تبديلي جي ڪيفيت کي پيدا ڪرڻ واري قوت

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ غلام مجتبي راهوجو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2019۔

  1. غلام مجتبي راهوجو

    غلام مجتبي راهوجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2019
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    هر هڪ انسان تبديلي جو خواهشمند نظر پيو اچي. ۽ اهو بهتر کان بهترين حالت جي طرف وڃڻ چاهي ٿو. ۽ هي هڪ فطرتي تقاضا به آهي. ڇو ته خالق ڪائنات به هن دنيا ۾ تبديل ٿيڻ وارو نظام رکيو آهي ڏسو ڪجهه وقت رات آ ته ڪجهه وقت ڏينهن آ اهڙي طرح ڪڏهن سردي آ ته ڪڏهن گرمي آ ۽ ڪڏھن وري موسم بهار آهي. ۽ اهي جيڪي به تبديليون نظر اچن ٿيون قدرت جي طرفان آهن. ۽ اهي سڀ حڪمت کان خالي نه آهن کوڙ ساريون حڪمتون رکيون ويون آهن ليڪن انهن کي بيان ڪرڻ هن جڳھ تي مقصد نه آهي. ان جي ڪري انهن کان صرفِ نظر ڪندي اچون پيا پنهنجي مقصد جي طرف ته اها تبديلي جي ڪيفيت ڪيئن پيدا ٿيندي؟
    آخر اها ڪهڙي قوت آهي جنهن جو سهارو وٺون ته اها تبديلي جي ڪيفيت پيدا ٿئي ۽ واقعي انسان جي زندگيءَ ۾ تبديلي اچي وڃي. ۽ انسان جي لاءِ بهتر کان بهترين حالت جي طرف وڃڻ آسان ٿي پوي. جڏهن اهو سوال ذهن ۾ رکي انساني تاريخ جو مطالعو ڪيو سين ته ڪيتريون ئي اهڙيون قومون نظر آيون جن ۾ تبديلي آئي آهي. پهريان انهن جي حالت ابتر هئي ۽ بعد ۾ انهن جي حالت بهتر ٿي. جنهن مان اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته تبديلي ڪا اهڙي شي۽ ناهي جيڪا نا ممڪن هجي. ليڪن سوال وري به ساڳيو ئي باقي آهي ته تبديلي آئي ڪيئن؟
    سو ان سوال جو جواب ڳولهڻ جي لاءِ جڏهن تاريخي ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي سون ته ڪٿي تبديلي جو سبب قومن جو ڪنهن به هڪڙي نقطي تي متحد ٿيڻ نظر آيو جيئن بني اسرائيل قوم جو فرعون جي غلامي مان نڪرڻ واري نقطي تي متفق ٿيڻ. اهڙي طرح ڪٿي وري تبديلي جو سبب باطل نظريئي کي مات ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي قائد جي اڳواڻي ۾ رهي ڪري ميدان عمل ۾ اچڻ آهي. جنهن سان انهن هميشه جي لاءِ حق جي پرچم کي بلند ڪري ڏيکاريو. ڪٿي وقت جي قرباني تبديليءَ جو سبب ٿي ته ڪٿي جان جي قرباني تبديليءَ جو سبب ٿي. الغرض ڪيترا ئي اسباب ٿي سگھن ٿا ليڪن انهن سڀني مان طاقتور سبب آفاقي پيغام کي يعني قرآن حڪيم جي هدايتن تي عمل ڪري پنهنجو لائحه عمل تيار ڪرڻ آهي. جنهن سان حقيقي تبديلي به ايندي ته ان سان ملڪ ۽ قوم جي حالت کي بهتر بنائڻ ۽ خوشحال بڻائڻ ۾ به مدد ملندي. ۽ اها ڳالهه ثابت به آهي.
    ڏسو جيڪڏهن اسان قرآن ۽ صاحب قرآن جي اچڻ کان پهريان عرب جي حالت جو مطالعو ڪيون ته عربن جي حالت ابتر کان ابتر نظر ايندي. عرب هڪ اهڙي قوم هئي جيڪا صحرانشين هئي، غريب هئي، اگھاڙن پيرن سان هئي، جن وٽ لباس جو اهتمام گهٽ هيو، علم کان عاري هيا، پنهنجي زماني جي سپر پاورز ۾ انهن جو نالو نه هيو، جن وٽ نياڻي جو ڄمڻ معيوب سمجهيو ويندو هيو. اهڙي قوم جي حالت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قرآن ڪريم اچي ٿو ته جيئن ان قوم جي نئين تشڪيل ٿئي. ۽ ان کي زمين جي پستي کان کڻي ڪري آسمان جي بلندي تي پهچائي، ان قوم جي دلين کي الله سان جوڙي ڇڏي ته جيئن ان قوم جو مقصد صرف ۽ صرف خدا جي ذات بنجي وڃي. ۽ قرآن شريف اها تبديلي صرف چند سالن ۾ ڪري ڏيکاري.۽ قرآن ڪريم ان تبديليءَ جو پهريون اصول جيڪو بيان ڪيو اهو آهي "قوم کي پنهنجي حالت جي تبديل ڪرڻ تي آماده ڪرڻ" ڇوجو خداوند ڪريم به ان قوم جي حالت تبديل ڪندو آهي. جنهن کي پنهنجي حالت پاڻ تبديل ڪرڻ جو خيال هجي. ان جي ڪري چند ئي سالن ۾ عرب جي صحرا کان هڪ نئين طاقت اڀري جنھن روم ۽ فارس جي قديم سلطنتن کي ختم ڪري عزت ۽ ذلت جي معيار کي تبديل ڪري ڇڏيو. صحابا ۾ قرآن مجيد جي ذريعي جيڪا بنيادي تبديلي آئي ان جو سبب انهن جو قرآن سان تعلق هيو. اهي قرآن جي قدر و قيمت کان واقف هيا. ۽ ان جي مقصد ِنزول کي به خوب سمجھندا هيا. ۽ ان سلسلي ۾ انهن جو پھريون استاد ۽ معلم ۽ مربي رسول الله ﷺ جي ذات با برڪات هئي. ان جيڪري جيڪڏھن واقعي اسان به تبديلي جا خواهشمند آهيون. ۽ تبديليءَ جي ڪيفيت پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ ٿا چاهيون ته پوءِ قرآن حڪيم جي دامن کي مضبوطي سان وٺڻو پوندو ۽ قرآن شريف سان تعلق کي مضبوط ڪري رسول الله صلي الله عليه وسلم جي اتباع کي پنهنجي لاءِ لازم ڪري ميدان عمل ۾ اچڻو پوندو. ۽ اها ئي اها طاقت آهي جنهن سان تبديلي جي ڪيفيت پنهنجي اندر پيدا ڪري سگهجي ٿي. ۽ ان کان پوءِ
    ان شاءالله دنيا جي ڪابه طاقت هن قوم ۽ ملڪ جي حالت کي بهتر بنائڻ کان نه ٿي روڪي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو