ماضيء جو آئينو ؛ ڀٽو ۽ شيخ مجيب جا ڇهه نڪتا.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته اوهان ڀٽي صاحب جي حامين سان ڳالهايو يا سندس مخالفن سان،انهن ٻنهي ۾ هڪڙي شيء ساڳي آهي سا آهي ڀٽي صاحب جي باري ۾معلومات جي گھٽتائي.اسان جي ٻاهتر سالا قومي سفر ۾ چند سالن لاء رهندڙ ڀٽي جي باري ۾ گھڻا ماڻهو گھٽ ڄاڻن ٿا پر هن جي شخصيت اهڙي آهي جنهن تي اڄ تائين گھڻي کان گھڻو بحث ٿيندو رهيو آهي.ڪتاب ” ديده ور ڪي داستان حيات“ ذوالفقار علي ڀٽي جي پراڻي ساٿي ۽ ڀٽودور ۾ وزير مذهبي معاملا رهندڙ مولانا ڪوثر نيازيء جي لکڻي آهي. ڪتاب جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي کان ڪرڻ بدران سندس خانداني حالتن،سر شاهنواز ڀٽي جي سياسي اهميت ۽ ڀٽو خاندان جي انگريز دور ۾ اثر رسوخ سان ٿئي ٿي ۽ اتان ان جو رخ ڀٽي جي تعليم، وڪالت جي پريڪٽس ۽ پوء سياسي پرورش طرف مڙي وڃي ٿو.ڀٽي جي مخالفن پاران هڪڙو الزام هن تي اهو لڳايو وڃي ٿو ته ان کي سياست ۽ حڪومت ۾ آڻڻ وارو هڪ فوجي آمر جنرل ايوب خان هو جنهن جي ڪلهن تي پير رکي ڀٽي سياست ۾ پنهنجي جڳهه جوڙي.مولانا ڪوثر نيازي واضح ڪري ٿو ته ڀٽو ڪنهن سفارش جي نتيجي ۾ ڪابينا ۾ نه آيو هو بلڪه سر شاهنواز ڀٽو سنڌ جي سياست ۽ جوناڳڙهه جي وزارت ۾ پهريان ئي ايترو سرگرم هو جو ڀٽي کي سياست ۾ اچڻ لاء ڪنهنجي ڪلهن جي ضرورت نه هئي.ان جي ابتڙ وزير اعظم چوڌري محمد علي جي دور ۾ گڏيل قومن ۾ ويندڙ هڪ وفد سان گڏ موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي ويئي ۽ بعد ۾ هو وزير اعظم حسين شهيد سهروردي جي دور ۾ 1957ع ۾ پهريون ڀيرو گڏيل قومن ۾ ويو جتي هن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان پوء 1958ع ۾ گڏيل قومن جي سامونڊي قانونن بابت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ به ويو ۽ اهڙيء طرح هن ملڪي ۽ بين الاقوامي طور تي بلند حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي.1958ع کان 1969ع تائين جا واقعا نهايت ئي دلچسپ رهيا آهن.انهيء دوران پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي،روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي،چين ۽ ايفرو ايشيائي ملڪن سان اسان جا لاڳاپا مضبوط ٿيا 1967ع ۾ ڀٽي جي عوامي مهم جي شروعات سان 1970ع جي چونڊن تائين ڀٽي پوري ملڪ جا دورا ڪيا ۽ ان دوران کيس ڀرپور عوامي حمايت حاصل ٿي.ڪجهه جاين تي هن تي حملا به ٿيا جنهنجو الزام ظاهر آهي ته ان وقت جي فوجي حڪومت ۽ انهن ٽولن تي لڳائي سگھجي ٿو جن جي مفادن کي ڀٽي جي سياست کان خطرو هو.مولانا ڪوثر نيازي ان دلچسپ دور کي وڏي خوبصورتيء سان قلم بند ڪندي هڪڙو واقعو بيان ڪري ٿو؛

