڻا ان جا چريا به سياڻا" ۽ پوءِ ان فرق جي ڪري امير جي هر فرد کي قابل ۽ لائق سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي زندگيءَ ۾ ڪامياب تصور ڪيو ويندو آهي. ۽ غريب توڙي جو لائق هجي، قابل هجي ليڪن ان کي فقط غريب ھجڻ جي ڪري نظر انداز ڪيو ويندو آهي ۽ڪنهن به جڳه تي برداشت نه ڪيو ويندو آهي ۽ ناڪام انسان سمجهيو ويندو آهي. پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ان غريب کي به برداشت ڪري گرائونڊ ۾ کيڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته ان جي به زندگي خوبصورت بنجي سگھي ٿي. ڇوته برداشت انساني زندگي کي خوبصورت بڻائڻ جو هڪ سونهري اصول آهي ڪاش! جو اسان جي تعليم ۽ تربيت وارن ادارن ۾ قابليت سان گڏوگڏ مقبوليت ماڻڻ وارو گُر برداشت به سيکاريو وڃي جنهن کي اپنائي انسان خلق ۽ خالق جي بارگاهه ۾ مقبوليت ماڻي سگهي. برداشت جي متعلق ڪيتريون ئي حديثون آيون آهن جن ۾ نبي پاڪ صاحب لولاڪ نه صرف برداشت جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي بلڪه برداشت جو حڪم پڻ ڏنو آهي. جيئن نبي مڪرم نور مجسم سرڪارِ دوعالم صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي جنهن جو راوي حضرت ابوهريره رضي الله عنه آهي. حديث جو مفهوم آهي ته هڪڙي شخص نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته سائين مون کي نصيحت فرمايو پاڻ فرمايائون ته غصو نه ڪر ! ان بار بار اهي لفظ دهرايا ته سائين مونکي نصيحت فرمايو ليڪن جواب پاڻ ساڳيو ئي ڏنائون ته غصو نه ڪر يعني برداشت ڪر اهڙي نموني ٻئي حديث مبارڪ ۾ برداشت ڪرڻ واري کي رسول الله صلي الله عليه وسلم بهادر چيو آهي. حديث مبارڪ جو راوي حضرت ابوهريره ئي آهي حديث مبارڪ جو مفهوم هن طرح آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو ته بهادر اهو شخص نه آهي جيڪو ٻين سان مقابلو ڪري ۽ کٽي وڃي/ ماري وڃي، بلڪه پاڻ فرمايائون ته بهادر اهو شخص آهي پهلوان اهو شخص آهي جيڪو غصي جي وقت پنهنجي نفس کي قابو ۾ رکي يعني ڪنٽرول ۾ رکي. ان فرمان کي سامهون رکندي اگر اسين بزرگان دين ۽ صوفياء ڪاملين جي زندگي جو مطالعو ڪنداسين ته اهي ان فرمان تي ڪاربند نظر ايندا ۽ ٻين کي به ان حڪم تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪندي نظر ايندا جيئن دوره حاضر ۾ اسان جي هن سهڻي سنڌ جو عظيم صوفي بزرگ حضرت سڄڻ سائين مدظله العالي به ان برداشت واري اصول کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ۽پاڻ سان نسبت رکڻ وارن تمام دوستن کي اهو تاڪيد ڪيو اٿئون ته اوهان پنهنجن گهرن جي ديوارن تي شاھ صاحب جو اهو شعر لکرائي ڇڏيو ته
    " ھو چوني تون مه چئه واتان ورائي، اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي، پاند ۾پائي ويو ڪيني وارو ڪين ڪي. لهذا مذڪوره بالا حديثن ۽ بزرگن جي تعليمات مان به اها ڳالھ واضح ٿي ته برداشت انسان جي زندگيءَ جي لاءِ هڪ اهم اصول آهي جنهن کي اپنائي ڪري اهو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿو ختم ڪري سگهي ٿو. ۽ ان برداشت سان ئي نفرتن جو خاتمو ٿي سگهي ٿو ۽ محبتن جي مٺاس ملي سگهي ٿي. ۽ هر سطح جو ماحول بهتر بنجي سگهي ٿو ان جي ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي اندر برداشت پيدا ڪيون ۽ ان اصول جي ترويج ۽ اشاعت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون ته جيئن هن قوم کي سڪون ۽ چين حاصل ڪرڻ جو هُنُر اچي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو