• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ﭘﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﭘﻴﻐﺎﻡ

ساجد سنڌي

سينيئر رڪن
ﭘﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﭘﻴﻐﺎﻡ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺘﻮ
ﺍڏﺍﻣﻨﺪﺍ ﻭﻳﺎﺳﻴﻦ ﻫﻴﺮ ﻭﺍﻧﮕﺮ

ﻣﻔﺎصلن ﮐﻲ ﮀڏﻳﻮ ﻣٽﺎﺋﻲ
ﻟﮑﻴﻞ ﺍﮐﺮ ﺗﻲ ﻟڪﻴﺮ ﻭﺍﻧﮕﺮ

ﺍﭼﻲ ﭜﻼ ﮀﻮﻧﮧ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀ ﺟﻲ
ﺍﺩﺍﺱ ﻣُﻨﻬﻦَ ﺗﻲ ﺧﻮﺷﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﻭﺟﻬﺮ
ﭘﺮﻳﻦ ﺑﮧ ﺍﺟﺮﻭ ﺍﺳﺎﻥ ﺑﮧ ﺍﺟﺮﺍ
ﻭﻓﺎ ﺑﮧ ﺍﺟﺮﻱ ﺁ ﮐﻴﺮ ﻭﺍﻧﮕﺮ

ﮀﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﺩﻝ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﺳﺎﻥ ﻫﺮ ﻫﺮ
ﺍﮐﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﻥ ﮐﻲ ڏﻳﺎﻥ ﭤﻮ ﺑﻮﺳﺎ
ﻣﺎﻥ ﺳﻮﻥ ﺟﻬڙﻱ ﺣﺴﻴﻦ ﺑﺖ ﮐﻲ
ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ ﭘﻴﺮ ﻭﺍﻧﮕﺮ

ڏﺋﻲ ﭤﻮ ﻣﺪﻫﻮﺵ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ
ڏﮐﻦ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﺩﻝ ﮐﻲ ﺁﭤﺖ
ﺭﻫﻦ ﭤﺎ ﻫﺮ ﺩﻡ ﺍﻧﻴڪ ﺟڊﺑﺎ
ﭘﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺩﺭ ﺗﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﺍﻧﮕﺮ

ﻣﺪﻫﻮﺵ ﭜٽﻮ
 
Back
Top