سائين جي ايم سيد جي بي داغ شخصيت ۽ قصو ڀنگ جو

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سائين جي ايم سيد ڀنگ پيندو هو؟

    سهيل ميمڻ

    جڏهن صفا اڪيلا هوندا هياسين ايتري تائين جو ماستر به نه هوندو هو ته مان سائين سان ڪچهريون سياست کان هٽي ڪري ڪندو هيس ۔ هيڏانهن هوڏانهن جا احوال ، چرچا ، ڀوڳ فلمن ۽ اداڪارائن جو ڳالهيون به ۔ پوءِ سائين پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا وڏا قصا ٻڌائيندو هو ۔ هڪ ڀيري مون سائين کان پڇيو ، بابا ڪڏهن ڀنگ پيتوَ ؟
    سائين ، لطيف جي سورمين کان به وڌيڪ دل آويز مرڪ سان مون ڏي ڪنڌ کڻي نهاريو ۽ هيٺيون جواب ڏنائين ۔
    محمد امين کوسو ، محبوب دوست هو ۔ منهنجو عاشق دوست هو ( سائين جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ) هڪ ڀيري مون ڏي ڀنگ جو گلاس کڻي آيو ۽ فرمائش ڪيائين ته هي پي ۔ مون چيون ، مان نه پيندو آهيان ۔ کوسي ضد ڪيو ته اڄ منهنجي هجت آ پيڻي پوندئي ۔ منهنجي لاءِ امتحان جي گهڙي هئي هڪ پاسي منهنجو محبوب ترين دوست هو ۽ ٻي پاسي هر قسم جي نشي کان پري رهڻ جي منهنجي سڄي عمر جو روزو ۽ تپسيا۔ جي پيان پيو ته ايمان پئي ويو نه پئي پيتو ته دلبر دوست پئي رنج ڪيم سو مون کانس گلاس ورتو ان ۾ چيچ ٻوڙي چوپيم ۔
    محمد امين پيار مان ڏٺو ، مرڪيو ، گلاس واپس ورتائين ۽ وڌيڪ نه چيائين ۔ ٻئي پاسا بچيا ۔
    (جيڪب آباد ضلعي جو صاحب دل، بلند همت، مخلص قومي اڳواڻ محمد -امين کوسو-، ڄاماڻي پاڙي جي کوسن مان پنهنجي ناناڻي ڳوٺ مير حيات خان تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب -آباد- ۾ عبدالعزيز خان کوسي جي گھر 11 ڊسمبر 1913ع تي -جنم- ورتو. ڪيترا ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو . سنڌ کان ڪراچيءَ جي جدائي، ون يونٽ جي قيام ۽ مارشل لا دؤر ۾ جڏهن سائين جي. ايم. سيد نظر -بند- رهيو ته -امين کوسو- سندس ساٿي رهيو ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي کيس طويل خط لکندو رهيو. جيڪي اڳتي هلي سائين جي.ايم.سيد ٻن جلدن ۾ ”واڄٽ ويراڳين جا“ جي عنوان سان ترتيب ڏيارائي ڇپرايا. هن آمريتي دؤر ۾ سائين جي.ايم.سيد جي شخصيت تي ”سنڌ جو سيد“ نالي ڪتاب لکيو. 1973ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ عزيز -آباد ۾ ابدي آرامي آهي )

    سھيل ميمڻ جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     
    آزاد عبدالشڪور جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو