شفيق الرحمان شاڪر محبت ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي.سمورا انسان ان بنيادي انساني جذبي کي زندگيء جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾پنهنجي ذات جي لڪيل خانن ۾ ضرور محسوس ڪن ٿا.دنيا جي هر تهذيب ۽ ثقافت ۾ انساني محبت جا داستان اسان کي ان حقيقت جي خبر ڏين ٿا ته قدرت اهو انساني جذبو سڀني انسانن ۾ برابر انداز ۾ ورهايو آهي.صدين کان شاعر محبت جا گيت ڳائيندا رهيا آهن،داستان ٻڌائيندڙ محبت جا داستان ٻڌائيندا آيا آهن.فلسفي محبت جي جذبي جي عقلي وضاحت ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي سائنسدان محبت جي جي جذبي جي اثر هيٺ انساني دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ عصبي ۽ ڪيميائي تبديلين کي پنهن جي کوجنا جو موضوع بنائي رهيا آهن ته جيئن ان ڳالهه جي وضاحت ٿي سگھي ته سچ پچ ۾محبت ڇا آهي؟ ”هيلن فيشر“ اسان جي دور جي هڪ ناليواري انساني ثقافت جي سماجي ماهر آهي.هن پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان ڳالهه ۾ گذاريو آهي ته محبت جي جذبي جي اثر هيٺ انسان اندر ڪهڙيون ڪهڙيون حياتياتي ۽ ڪيميائي تبديليون جنم وٺن ٿيون.”محبت“ کي مختلف حوالن ۽ سطحن تي بيان ڪيو ويندو آهي.مثال،محبت خاص جنسي جذبي جي اظهارطور جنهن کي ڪڏهن هوس سان به تعبير ڪيو وڃي ٿو.محبت رومان طور،محبت وابستگي طور ۽ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ وقتي ڪشش ۽ ميلاپ.فيشر اٽڪل ڏهه سال ان ۾ گذاريا ته اها ايم آر آئي مشين ذريعي محبت جي جذبي جي اثر هيٺ انساني دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين جو مشاهدو ڪري.فيشر معلوم ڪيو ته جڏهن محبت ڪندڙ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسن ٿا ته انهن جي دماغ جا اهي حصا متحرڪ ٿي وڃن ٿا جن جو تعلق لذت ۽ جزا سان آهي.انهن جا نالا ”وينٽرل سيگمينٽل ايريا“ ۽ ” ڪاڊيٽ نيوڪلس“ آهن.ان ۾ جيڪا ڳالهه وڌيڪ ڇرڪائي ٿي سا اها ته ڪاڊيٽ نيوڪلس ۾ هڪ ڪيميائي مادو ٿئي ٿو جنهنجو ڪم دماغ ۾ عصبي ترسيلات کي بحال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.ان عصبي ترسيلي مادي جو نالو ” ڊوپامين“ آهي. ڊوپامين اهو عصبي ترسيلي مادو آهي جيڪو دماغ ۾ تمام گھڻي توانائي پيدا ڪري ٿو.اهو اسان کي ڌيان هڪ هنڌ ڄمائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ زندگيء ۾ اڳيان وڌڻ لاء اڀاري ٿو.اهو ئي سبب آهي جوجڏهن ڪو نئون نئون محبت ۾ ڦاسي ٿو ته سندس جوش جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هو ان جذبي جي اثر هيٺ آسمان جي بلندين کي ڇهڻ گھرندو آهي.سندس هلڻ ڦرڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي.هڪ مستي،هڪ سرخوشي هن جي هر ڪم ۾ ڊوڙندي نظر ايندي آهي.محبت جو جذبو اوهان کي طاقتور بنائي ٿو.اوهان کي تازگي ۽ توانائي ڏيندو آهي،اوهان کي خطرناڪ ڪم ڪرڻ تي اڀاريندو آهي.اسان جي سماج ۾ ڪيئن هڪ سڌي سادي ڇوڪري پنهنجي محبوب جي محبت پائڻ لاء پنهن جي خاندان سامهون بيهي رهي ٿي.سماجي رسمون ٽوڙڻ جي جرئت منجھس پيدا ٿئي ٿي.ان ڳالهه جو جواب اسان کي محبت جي مٿي بيان ڪيل سائنسي وضاحت ۾ ملي ٿو. محبت جي جذبي کي هڪ ٻئي نڪته نظر کان به سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اهو جذبوجنون جي شڪل ڪيئن اختيار ڪري ٿو.ان حوالي سان هڪ دماغي مرضن جي پروفيسر ”ڊونيٽيلا مارا ذيٽي“جي تحقيقتي ڪم گھڻا دلچسپ نتيجا ڏنا آهن.پروفيسر زيٽي ۽ سندس ساٿين تحقيق ڪئي ته محبت جي جذبي ۽ دماغ ۾ هڪ عصبي ترسيلي مادي ”سيروٽين“ جو ڪهڙو تعلق آهي.ان تحقيق ۾ انهن 24 اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو جيڪي گذريل ڇهن مهينن کان محبت جي جذبي ۾ ٻڏل هئا ۽ اهي روزانو چئن کان ڇهه ڪلاڪ محبت جي جذبي سان ڳنڍيل ڪنهن نه ڪنهن سرگرمي۾ شريڪ ٿيندا هئا.عصبي ترسيلي مادو سيروٽين اسان جي دماغ جي سرگرميء لاء تمام گھٽ آهي.پنهنجيء کوجنا ۾ پروفيسر زيٽي ماڻهن جا ٽي گروپ ورتا.پهريون گروپ انهن ماڻهن تي ٻڌل هو جيڪي محبت جي تجربي مان گذري رهيا هئا.ٻيو گروپ انهن ماڻهن جو هو جن ۾ هڪ خاص ذهني مرض خبط اجباري يعني او سي ڊي موجود هو.جڏهن ته ٽئين گروپ ۾ نارمل ماڻهو شامل هئا.جڏهن انهن ٽنهي گروپن جي ماڻهن جي دماغ ۾ سيروٽين جي سطح جو جائزو ورتو ويو ته معلوم ٿيو ته نارمل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ باقي ٻنهي گروپن جي ماڻهن ۾ چاليهه سيڪڙي تائين گھٽ سيروٽين مادو پاتو ويو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته محبت ۽ خبط اجباري مرض ٻنهي ۾ هڪ جهڙيون ڪيميائي تبديليون پيدا ٿين ٿيون.ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته محبت هڪ قسم جو ذهني مرض آهي، محبت ڪرڻ وارا ان کان هوشيار رهن. ”تحصيل نفسي “ جي ماهرن محبت جي باري م ڪيترائي نظريا جوڙيا آهن.اهي نظريا ان ڳالهه جي وضاحت ڪن ٿا ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ ٻئي جي محبت ۾ ڇو مبتلا ٿين ٿا؟ ”سگمنڊ فرائيڊ“ جو موقف آهي ته ڇوڪري پنهنجي والد جي ۾محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿي ۽ ڇوڪرو پنهنجي والده جي محبت ۾. فرائيڊ محبت جي جذبي کي انساني لاشعور ۾ موجود اڃايل خواهش سان ڳنڍي ٿو. اها محبت جنهن کان ٻار پنهنجي زندگيء جي شروعاتي سالن ۾ محروم رهي ٿو اهو نوجوانيء ۾ پنهنجي آسپاس موجود عورتن ۾ تلاش ڪري ٿو.سگمنڊ فرائيڊ جي ابتڙ ”ڪارل يونگ“ محبت جي حوالي سان انسان جي اجتماعي لاشعور ۾ انهن فيڪٽرن کي اهميت ڏئي ٿو جن جو تعلق انساني نسل جي گڏيل نفسيات سان آهي.انهن ٻنهي جي ابتڙ اسان جي دور جو هڪ ماهر دماغي امراض ”ٿامس لوئيس“ جو نظريو هي آهي ته روحاني محبت جون پاڙون ماڻهوء جي ننڍپڻ جي تجربن ۾ هونديون آهن.