    ملتان جي شيزان هوٽل جي استقباليي ۾ وڃڻ لاء ڀٽي جنهن رستي جي چونڊ ڪئي انهيء تي غنڊا مقرر ڪيا ويا هئا ته جيئن اهي جڳهه جڳهه ڀٽي جي ڪار تي پٿراء ڪن ۽ جيڪر هو پوء به باز نه اچي ته مٿانئس حملو ڪيو وڃي پر جڏهن ڀٽو پروگرام مطابق ٻئي رستي کان شيزان اندر پهچي ويو ته حڪام کي ان جو اطلاع مليو.ان وقت سپاسنامو شروع ٿي چڪو هو.تڙ تڪڙ ۾ شيزان کان ٻاهر غنڊن کي گڏ ڪيو ويو.انهن ڏينهن ۾ هوٽل جي عمارت زير تعمير هئي.اڃا سپاسنامو شروع ٿيو هو ته درين ۽ شيشن تي پٿرن ۽ سرن جي برسات شروع ٿي ويئي.غنڊا دراوازو کولي اندر داخل ٿي ويا.ٻاهر پوليس سندن حوصلا افزائي ڪري رهي هئي.استقباليي ۾ شريڪ مهمانن اڳتي وڌي غنڊن سان هٿين لڙائي شروع ڪري ڏني.شيزان جي بيرن ڀٽي جي اڳيان ميزون اڀيون ڪري ڇڏيون هيون.هن جي نظرن کان هٽڻ سبب ڪنهن چيو؛ ”ڀٽو صاحب ڀڄي ويو آهي.“ ۽ ڀٽي صاحب ميز کي هڪ طرف هٽائيندي چيو؛ ” شٽ اپ.“

    ڀٽي تي سڀ کان وڏو جيڪو الزام لڳايو وڃي ٿو سو اهو ته هو اوڀر پاڪستان جي علحدگيء جو ذميدار آهي. هن ڪتاب ۾ کيس ان ڏوهه ۾ قصوروار نه قرار ڏنو ويو آهي.اوڀر پاڪستان سان پاڪستان جي شروعاتي سالن واري سلوڪ جي نشاندهي به ڪئي وييئي آهي۽ شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي ڪهاڻي به تفصيل سان درج ڪئي ويئي آهي پر شيخ مجيب جي مطالبن کي دوکو قرار ڏنو ويو آهي.شيخ مجيب جا ڇهه نڪتا مختصر طور تي هي هئا. 1. وفاق پاڪستان کي قرارداد لاهور جي اصل روح مطابق قائم ڪيو وڃي.2. وفاق وٽ رڳو دفاع۽ پرڏيهي معاملا هجن ۽ باقي سڀ معاملا صوبن وٽ هئڻ گھرجن.3. ملڪ جي ٻنهي حصن لاء الڳ ڪرنسيون ۽ الڳ مرڪزي بينڪون هئڻ گھرجن.4. ٽيڪس جي وصوليء جو مڪمل اختيار صوبن وٽ هجي جنهن ۾ اهي وفاق کي خرچ لاء حصو ڏين.5. ٻنهي حصن لاء زر مبادلا جي لاء الڳ الڳ کاتا قائم ڪيا وڃن ۽ صوبن کي ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اختيار هئڻ گھرجي.6. اوڀر پاڪستان جي پنهنجي فوج يا پيرا مليٽري فورس هئڻ گھرجي. مولانا ڪوثر نيازيء هن ڪتاب ذريعي ان پوري ڪهاڻيء کي ڀٽي جي نڪته نظر کان بيان ڪيو آهي،اهو نڪته نظر صحيح آهي يا غلط پر ڪتاب ۾ اهي تفصيل ضرور ڏنا ويا آهن جن کان واقفيت تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر ماڻهوء لاء ضروري آهي.اهو ته گھڻا ڄاڻن ٿا ته ڀٽي پنهنجي پارٽي ميمبرن کي اسيمبليء جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ڍاڪا وڃڻ کان روڪيو هو پر مولانا ڪوثر نيازي ان معاملي تي روشني وجھندي لکي ٿو؛ عوامي ليگ جي اڳواڻ تاج الدين 21 ڊسمبر تي پنهنجي بيان ۾ هي پرزور اعلان ڪيوته اسان جي جماعت اڪيلي اڪثريتي جماعت آهي ۽ اسين مرڪز ۾ حڪومت بنائڻ جو حق رکون ٿا.معاملو جيڪر رڳو اقتدار تائين محدود هجي ها ته صورتحال ٻي هجي ها پر اصل مسئلو حڪومت کان اڳ دستور جوڙڻ جو هو ۽ سمورن صوبن جو راضپو حاصل ڪرڻ سواء رڳو هڪ صوبي جي چونڊيل حڪومت توڙي جو اهو اڪثريتي صوبو ئي ڇونه هجي پنهنجو دستور نافذ ڪرڻ جو حق نه رکندي هئي ۽ وري عوامي ليگ جا ڇهه نڪتا به ملڪي سلامتيء تي اثر انداز ٿين ها ان ڪري انهن جي باري ۾ ڪنهن مفاهمت تي پهچڻ لازمي هو.” هاڻي اها ڳالهه کلي ڪري سامهون اچي ويئي هئي ته 3 مارچ جي ڍاڪا سيشن م عوامي ليگ جي ترتيب ڏنل ڇهن نڪتن تي ٻڌل آئين سادي اڪثريت جي بل تي فوري طور تي منظور ٿي ويندو.ان جو طريقه ڪار اهو طيء ڪيو ويو هو جو اولهه پاڪستان جي نمائندن جو گھيراء ڪيو وڃي ۽ کين ان وقت تائين نه ڇڏيو وڃي جيستائين اهي عوامي ليگ جي هڪ طرفي آئين تي آڱوٺا نه هڻي وٺن ۽ ايئن اوڀر پاڪستان ۾ ئي نه پر پنجن ئي صوبن جي علحدگيء کي آئيني حيثيت ڏيئي ڇڏي وڃي.آخر 28 فيبروري تي مينار پاڪستان تي ڏهه لک شهرين جي عظيم الشان ميڙ ۾خطاب ڪندي ڀٽي ٽي متبادل تجويزون پيش ڪيون. پهرين اها ته عوامي ليگ طرفان ڇهن نڪتن تي مفاهمت تي ڪا يقين دهاني،ٻيو آئين ساز اسيمبلي لاء 120 ڏينهن جي پابندي ختم ڪئي وڃي يا آئين ساز اسيمبليء جو اجلاس ڪجهه ڏينهن لاء ملتوي ڪيو وڃي.انهن ٽنهي تجويزن ۾ ڪنهن هڪ به تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽيء پاران اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.“

    مولانا ڪوثر نيازيء مطابق؛ ڀٽي جو خيال هو ته ڇهن نڪتن سان رڳو اوڀر پاڪستان کي خود مختياري نه ملڻي هئي پر ان جي بنياد تي جڙندڙ آئين ۾ سمورن صوبن کي اها ئي حيثيت ملي ها جيڪا اوڀر پاڪستان کي ملي ها.نتيجو اهو نڪري ها جو هڪڙو پاڪستان نه پر پنج خود مختيار رياستون سامهون اچن ها جيڪي ڀٽي کي قابل قبول نه هو.شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن تي بحث ڪندي اسان کي ان نڪتي کي ضرور سامهون رکڻ گھرجي.جيڪا شيء هن ڪتاب کي وڌيڪ دلچسپ بنائي ٿا سا ان ۾ شامل ڀٽي،عالمي رهنمائن ۽ مشهور فلسفي برٽنڊ رسل جا خط آهن جن ۾ علاقائي ۽ بين الاقوامي حالتن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.مولانا ڪوثر نيازي پنهنجي ڪتاب جو عنوان ”ديده ور“ رکيو آهي ۽ هو پنهنجي قائد کي به “ديده ور“ يعني ڊگهي نظر رکڻ وارو سمجھي ٿو. ظاهر آهي ته هن ڪتاب م ڀٽي جي تعريف ٿيل آهي،سندس خيالن کي وڌيڪ وضاحت سان ۽ ان وقت جي حالتن ۽ واقعن جي پس منظر ۾ بيان ڪيو ويو آهي پر پنهنجي ايندڙ ڪتاب ” ۽ لائين ڪٽجي ويئي.“ ۾ مصنف انهن شين جو تجزيو به ڪيو آهي جيڪي مارشل لا جو سبب بڻيون ۽ جن ۾ مصنف مطابق ڀٽي جون پنهنجون غلطيون به شامل آهن.اسان کي ليکڪ جي ان ڳالهه تي سندس انصاف پسنديء کي به داد ڏيڻ گھرجي جنهنجو ذڪر هو ڪتاب جي ديٻاچي م ڪري ٿو؛ ”ڪنهن کي قائد ۽ ديده ور مڃڻ جو مطلب اهو ناهي هوندو ته ان کي هر خطا ۽ غلطيء کان پاڪ سمجھيو وڃي.وڏن شخصيتن جون غلطيون به وڏيون هونديون آهن ۽ بعد جي ڪن مرحلن ۾ مون ڪن ڳالهين ۾ اهڙي ڪا نشاندهي ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته مون پنهنجي ديده ور قائد جي شان ۽ مرتبي ۾ ڪا گھٽٽائي ڪئي آهي.هڪ سياسي رفيق ۽ هڪ جاگير تي ڪم ڪندڙ هاريء جي حقن ۽ فرضن ۾ جيڪو فرق روا رکڻ گھرجي،اهو نظر ۾ هجي ته پڙهندڙن کي ڪو شڪ نه ٿيندو.“

    جيڪر اسان سڀ پنهنجن زندگين ۾ مولانا ڪوثر نيازي جي ان اصول تي عمل ڪريون ته سياسي،مذهبي ۽ سماجي هر قسم جي اختلافن کي آسانيء سان ختم ڪري معقوليت تي ٻڌل بيانيو جوڙي سگھون ٿا.پاڪستان جي سياسي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي مولانا ڪوثر نيازيء جو هي ڪتاب ان موضوع تي آخري حرف سمجھڻ سواء ضرور پڙهڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو