انسانيت مذهب آ جو ڌونگ ڪندڙن ڏانهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    انسانيت مذهب آ جو ڌونگ ڪندڙن ڏانهن.

    انسانيت مذهب آهي چوندڙ کان مان پڇان ٿو پهريان ٻڌايو ته سهي اهو مذهب آيو ڪٿان آهي ڪنھن ٺاهيو آهي ڪڏهن ٺاهيو يا ڪنهن تي الهام ٿيو آهي اهو به الهام ڪڏهن ۽ ڪنهن تي ٿيو آهي جو اوھان ھر وقت انسانيت اعلئ مذهب آهي جو رينگٽ شروع ڪري ڏنو آهي. اسان وٽ اعلئ مان اعلئ مذهب اسلام آهي اسان کي حضور اڪرم ﷺ جيڪا انسانيت جي اهميت خدمت ڏسي آهي اها تمام مذهبن کان مٿاڇري آهي ان ۾ ڪاري کي ڀوري تي عجمي کي عربي تي فوقيت ناهي اسلام جي اندر هڪ سڪ جا ٻه پاسا آهن جنهن ۾ هڪ انسانيت جي خدمت آهي ته ٻيو پاسو فرضي عبادتن جو آهي جيڪر هڪ پاسي کي وٺندو ته ٻئي پاسي ڪوڙو ٿي پوندو يا کوٽو ٿي پوندو ڇو ته اسلام جي اندر رهي ڪري انهن ٻنهي پاسن کان مظبوطي سان پڪڙڻو آهي هي اسلام مذهب جيڪو نه ڪنهن ماڻهوءَ ٺاهيو آهي نه ئي ڪنهن ٻئي مخلوق اسان خوش نصيب آهيون جو هي اسلام مذهب جيڪو سيڌو الله پاڪ جي طرفان مليل آهي حضور اڪرم ﷺ جيڪو راھ رستو ٻڌايو آهي اسان کي ان تي عمل ڪرڻ آھي جيڪو الله جي حڪومن جي نافرماني ڪندو اهو گنهگار ٿيندو جيڪو الله پاڪ جي حڪومن جي پابندي ڪندو ۽ ان تي عمل پيرا هوندو بيشڪ اهو ڇوٽڪارو لهندو اسان وٽ نوجوان نسلن کي باربار اهو ذهن ۾ وڌو ويندو آهي ته دنيا ۾ ڪجهه ئي ناهي سواءِ انسانيت جي خدمت جي سو خدارا ٿورو پنهنجو مطالعو وسيع رکو ته اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته انسانيت جو قدر انسانيت جي خدمت جو درس حڪم جيڪو اسان کي قرآن شريف ۾ ملي ٿو يا اسان کي اسان جي نبي ﷺ جي فرمان مان ملي ٿو يا حضور اڪرم ﷺ جي زندگي طيبه مان ملي ٿو ان تي اسان کي عمل پيرا هجڻ گهرجي الله پاڪ جو حڪم آهي ته اوهان هڪ ٻئي جي مدد ڪندا رهو هڪ ٻئي کي هدايت ڪندا رهو جو اوھان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. اهو ته اسان کي الله جو حڪم آهي ته هر انسان جي مدد ڪيون اهو ئي سبب آهي جو اسان جي اسلام ۾ ڀاء جا الڳ حق آهن والدين جا الڳ الڳ حق آهن پاڙي وارن جا الڳ الڳ حق آهن ته بزرگن جا الڳ الڳ حق پڻ رکيل آهن جن کي اسان سٺي نموني سان ادا ڪيون ته اهيا انسانيت جي خدمت ئي ٿي ويندي جيتري انسانيت جي خدمت جو درس حڪم اسان جي اسلام ۾ آهي ايترو ڪنهن ٻئي مذهب ۾ حڪم ناهي ڏنل اوهان جي ڳالهائڻ مان متان ڪنهن کي ڪا تڪليف ٿئي ان ڪري ته الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته.. ڳالهايو سهڻو سهڻو... انسانن کي يا جانورن کي به ڪا تڪليف نه پهچي ان ۾ ئي انسانيت آهي. اسان چون ٿا ته انسانيت جي