اسان جڏهن پنهنجي ماء جو کير پيئندا هئاسين ته ڇا محسوس ڪندا هئاسين.جڏهن اسان پنهنجي ماء جي چهري ڏانهن ڏسندا هئاسين ته اسان کي ڪيئن لڳندو هو.اهي نقش ۽ نشان اسان جي دماغ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا ۽ پوء اسان وڏا ٿي انهن ساعتن کي واپس آڻن گھرندا آهيون. ان نظريي مطابق محبت جو تعلق ان ڳالهه سان نٿو ٿئي ته اسان محبت ۾ ڇا حاصل ڪنداسين بلڪه ان ڳالهه سان هوندو آهي ته جيڪي ڪجهه ماضيء ۾ اسان کي حاصل هو اسان ان کي واپس حاصل ڪرڻ گھرندا آهيون. يعني محبت هڪ ردعملي جذبو ٿئي ٿو نه وري ڪنهن عمل جي شروعات ڪرڻ وارو جذبو.اهو اسان کي ماضي طرف وٺي ويندو آهي.اسان کي مخالف صنف اندر ماضيء جي پنهنجي ڪنهن ويجھي هستيء جي جھلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي يا آواز ٻڌڻ۾ ايندو آهي يا خوشبوء ايندي آهي يا ڪنهن ڇهاءجو احساس ٿيندو آهي ۽ ماضيء جون يادون اسان جي ذهن م تازيون ٿي وينديون آهن. محبت جي موضوع ارتقائي نفسيات جي ماهرن کي به پنهنجي طرف مائل ڪيو آهي.انهن ماهرن مطابق محبت جو جذبو انساني بقا سان جڙيل آهي.ان نڪته نظر مطابق اسان انهن ماڻهن سان ويجھڙائي پسند ڪندا آهيون جيڪي اسان کي صحتمند ڏسڻ ۾ ايندا آهن.ارتقائي نفسيات جي ماهرن مطابق صحت جو ستر سيڪڙو تعلق عورت جي چيلهه ۽ ڪلهن جي تناسب ۾ آهي ۽ مردن ۾ مضبوط هاٺيء سان.جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مرد ۾ مرداڻا هارمون گھڻي مقدار ۾ خارج ٿين ٿا.عورت ۾ چيلهه ۽ ڪلهن وچ ۾ تناسب صحتمند ٻار جي پيدائش لاء ضروري آهي ۽ اڀياسن ان طرف اشارو ڪيو آهي ته عورت جو اهو حصو سندس زرخيزيء جي حوالي کان به اهم آهي.ڪجهه ماهر ان ڳالهه تي به يقين رکن ٿا ته ساٿيء جي چونڊ ۾ انسان جو نڪ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.سوئزرلينڊ جي هڪ يونيورسٽي ۾ هڪ نهايت ئي دلچسپ تجربو ڪيو ويو.ان ۾ 29 سيڪڙو عورتن کي مردن جون لاٿل گنجيون سنگھڻ لاء چيو ويو.اهي گنجيون مختلف مردن استعمال ڪيون هيون.انهن مردن جو جينو ٽائيپ جدا جدا هو.جينو ٽائيپ مرد جي بوء ۽ مدافعتي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.جڏهن عورتن گنجين کي سنگھي ورتو ته تحقيق ڪندڙن انهن کان پڇيو ته اهي ٻڌائين سڀ کان سٺي گنجي ڪهڙي آهي ۽ سڀ کان خراب ڪهڙي.ان اهو معلوم ڪيو ته گھڻين عورتن انهن مردن جي پاتل گنجين جي باري ۾ پسند جو اظهار ڪيو جن مردن جو جينو ٽائيپ سندن پنهنجي جينو ٽائيپ کان بلڪل مختلف هو.ان جو سبب اهو ٿي سگھي ٿو جو عورتن جي پسند ڪيل مردن جو مدافعتي نظام،انهن جي پنهنجي مدافعتي نظام کان بلڪل مختلف هو.اهڙيء طرح اهي ان امڪان کي وڌائي رهيون هيون ته سندن ٻار وڌيڪ صحتمند ۽ طاقتور هجن. محبت جي جذبي جي لحاظ کان اها ڳالهه به ڌيان لائق آهي ته انهيء جي شدت سدائين ساڳي نٿي رهي.هڪ وقت هڪ شخص اوهان کي گھڻو پيارو هوندو آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ اوهان جا جذبا بدلجڻ لڳندا آهن.محبت جي شادي ڪندڙ ڪيئي جوڙا ڪجهه مهينن يا سالن بعد هڪ ٻئي کان جدا ٿي وري پنهنجي ڪا نئين زندگي شروع ڪندا آهن.سائنسي کوجنا به ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿي ته جذبا مري وڃن ٿا. ڪجهه ماهرن ان عرصي جو تعين به ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ سراسري طور تي ۾محبت جو تعلق شروع ٿي ختم ٿي ويندو آهي.ان حوالي سان ٿيندڙ کوجنا ان طرف اشارو ڪري ٿي ته سراسري طور تي ڪو روحاني تعلق چئن سالن تائين هلي ٿو.حياتياتي سطح تي ان جي وضاحت اسان جي دماغ جي ڪارڪردگي جي لحاظ کان به ڪري سگھجي ٿي ته ڊوپامين ۾ تبديلي اسان جي جذبن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.محبت ۾ پهرين سطح ڪشش جي آهي.لاشعوري طور تي جسم جي زبان اسان جي راضپي جو اظهار ڪري ٿي.هڪ جوش ڀريل مرڪ،اکين ۾ ڏسڻ، محبت جي سچي جذبي جي ڳولا به ٿي سگھي ٿي ۽ وقتي جنسي تعلق جي خواهش پڻ. محبت جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ محبت کي مختلف سطحن ۾ ورهائين ٿا.محبت ۾ پهرين سطح ڪشش آهي.ڪشش بعد روحاني محبت جي منزل اچي ٿي.ماڻهو محبوب جي ڪنن ۾ چوندو آهي ته آئون تنهن جي لاء آسمان مان تارا به ٽوڙي آڻي سگھان ٿو. مٺيون مٺيون ڳالهيون،تحفا عام طور تي روماني محبت جي جذبي ۾ اضافو ڪن ٿا پر حياتياتي ڪيميادان اهو ٻڌائين ٿا ته روحاني محبت جو اهو جذبو به ڪجهه سالن بعد پنهنجو موت پاڻ مري وڃي ٿو.محبت جي ايندڙ سطح اها هوندي آهي جنهن ۾ محبت ڪندڙ هڪ مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا آهن.شادي محبت ڪرڻ وارن کي هڪ ٻئي جي نهايت ئي ويجھڙائي مهيا ڪري ٿي.انهيء سان اسان کي پنهنجن جبلتن جي تسڪين جو موقعو ملي ٿو جن جو تعلق اسان جي قديم دماغ سان آهي.جبلت جي تسڪين سان گڏوگڏ شادي اسان کي پنهنجو نسل وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.اسان جي ذات جي تسلسل جو ذريعو بڻجي ٿي.محبت ۾ آخري سطح شايد اها اچي ٿي جنهن کي اسان وابستگي يا اٽيچمينٽ چئون ٿا. جسماني تعلق کان اڳتي نسلي بقا جي تصور کان پري رڳو هڪ ٻئي جي وجود سان وابستگي، هيء محبت جي اها سطح آهي جيڪا پڪ سان ڪجهه سالن ۾ ختم نٿي ٿئي. محبت هڪ اهڙو موضوع آهي جنهنجي باري م آخري حرف چوڻ ته ممڪن ڪونهي البت ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته محبت هڪ ازلي ۽ ابدي جذبو آهي جيڪو پوري زمين جي گولي تي وسندڙ انسانن ۾ موجود آهي.محبت جي جذبي نه رڳو انساني زندگيء کي رنگن سان سينگاريو آهي پر ان انساني نسل کي برقرار رکڻ ۽ اڳيان وڌائڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.محبت اهڙو انساني جذبو اهي جيڪو زندگيء جي هر حصي ۾ اسان سان گڏ هلي ٿو ۽ جنهن کان سواء انساني زندگيء جو وجود ناممڪن آهي!