• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليجنڊ اداڪار محمد حسين قادري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
59379736_10218212381079189_3657494179614818304_n.jpg


ليجنڊ اداڪار حسين قادري بہ لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌي ڊرامن جو مشهور سينيئر اداڪار محمد حسين قادري ڳچ عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ اڄ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد حسين قادري پهرئين جنوري 1957ع ۾ لاڙڪاڻي جي ليلا باغ محلي ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ هن 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. حسين قادري شروعات ۾ لاڙڪاڻي ۾ استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، ان کانپوءِ هو ڪراچيءَ آيو، جتي هن پهريان ريڊيو ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. بعد ۾ هو حيدرآباد اچي ويو، جتي هن زرعي ريڊيو جي پروگرام آفيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. حسين قادري ھزار کان وڌيڪ سنڌي اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. جڏهن ته هو چوندو ته کيس اداڪاري جي پيشي سان تمام گهڻي محبت ۽ دلي لڳاءُ آهي، هن پنهنجي اداڪاري جي ڪري ڪيترائي ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا.
محمد حسين قادري 6 مئي 2019ع تي دل جي عارضي سبب حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي تي نه صرف شوبز انڊسٽري پر سندس مداح، دوست، مٽ، مائٽ ڏک ۾ ورتل آهن ۽ سندس وڇوڙي کي هڪ وڏو خال چئي رهيا آهن.

57431183_10218212381319195_6658941721197412352_n.jpg
 
Back
Top