واه سائين واهه۔ اسان جي سنڌ جي مهان راڳين مان هڪ مرحوم جلال چانڊيو جي هڪ وڊيو هٿ ٿي آهي۔۔۔۔۔ ڪنهن دوست سُٺي ايڊيٽنگ ڪري گاني جي وڊيو جنهن ۾هڪ انگريز ڳائي رهيو آهي ان ۾ هُن اسانجي ٽريڪٽر ڊرائيورن جي دل جي ڌڙڪن کي ان جي آوز جي جا تي لڳائي ڇڏيو آهي۔ دوستن کي گذارش آهي ته هي وڊيو ڏسن ۽ پنهنجن راين کان ضرور واقف ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=E94NaJU3sOA&feature=related
جواب: جلال چانڊيو لنڊن جي هجوم ۾۔۔۔۔۔ پهرين سوچيم ته ادا ڪٿي اهو ايڊيٽنگ ڪرڻ وارو اسان وارو دوست رام رکيو ته نه آهي۔۔۔ پر يار نالو وري اسلم چانڊيو جو ٿو اچي۔۔ خير سٺي ڪوشش آهي
جواب: جلال چانڊيو لنڊن جي هجوم ۾۔۔۔۔۔ کل ڀوڳ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي ۔۔۔ پر يار رنجيت آءُ ته ووٽ وري به جلال چانڊئي کي ڏيندس ۔۔۔ سنڌي ٽوپيءَ سان، سنڌي منهن مهانڊي سان، سنڌي عوامي شاعري، ۽ سنڌي ساز، چپڙي ۽ يڪتارو سان ڳايل گيت، سنڌ جي هر ان علائقي ۾ ايئن ڇائنجي ويا جيئن باهه جهنگ ۾ ڦهلجي وڃي، انڪري منهنجو سلام آهي جلال چانڊيي ۽ ٻين انهن سڀني لوڪ فنڪارن کي جي قوم کي ٻين ٻولين جي گيتن ٻڌڻ کان روڪي رکنٿا ۔۔۔ نه ته الامان، سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ پنجاب جا ڳائڻا ڇائنجي ويا هئا، پر جلال چانڊيي ۽ هڪ ٻي مائي ڳائڻي به هئي جا يڪتاري تي چپڙيون کڻي ڳائيندي هئي(نالو وسري ويو آهي)، انهن اسانجي هاري ناري طبقي کي سنڌي گيتن ڏانهن موٽايو ۔۔۔
جواب: جلال چانڊيو لنڊن جي هجوم ۾۔۔۔۔۔ ادا ابڙا صاحب اهيا حقيقت آهي ته جلال چانڊئي صاحب سنڌ ۾ پنهنجو نالو جهر جهنگ ۾ مشهور ڪرايو ، اسان کي ياد آهي ته اسان جي دادو شهر ۾ ڳوٺ اميناڻي شريف ۾ امير پير" ( جيڪو ذات جو پنهور هو ۽ جنهن جا مجاور سيد هوندا هئا، ۽ اهيو پڻ مشهور هو ته پنهور پير سيد مجاور ) جو ميلو لڳندو هو ۽ اتي جلال چانڊيو ۽ اها مائي ( جنهن جو توهان کان نالو وسري ويو آهي پر اگر مان ڪا غلطي نه ٿو ڪريان ته ان يڪتاري چپڙي واري مائي جو نالو هو روبينه حيدري ) پڻ ايندا هئا ۽ ڇا ته عوام هوندو هو جو اڄ مان سوچان ٿو ته حيران رهجي ٿو وڃان۔ جلال چانڊيو ۽ روبينه حيدري ( جيڪا ڪافي عرصي کان گمنام آهي خبر به نه آهي ته اها ڪهڙي حال ۾ آهي، ۽ زنده به آهي يا نه ) جي لاء ته ماڻهون ديوانه هوندا هئا۔ ۽ ڳوٺن ۾ ته زمينن تي ٽريڪٽرن ۾ پڻ جلال چانڊئي کي عشق ۽ محبت مان ٻڌو ويندو هو جنهن جي جهلڪ توهان هيٺ وڊيو ۾ پڻ ڏسي سگهو ٿا۔ڇا ته زمانو هو۔ دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم جلال چانڊيو جون انساني ڪمزوريو ۽ غلطيون معاف ڪري ۽ کيس جنت ۾ جايون عطاء ڪري ۔ آمين http://www.youtube.com/watch?v=dCZ-uGp3MW4