خدمت ڪيو اهو اوھان تي حق به آهي مگر اهو ڏڦيڙ نه وجهو ته انسانيت جي خدمت ڪو مذهب ئي ڪو الڳ الڳ آهي مڪي پاڪ ۾ هڪ عورت حضور ﷺ جي تبليغ جون ڳالهيون ٻڌي ٻڍڙي شهر ڇڏي وڃي رهي هئي پر سامان کڻائڻ لاءِ ڪنهن مزور جي انتظار ۾ هئي ائين حضور اڪرم ﷺ اچي ويو ان عورت سان حضور اڪرم ﷺ ئي سامان کڻائي هليو اها هئي به غير مسلم تنهن هوندي به حضور اڪرم ﷺ ان جي مدد لاءِ اڳڀرو هليو هڪ ٻئي عورت حضور اڪرم ﷺ جي رستي تي ڪچرو اڇلي ويندي هئي جڏھن بيمار ٿي ته حضور اڪرم ﷺ ان جي ايادت ڪرڻ پاڻ تشريف وٺي ويا اهيا انسان ذات سان محبت هئي انسانيت ان ۾ آهي جو اوهان جي زبان هٿن پيرن کان ٻيا ماڻهو محفوظ رهن اوهان جي جان مان ڪنهن کي ڪو به خطرو نه هجي جڏهن حضور اڪرم ﷺ هجرت ڪري مديني شريف پهتا ته ٻيا به مسلمان مديني شريف ڏانهن هجرت ڪري آيا مديني شريف جي مسلمانن انهن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جنهن جي گهر ۾ ٻه شيون هيون هڪ پنهنجي لاءِ ٿئي رکيائون ۽ هڪ ٻه مسلمان ڀائرن کي ٿئي ڏنائون پر هڪ اهڙو به مديني شريف ۾ رهڻ وارو هو جنهن کي ٻه زالون هيون هڪ مائي کي طلاق ڏنائين ته جيئن ٻئي مسلمان سان شادي ڪري ان کان وڌيڪ ڪا انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ٿي حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه رات جي وقت پهرو ڏيندو هو متان ڪنهن جو مال چوري ٿي نه وڃي متان ڪو تڪليف ۾ هجي ته ان جي مدد ڪيان ائين کوڙ دفعا رات جو پهرو ڏيندي عوام جون خدمتون ڪندو رهندو هو ڇا انهن جو مذهب اسلام نه هو؟؟.
    هڪ اصحابي سڳورو فرمائيندو هو اسان اسلام جي تبليغ ڪندا هئاسين اسان کي پائڻ لاءِ جڏهن هڪ چادر ملندي هئي ته اسان ان کي ٻه اڌ ڪندا هئا سين هڪ اڌ مان يعني اهو اصحابي ٻڌندو هوس ۽ اڌ منهنجو ساٿي ٻڌندو هو
    هي سڀ حڪم احڪام انسانيت سان ڀلائي اسان جي اسلام ۾ ئي جيتري آهي اوتري ڪنهن به ٻئي مذهب ۾ ناهي بک کي کارائڻ اگهاڙي کي ڍڪائڻ سڀ اسلام جا احڪام آهن . نه ئي ڪو انسانيت ڪو ٻي مذهب آهي اوھان قرآن شريف جي تلاوت سان گڏ ان جي معنى به پڙهو حضور اڪرم نورِ مجسم ﷺ جي حديثون کي پڙهو ۽ اصحابن جي زندگيون جو مطالعو ڪيو ته اوهان کي خبر پئي ته انسانيت جو قدر انسانيت جي خدمت جو حڪم اسان جي جيتري اسلام ۾ ملندي ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ نه ملندي اسلام هڪ مظبوط پڪو سچو ۽ حق وارو مذهب آهي اسلام امن ڀائچاري رواداري ٻڌي جو درس ڏئي ٿو هڪ ٻئي جي احساسن جو خيال رکڻ ئي اسلام آهي
    _____________________________________
    اصغر علي جمالي / دادو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو