ماضيء جو آئينو؛ ادب ۽ زندگيء ۾ مافوق الفطرت مخلوق.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    دنيا جي نثري داستانن ۾ مافوق الفطرت مخلوق Supernatural Creature جو ذڪر عام ملي ٿو.داستان جي عجيب غريب ۽ عقل کان مٿانهين واقعن جي رنگارنگي گھڻو ڪري اهڙن ڪردارن سبب ئي جنم وٺي ٿي.تنهن هوندي به انهن عجيب غريب ڪردارن تي اعتراض به ٿيندا رهيا آهن اهو الزام لڳائي ته اهي ڪردار انسان جي حقيقي زندگيء سان ڪو تعلق نٿا رکن،انسان جي روزمرهه جي ضرورتن جي نشاندهي نٿا ڪن انهيء ڪري ڪجهه نقاد انهن داستانن کي رڳو خيالي ۽ وهمي ۽ انهن جي مطالعي کي وقت جو زيان قرار ڏيندا آيا آهن.پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته خود حقيقت جو معيار ڇا آهي؟جيڪر اهي ڪردار ايترو ئي فضول آهن ته پوء اهي ان وقت جي ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ ڪيئن گھڙي آيا؟ڇا اڄ جي ترقي يافتا ۽ حقيقت پسند مقامي معاشرت ۾ جن،ڀوت،پريون،ديو ۽ ڏائڻ،سڀاڳي ۽ نڀاڳي جو ڪو تصور موجود ناهي؟انهن داستانن ۾ اهي مافوق الفطرت ڪردار آڻڻ جا ڪهڙا محرڪ هئا؟انهن جي پردي پويان داستان ٻڌائيندڙ جا ڪهڙا مقصد هئا؟داستانن ۾ انهن جي اهميت ۽ فائدو ڪيتري حد تائين آهي؟ ڇا واقعي انهن ڪردارن جو اسان جي حقيقي زندگيء ۾ ڪو وجود ناهي؟انهن ڪردارن اسان جي ذهنن ۾ ڪهڙيء طرح پاڙون پکيڙيون؟ان دور ۾ جڏهن اهي داستان لکيا ويا ۽ اڄ جي دور ۾ جڏهن انهيء صنف کي رد ٿيل قرار ڏنو وڃي ٿو،اسان جي سوچ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟جيڪر سوال ڪيو وڃي ته اڄ جي حقيقت پسنديء واري دور ۾ انهن ڪردارن جي ڪيتري اهميت آهي ته پڪ سان جواب اهو ايندو ته اهي ڪردار اڄ به اوترو ئي اهم ۽ مقبول آهن ڇو ته جيڪر اهي ڪردار مقبول نه هجن ها ته اسان جي قصن ڪهاڻين سواء عالمي ادب ۾ به اهي ما فوق الفطرت ڪردار تخليق نه ٿين ها جهڙوڪ ٽام اينڊ جيري،سپائيڊر مين،آئرن مين ۽ بيري پوٽر وغيره.اهي ڪردار اسان جي حقيقي زندگيء سان لاڳاپو نه رکڻ باوجود به نهايت ئي ويجھو آهن. قصي يا ڪهاڻيء ۾ مافوق الفطرت ڪردارن جي موجودگيء جي حوالي سان ضروري آهي ته قصي يا ڪهاڻيء جي شروعات ۽ ان جي اوثر جو جائزو ورتو وڃي.

    قصي يا ڪهاڻيء جو تصور ايترو ئي پراڻو آهي جيتري خود انساني تاريخ. علم بشريات Anthropology مطابق انساني زندگيء جي شروعات غارن ۽ جنگھلن ۾ ٿي،غارن ۽ جھنگلن کان پوء انسانن ميدانن ۾ هڪ مڪمل مهذب زندگي گذارڻ شروع ڪئي.غارن جي زندگيء کي پٿر جو دور چيو وڃي ٿو.ان دور جي انسان جو گهرو لاڳاپو فطري شين يعني جھنگن،جبلن،پکين ۽ جانورن سان هو. زلزلن،سيلابن يا ڏڪارن سبب ۽ شڪار جي لاء جانورن جي کوٽ هن لاء خوف ۽ پريشانيءجو سبب بني رهي.فطرت جون اهي تخريبي آفتون ،بيماريون ۽ موت جي سڌ ٻڌ انسان جي سمجهه کان ٻاهر هئي.هو نهايت ئي ڊنل،دٻيل ۽ دهشت ۾ ورتل انسان هو جيڪو پنهنجو پاڻ کي نهايت ئي غير محفوظ ۽ بي سهارا سمجھندو هو.ان سڀ جي باوجود هن کي ان ماحول ۾ ئي زندگي گذارڻي هئي.سندس علم محدود پر فطرت جي ويجھو هئڻ ڪري سندس مشاهدو وسيع هو.پنهنجو پاڻ کي ان دٻاء مان ٻاهر ڪڍڻ لاء هن ڪجهه خيالي شڪليون جوڙيون ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهو انهن شڪلين کي پنهنجو پاڻ کان اتم سمجھي سندن پوڄا ڪرڻ لڳو.ان دور جي انسان جي سوچ ۽ ذهني سطح هڪ ننڍڙي ٻار وانگر هئي.هو پنهنجي ذهن ۾ خيالي تصويرون ۽ خاڪا بلڪل اهڙيء طرح بنائيندو هو جيئن ٻار جي ذهن ۾ اهي تصويرون اينديون آهن.پٿر جي دور جا انسان جذباتي طور تي جانورن جي بلڪل ويجھو هئا ۽ کين يقين هو ته انهن جانورن ۾ به انسانن جيان جذبا ٿين ٿا ۽ انهن جو رد عمل به انسانن وارو ٿئي ٿو.ان دور جي انسان لاء وهم ۽ شڪ هر شيء کي پراسرار بنائي ڇڏيو.چنڊ، سج.تارا سڀني کي جاندار سمجھيو ويو.انسان کي هوا،باهه،برسات هر شيء جو تلخ تجربو ٿيو.سڀ کان وڌ موت جي تجربي سان انهن کي هر شيء ۽ هر ڪم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت جو هٿ نظر آيو.انهيء ڪري ئي هر ڪم ڪنهن ديوي يا ديوتا سان منسوب ڪيو ويو.جيئن ته گھڻن سماجن ۾ موت کان پوء ٻيهر زندگي يا روحن جي سڌرڻ يا بگڙڻ جو تصور رائج رهيو ان ڪري جانورن کي انساني روح ۽ انساني وصفن سان ڳنڍيو ويو.ان دور جي ڪهاڻين ۾ اهڙن تصورن ۽ واقعن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو ته ڪو انسان ڪنهن جانور ۾ تبديل ٿي ويو يا هن ڪنهن نانگ يا بلا جي صورت اختيار ڪري ورتي.انهيء کي قلب ماهيت Metamorphosis چيو ويندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن اهو سمجھيو ويندو هو ته مرحوم بزرگ رهنمائي ۽ مدد لاء جانورن ۽ پکين جي صورت ۾ اچن ٿا.ان ڪري انسانن ۾ غيب دان پکين،انسان کان وڌيڪ عقلمند طوطن ۽ لومڙين جو ذڪر هرهنڌ ملي ٿو.خوف جي جبلي احساس کي گھٽائڻ لاء مذهبن ۽ جادو ٽوڻن جنم ورتو.ماضيء جي انسانن پاڻ کان مٿانهيون هستيون تخليق ڪيون ۽ جادو ٽوڻن لاء جيڪو طريقو اختيار ڪيو اهي انهن داستانن ۾ کلي ڪري سامهون اچي ٿو.خواب،تصور، ديويون، ديوتا، خدائن ۽ پٿرن جي بتن جي پوڄا قصن ۽ روايتن کي جنم ڏنو جيڪي مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائينديون هيون ۽ انهن جي وري وري ورجائڻ سان نه رڳو اهي عام ٿي وييون پر ذهنن ۾ انهن تي حقيقت جو رنگ چڙهڻ لڳو.نسل بعد نسل انهن جي ورجاء سان اهي قابل اعتبار روايتون بڻجي وييون ۽ جن بعد ۾ قصن جي صورت اختيار ڪئي، قصي سان خوف،حيرت، پارسائي،قوت۽عبادت جا عنصر لازمي آهن.قصن ڪهاڻين جا اهي تصور ۽ عقيدا هزارين سال جاري رهڻ بعد انسانن جي سرشت ۽ طبيعت ۾ داخل ٿي ويا.اهي عقل کان مٿانهان عنصر انساني خواهشن جي شڪل جوڙين ٿا.ڪڏهن اهي عقل ۾ نه ايندڙ هستيون جيئن ديويون ۽ ديوتا بڻجن ٿا،ڪڏهن پريون،جل پريون،اپسرائون ته ڪڏهن جنن، ڀوتن،ڏائڻن،ديون،راڪاسن جي صورت ۾ اسان وانگر هلندي ڦرندي ۽ کائيندي پيئندي نظر اچن ٿا.جانورن جي حڪايتن ۾ جانور انسانن کي اخلاق،سياست ۽ ڏاهپ جو درس ڏيندي ملن ٿا.ان قسم جي ڪردارن متعلق هڪ جواز انسان کي مذهبي ڪتابن به مهيا ڪيو.جانورن جي ڳالهائڻ جي صلاحيت جي باري ۾ خود قرآن مجيد ۾ به ذڪر ملي ٿو.حضرت سليمان عليه السلام جڏهن هد هد نالي پکيء کان درٻار ۾ حاضر نه ٿيڻ جو سبب پڇيو ته ان جواب ڏنو؛ ” مون هڪڙي اهڙي ڳالهه معلوم ڪئي آهي جنهن جي اوهان کي خبر ناهي ۽ آئون اوهان لاء سڀني کان وڌيڪ هڪڙي پڪي خبر کڻي آيو آهيان.مون هڪ عورت ڏٺي آهي جيڪا انهن تي بادشاهي ڪري ٿي ۽ هن کي هر شيء جو خزانو عطا ڪيو ويو آهي ۽ هن وٽ سلطنت جو هڪڙو وڏو تخت آهي.مون ان کي ۽ سندس قوم کي ڏٺو ته اهي هڪ الله کي ڇڏي سج جي پوڄا ڪن ٿا ۽ شيطان سندن عملن کي سندن نظرن ۾ سهڻو بڻائي پيش ڪيو آهي ۽ کين اصل رستي کان روڪي ڇڏيو آهي جنهن سان اهي اهڙو ته گمراهه ٿيا آهن جو اهي ان الله کي سجدو نٿا ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمينن جي لڪيل شين کي ڪڍي ٻاهر آڻي ٿو ۽ سڀ ڄاڻي ٿو جيڪي اوهين لڪايو ٿا يا ظاهر ڪيو ٿا.الله جنهن کان سواء ٻيو ڪو معبود ناهي جيڪو زبردست عرش جو مالڪ آهي.“

    قلب ماهيت جي حوالي سان قرآن ڪريم ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي لٺ جو مثال ڏيئي سگھجي ٿو.فرمايو ويو؛ ” ۽ پنهنجي لٺ کي اڇلاء ته جڏهن هن ڏٺو ته اها حرڪت ڪري رهي هئي ڄڻ ته اهو هڪڙو نانگ هجي پوء هو پٺ ڏيئي مڙيو ۽ واپس نه موٽيو.“

    ديو مالا يا علم الاصنام جو مذهب سان گھاٽو لاڳاپو آهي ۽ اٽڪل سمورن قديم مذهبن جون ديو مالائون انهن ماڻهن جي مذهبي عقيدن جي باري ۾ معلومات مهيا ڪن ٿيون جن اهي ڪهاڻيون تخليق ڪيون هيون.اسان انهن کي فضوليات چئي نظرانداز ڪري نٿا سگھون.اهي داستان اصل ۾ پنهنجي دور جي سماجي سائنس کان گھٽ نه هئا.رڳو ايترو چئي سگھجي ٿو ته انسان پنهنجي ماحول ۽ معاشري متعلق ۽ پنهنجي جبلي خوف تي قابو پائڻ لاء جيڪي جواز جوڙيا هئا،جانورن ۽ ٻي مخلوق جي باري ۾ جيڪي نظريا قائم ڪيا هئا انهن کي ڪنهن حد تائين مضبوطي روايتن ۽ مذهب به ڏني.اهو ئي سبب آهي جو اسان کي شروع ۾ جانورن متعلق ڪهاڻيون فيبل پيرابيل جي صورت ۾ عام ملن ٿيون.جهڙيء طرح انسان ننڍپڻ ۾ جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو اهڙيء طرح ادب به نظم ۽ نثر جي ابتدائي دور ۾ انهن داستانن کي پنهنجي هنج ۾ ڀڪوڙي ٿو.ان ۾ پردي جي پويان انسان جو لاشعور به ڪم ڪندي نظر اچي ٿو ڇو ته زميني مفاصلا ۽ جاگرافيائي حدن جي باوجود هر ملڪ ۽ قوم جي ادب ۾ سڀ کان پهرين گھڻي ۾ گھڻيون اهڙيون ڪهاڻيون ۽ داستان نظر اچن ٿا.اوڀر جي ادب کي ڇڏيو اولهه جي ادب ۾ به ما فوق الفطرت عنصرن جي ڪارفرمائي گھڻو ڪري پاتي وڃي ٿي.جڏهن ڏٺو ويو ته ماڻهو قصن ۾ دلچسپي وٺن ٿا ۽ افسانن مان مزو حاصل ڪن ٿا ته ان طريقي سان اخلاقيات جو سبق سيکارڻ به شروع ڪيو ويو ۽ ان لاء جانورن جون حڪايتون بيان ڪيون وييون ۽ انهن جي زبانن مان سبق آموز قصا بيان ڪيا ويا.اهڙيء طرح انهن عنصرن کي قائم ۽ دائم رکڻ ۾ ادبي روايتن جو وڏو هٿ آهي.اهي عنصر ادبي روايت جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪا آهن.اڄ به اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جيڪا عقل ۽ سائنس جي سهاري ئي ئي اڳتي قدم وڌائي رهي آهي پر اسان جي ادب ۾ اهي ما فوق الفطرت عنصر اڄ تائين ڇو لڪيا ويٺا آهن انهيء جو اسان وٽ ڪو جواب موجود ناهي.پٿر جي دور جون عقل کان مٿانهيون هستيون ديو،ديوتا،ديويون،جن ڀوت،پريون،راڪاس ۽ ڏائڻون وغيره اها سڀ مخلوق اڄ به اسان جي مقامي معاشرت ۾ موجود آهي،ماڻهو اڄ به انهن جي وجود تي يقين رکن ٿا.اڄ به مضبوط بدن واري ماڻهوء کي ديو۽ پهلوان عورت کي ديوني چيو وڃي ٿو.مٽيء ۾ لٿڙيل ماڻهوء کي ڀوت ۽ عجيب حليي واري عورت کي ڀوتڻي ۽ ڪنهن بد صورت عورت کي ڏائڻ سڏيو وڃي ٿو.ڪنهن خوبصورت عورت کي پري جڏهن ته ڪنهن ڪني ۽ شرير انسان کي شيطان ۽ ڪنهن نيڪ خصلت انسان کي فرشتوڪوٺيو وڃي ٿو.مطلب ته اها مخلوق اڄ به انساني ذهن ۾ آباد آهي.انهن کي آسانيء سان ياد رکي سگھجي ٿو،ورجائي سگھجي ٿو ۽ ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري سگھجي ٿو.انهن داستانن ۾ ڪيترن ئي علمن ۽ فنن کي ڪهاڻين جي پردي ۾ سولائيء سان پيش ڪيو وڃي ٿو جو عام پڙهندڙ اهو محسوس ئي نٿو ڪري ته اها اهم مسئلن ۽ بحثن جي افسانوي تعبير ۽ سمجھاڻي آهي.اديبن انهن ما فوق الفطرت عنصرن سان ڪنهن نه ڪنهن طرح معنيت،اشاريت،وسعت ۽ زور پيدا ڪيو آهي.خيال جيڪو ڪنهن به ادب پاري جو بنياد هوندو آهي ان خيال کي سوڙهو ڪرڻ،ان جي اثر کي اڀارڻ،بيان جي انداز کي بليغ ۽ دلچسپ بنائڻ ۾ اهي عنصر گھڻي مدد ڏين ٿا.منجھيل،فلسفياڻن،مابعدالطبيعاتي بحثن سان گڏوگڏ سخت ۽ ڪڙين سماجي حقيقتن کي ادبي حسن ۽ فڪرانگيز طور تي پيش ڪرڻ ۾ اهي عنصر اديب جي مشڪلن کي حل ڪن ٿا.ڪهاڻين ۾ مافوق الفطرت عنصرن جي موجودگيء جو هڪ سبب اهو به آهي جو ڪنهن خاص وقت تائين ڪهاڻين ۾ اهي عنصر موجود رهيا جن کي سماج ۾ پسنديدگيء جي سند مليل رهندي هئي.اهي داستان ٻڌائڻ وارا ماڻهو اهي هئا جيڪي پنهنجي آسپاس جي دنيا سان گھڻي دلچسپي رکندا هئا.پنهنجي مشاهدي سان جيڪي سوال سندن ذهنن ۾ پيدا ٿيندا هئا انهن جا عقلي جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.پراڻي زماني جون اهڙيون ڪيئي ڪهاڻيون اسان تائين پهتيون آهن جن ۾ دنيا جي هر خطي جا داستان شامل آهن.جن ۾ يوناني،مصري،بابلي،چيني،ايراني ۽ هندي داستان پيش ڪري سگھجن ٿا.انهن داستانن ۾ هڪجهڙائي اسان جي گڏيل شعور ۽ سوچ جي سڃاڻپ آهي.بس ضروري آهي ته علم الانسان،نفسيات ۽ فلسفي جي روشنيء ۾ داستانن جي انهن ما فوق الفطرت ڪردارن کي تحقيق ۽ کوجنا جي نئين منزل تي آندو وڃي.داستانن ۾ پيش ڪيل جنن،پرين،پکين،جانورن ۽ ٻين ما فوق الفطرت مخلوق جي ڪردارن کي نفس بشر سمجھي انهن جو اڀياس ڪيو وڃي ڇو ته ان قسم جا ڪردار دلچسپ به معلوم ٿيندا ۽ معنيٰ سان ڀريل پڻ!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو