شفيق الرحمان شاڪر دنيا جي سياسي تاريخ ۾ اهو شايد پهريون عجيب واقعو آهي جو هڪ اهڙو ڏوهاري جنهن کي ملڪ جي عدالتن ڪرپشن ۽ بدعنوانيء جو ڏوهي قرار ڏيندي کيس ستن سالن جي سزا ٻڌائي انهيء کي سندس جماعت جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جلوس جي شڪل ۾ نچندي ۽ ڪڏندي ٻيهر جيل ڀيڙو ڪري واپس موٽي آيا.سياسي اشرافيا عوام جي نالي تي جيڪي به ڪلور عوام سان ڪندي رهي آهي انهيء جو ذميدار انهن اڳواڻن سان گڏ خود هن ملڪ جو عوام پاڻ به آهي.هڪ طرف عدالتون ڪنهن به اڳواڻ کي ان ڏوهه ۾ سزا ڏين ٿيون ته هن عوام سان ويساهه گھاتي ڪري.پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪندي،دوکي ۽ بدعنوانيء ذريعي عوام جو پئسو ڦريو ۽ لٽيو جنهن ڪري هن وقت عوام هنن ڪسمپرسيء وارين حالتن مان گذري رهيو آهي ته ٻئي طرف اهو ساڳيو عوام اهڙن ئي ڦرلٽ ڪندڙ ليڊرن جي اڳيان نچي ڪڏي کين هر ڏوهه کان آجو ڪري ڇڏي ٿو يعني جن عوام جو سک ۽ چين برباد ڪيو،جن کين بدحال ۽ مقروض بڻايو،جن کين ٽڪي ٽڪي جو محتاج ڪيو،جن کين زندگيء جون ٻيون سهوليتون ته پنهنجي جڳهه تي پر کين اڄ تائين پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا ناهي ڪيو اهو ئي عوام انهن جا گيت ڳائيندي،سندن جلسن ۽ ريلين ۾ نچندي،سندن حق ۾ نعرا هڻندي ۽ کين دنيا جا عظيم رهبر قرار ڏيندي نٿو ٿڪي.مهانگائيء خلاف ته دانهون ٿين ٿيون پر جيڪي ان مهانگائيء جا بنيادي ذميدار آهن انهن سان عوام جون محبتون برقرار آهن،ملڪ ۾ ناانصافي ۽ لاقانونيت جو ته ماتم ڪيو وڃي ٿو پر جيڪا سياسي اشرافيا ملڪ جي هر قانون کي پنهنجي جتيء جي نوڪ تي رکي ٿي انهن سان ساڳيون عقيدتون قائم آهن.بيروزگاري ۽ بدحاليء جو ته سوڳ ملهايو وڃي ٿو پر جن اڳواڻن عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو انهن جي ساڳي عزت بحال ۽ برقرار آهي.نه رڳو عوام پر حڪومت ۽ رياست به اهڙن ظالمن جي سڌي يا اڻ سڌي حوصلا افزائي ڪندي نظر اچي ٿي،عدالتون به اهڙن ڏوهارين کي رعايت ڏينديون ٿيون رهن.انهن لاء هر معاملي ۾ خاص قسم جي هلت ،رويو ۽ سلوڪ سامهون اچي ٿو.لڳي ٿو ته هي ملڪ ٺهيو ئي ان اشرافيا جي لاء آهي.انهن سواء نه جمهوريت جي ڪا وصف ٿي مڪمل ٿئي ۽ نه سياست جي ڪا سونهن ٿي باقي رهي.اهي شاهاڻي انداز ۾ حڪومت ڪن ٿا،شاهاڻي انداز ۾ ڏوهه ڪن ٿا،شاهاڻي انداز ۾ عدالتن ۾ پيش ٿين ٿا،شاهاڻي انداز ۾ جيل داخل ٿين ٿا ۽ شاهاڻي انداز ۾ جيل کان ٻاهر اچن ٿا.ان ڪري جو اهي هن ملڪ جا شهنشاهه آهن.ٻيو سمورو غريب عوام سندن رعيت آهي.آئين ۽ قانون ۾ جيڪي حق مليل آهن اهي به رڳو انهن جا آهن،رياست طرفان ملندڙ سمورين رعايتن ۽ سهوليتن تي به رڳو انهن جو ئي اڪيلو حق آهي.احتساب احتساب جي گردان پڙهندڙن کان ڪو اهو ته پڇي ته هن ملڪ ۾ اڄ تائين ڪهڙي طاقتور جو احتساب ٿيو آهي؟ سياست جي دنيا جي انهن مهذب ڌاڙيلن کان اڄ تائين ڪنهن روپيو به واپس وصول ڪيو آهي؟غريبن کي ملندڙ زڪوات جي پئسن کان اسپتالن ۾ ملندڙ دوائن جي بجيٽ اهي هضم ڪيو وڃن،ترقياتي اسڪيمن جو سمورو فنڊ هڙپ ڪيو وڃن،ناجائز ۽ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن جي مد ۾ ماڻهن جي وات جو لقمو کسي ويا،شهرن ۽ ڳوٺن کي انهن برباد ڪري ڇڏيو،زراعت جي ستيا ناس ڪيائون،قدم قدم تي انصاف ۽ قانون جو جنازو ڪڍندا رهيا،غريبن.لاچارن،هارين ۽ مزدورن کي معاشي گھاڻي ۾ نپوڙي سندن رت ۽ ست ڪڍي چڪا پر شاباس هجي رياست ۽ رياستي ادارن کي جن انهن جو اڄ تائين وار به ونگو ناهي ڪيو. سلام هجي هن ملڪ جي عوام کي جيڪي اڄ به انهن تان پنهن جو سر ۽ ساهه صدقي ڪرڻ لاء آتا آهن،خراج تحسين پيش ڪجي انهن دانشورن کي جن کي هن ملڪ ۾ رڳو ان اشرافيا جي بنيادي حقن تي ئي ڳڻتي آهي.ٻه ٽي ڏينهن اڳ جو واقعو آهي جو هڪ ڳورهاري عورت ويم لاء اسلام آباد جي پمس اسپتال پهتي ته ڊاڪٽرن اهو چئي کيس اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته جيئن ته هن وٽ شناختي ڪارڊ يا نڪاح نامو موجود ڪونهي ان ڪري اهي کيس اسپتال ۾ داخل ڪري نٿا سگھن. ساڳي عورت شديد تڪليف جي حالت ۾ گھر موٽي ويئي ۽ پنهنجي مڙس سان گڏ شناختي ڪارڊ کڻي واپس اسپتال پهتي ته ڊاڪٽرن کيس اهو چئي ٻيهر واپس ڪري ڇڏيو ته في الحال کيس ويم واري صورتحال سامهون ناهي ان ڪري هن کي اسپتال داخل ڪري نٿو سگھجي،ويچاري بيوس عورت آخر ڪري به ڇا ٿي سگھي،لاچار ٿي واپس گھر موٽي ويئي.گھر پهچڻ تي کيس تڪليف ۽ درد حد کان وڌي ويو ته صبح چئين وڳين وري مڙس کي ساڻ ڪري اسپتال پهتي پر افسوس جو ويم وقت سندس ٻار مري چڪو هو.اهي آهن اسان جون حڪومتون جيڪي غريبن جي درد ۾ سڙنديون ۽ سڪنديون ٿيون وڃن ۽ اها آهي اها تبديلي جنهن جا نعرا هڻندي نه ته حڪمرانن کي ڪو شرم ٿو اچي ۽ نه ئي سندن چاپلوس چمچن کي ڪو حيا ٿو ٿئي.رياست ڪٿي آهي جنهن پنهنجي هر شهريء سان سندس جان،مال ۽ عزت جي حفاظت جو وچن ڪيو آهي؟ هڪ اهڙو معصوم ابهم وجود جنهن کي دنيا ۾ اک کولڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو،اهو ڏٺو وائٺو قتل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟هڪ اهڙو ملڪ جتي ڪنهن جو شناختي ڪارڊ يا نڪاح نامو چڪاس ڪرڻ سواء سندس طبي چڪاس ڪري نٿي سگھجي،جتي ڪنهن جيو کي کڙيون رڳڙي قتل ٿيندي ته رياست ڏسي سگھي ٿي پر پنهنجن ڪارندن جي اهڙن ڪارن ڪلورن تي ڪا ڪاروائي ڪري نٿي سگھي.جتي ڪا اميد هاري ناري پنهنجن نيڻن ۾ ڪنهن نئين جيو جي آمد جي آس سجائي وڏن امتحانن بعد ڪنهن سرڪاري اسپتال جي در تي ته پهچي پر واپسيء تي پنهن جي ڪڇ ۾ ڪنهن معصوم ابهم جو لاش کڻي گھر پهچي ٿي انهيء سوال سان ته ” ماء جهڙي ممتا رکندڙ رياست ڪٿي آهي؟“