قلندري فلسفو

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ غلام مجتبي راهوجو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2019۔

  1. غلام مجتبي راهوجو

    غلام مجتبي راهوجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2019
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    اسلامي مهينن جي اعتبار سان هلندڙ مهينو شعبان المعظم جو آهي. جنهن کي تاريخي لحاظ سان وڏي حيثيت حاصل آهي. ڇو ته هن ئي مهيني ۾ سيدالشهداء امام حسين عليه السلام جي ولادت آهي. اهڙي طرح شب براءت" يعني نجات واري رات" به هن مهيني ۾ آهي. اهڙي طرح اسان جي هن سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين جو وصال با ڪمال به هن مهيني جي اٺ تاريخ تي آهي. اهڙي طرح قبلي جي تبديلي جو حڪم به شعبان جي مهيني ۾ آيو. ۽ اهڙي طرح حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر شهباز جي وفات اٺارهن شعبان تي ٿي آهي. جنهن کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ، جنهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ پري پري کان پانڌيئڙا قلندر جي نگري ۾ موجود آهن. قلندر جي درٻار تي ڪيئي قافلا ويندي ڏسي ڪري انهن جي محبت ۽ پيار کي ڏسي ڪري منهنجي ذهن ۾ بار بار اهو سوال پيو اچي ته جنهن بزرگ کي اٺ صديون گذري ويون هجن جنهن کي ان دور جي ماڻهن ڏٺو به نه آهي. ۽ اهي ماڻهو فريفته لڳا پيا آهن. ۽ ان جي محبت ۾ ايتريون تڪليفون برداشت ڪرڻ کي به
    پنهنجي لاءِ سعادت ٿا سمجهن آخر اها ڪهڙي شيء آهي جيڪا انهن کي ايترو مجبور ڪيون ويٺي آهي؟ جڏهن ان سوال تي غور و فڪر ڪيو ويو ته نتيجي ان تي پهتاسين ته ڪا ته اهڙي شيء انهن وٽ آهي جيڪا انھن کي هميشه زنده رکيون پئي اچي. ليڪن اها آهي ڪهڙي شيء؟ ان سوال جي جواب ۾ يقيني طور چئي سگهجي ٿو ته حضرت قلندر شهباز جو اهو عشق ۽ محبت وارو فلسفو آهي جنهن جي ڪري اڄ به ان جي محبت ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪيون ويٺي آهي. جيئن فارسيءَ ۾ ڪنهن عاشق چيو ته
    ""هرگز نه ميرد آنڪه دلش زنده شد بعشق ""
    حضرت لعل شهباز قلندر جي فلسفي ۾ موج ۽ مستي آ، عشق الستي آ، جيڪو هر واهڻ وستي آ، جنهن سان ٿي آباد دلين جي بستي آ. پر ياد رکو ته سندن اهو جهومڻ ۽
    اها وجد ۽ جذب جي ڪيفيت ڪنھن دنياوي غرض ۽ مقصد خاطر نه هئي بلڪ پنهنجي ان حقيقي خالق ۽مالڪ جي ياد ۽ محبت ۾ هئي. ڇو ته حضرت لعل شهباز قلندر جيئن عاشقن جي ٽولي جو سرواڻ ۽ سرخيل آهي ته ايئن عالمن جي جماعت جو به اڳواڻ ۽ رئيس آهي. جنهن جا پنهنجي هٿن سان لکيل ڪتاب نه صرف مدارس ۾ لائبريري جي زينت آهن بلڪه اهي سبقن پڙهايا به وڃن ٿا. حضرت محمد عثمان مروندي جتي قرآن حڪيم جو حافظ هيو ته اتي پاڻ ناطق قرآن به هيو. ۽ پاڻ دين ۽ شريعت جو هڪ برک عالم به هيو. سندس وٽ شريعت جي اصول و ضوابط جي تمام گھڻي پابندي هوندي هئي. ۽ هر معاملي ۾ شريعت جي حڪم کي اوليت به حاصل هوندي هئي.
    ليڪن افسوس وچان چوڻو ٿو پوي ته ان قلندر شهباز جي عرس تي اچڻ وارا، سائينءَ سان پنهنجي محبت جي دعوا ڪرڻ وارا، پاڻ کي قلندري فلسفي جا پيروڪار سڏائڻ وارا، ائين ته شرعي حدن کي ٽوڙيندي پيا نظر اچن. ۽ وري دنيا جي سامهون زنده دليري سان شرعي حدود جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي فخر به محسوس ٿا ڪن جو ڄڻ ته سائين ڪو تازو ان شئي جو حڪم ڏنو هجي. "" توبہ نعوذ بالله "" سندس عرس تي برائي ۽ بيحيائي جي ڪمن کي عام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا هڪ الله جي ڪامل ولي جي دربار تي نه فقط نامناسب آهي بلڪه انتهائي وڏي بي ادبي آهي ۽ عذاب الاهي کي دعوت ڏيڻ جي مترادف آهي. ان جي ڪري اوقاف کاتي جي ذميدارن کي ان پاسي توجهه ڏيڻ گھرجي ۽ اتي هلندڙ تمام برائين کي ختم ڪري ان جڳھ تي حڪومت وقت جي مدد سان هڪ عظيم يونيورسٽي قائم ڪرڻ گهرجي. جنهن سان حضرت لعل شهباز قلندر جي حقيقي فلسفي کي به عام ڪري سگهجي ٿو ته سندس انسانيت جي لاءِ بيان ڪيل فڪر کي پوري دنيا ۾ پهچائي سگهجي ٿو.۽ اهو ئي سندس پنهنجي اباڻي علائقي آذربائيجان کي ڇڏڻ جو مقصد هيو ته توحيد جي چاشني ۽ محبت مصطفي جي مٺاس کي پنجتن جي پيار سان ۽ رسول مڪرم جي صحابه جي پرچار سان پوري دنيا جي انسانن کي چکائجي. جنهن جي ڪري پاڻ دور دراز علائقن کان سفر ڪندي ۽ اتان جي ماڻهن کي اها محبت واري مٺاس چکائيندي بالآخر سر زمين سنڌ کي اچي پنهنجو مسڪن بڻايائون. ۽ محبت ۽پيار جا مڻ هن سهڻي ۽ سٻاجهڙي سنڌ ۾ ورهايائون جنهن جي خوشبو اڄ به عاشقن کي سندس مزار تي حاضري ڀرڻ سان محسوس ٿئي پئي. هي هڪ اسان سنڌ واسين جي مٿان وڏو ڪرم آهي ۽ ان احسان جي ياد تازه رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سندس نالي سان سندس ئي نگري ۾ هڪ اسلامڪ يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آڻجي.
    (حضرت لعل شهباز قلندر جي ميلي جي مناسبت سان)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو