شفيق الرحمان شاڪر جڏهن به ڪنهن حڪمران جماعت خلاف ڪا تحريڪ هلي ٿي يا ڪنهن اڳوڻي حڪمران جماعت خلاف ڪا قانوني ڪاروائي ٿئي ٿي ته اها ان کي پنهنجي خلاف سازش قرار ڏئي ٿي ۽ پڪ سان ان جو اشارو اسٽيبلشمينٽ طرف ئي هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت خلاف مني لانڊرنگ ڪيس يا وري نون ليگ قيادت خلاف پناما ليڪس وغيره معاملن کي ڏٺو وڃي ته اها ئي سازشن واري ٿيوري ورجائي پيئي وڃي.ٻئي طرف سوشل توڙي عام ميڊيا تي به هڪ وڏو حصو اها ئي ڳالهه اڳتي وڌائي رهيو آهي پر معاملو ايترو سادو ناهي. بدقسمتيء سان سولين ادارا نوڪرشاهيء سميت رياست سان وفاداريء بدران حڪمران پارٽيء سان وفاداريء جو حلف کڻي وٺندا آهن.بيوروڪريسيء کان ويندي پوليس تائين وزير اعظم،وزيرن مشيرن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي خدمت ۾ لڳل رهي ٿي.ان سبب ڪوبه ادارو پنهنجي آئيني دائري ۽ حدن ۾ رهندي قوم ۽ ملڪ جي خدمت کان لاپرواهه نظر ايندو آهي.نوڪرشاهي حڪمرانن جي عزت پنهنجي ترقيء جي لالچ ۽ او ايس ڊي بنجڻ جي خوف کان ڪندي آهي جنهنجو اثر لازمي طور تي سندن ڪارڪردگيء تي پوندو آهي.اوهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃي رياست جي ملازمن جي هلت ڏسي وٺو،عليڪ سليڪ کان وٺي ڪنهن به پيشاوراڻي ڪم ۾ اهي ذميداريء جي احساس کان ڏور ۽ دفتري ڪم نڀائڻ ۾ حڪمران پارٽي ۽ ايم اين اي ايم پي اي جي خدمت گاري ڪندي نظر ايندا. متحده مجلس عمل جي شروعاتي حڪومتي دور ۾ هڪ ٻن وزيرن نجي طور تي اهو اعتراف ڪيو هو ته پوليس کاتي ۽ بيروڪريسيء ۾ پيار ۽ جي جي سان ڳالهه ڪندي سرڪاري آفيسرن ۽ ماتحت ملازمن جو رويو بدلجي ويو هو بلڪه صوبائي سيڪريٽري سطح جا آفيسر وزيرن سان ڳالهائيندي لطف اندوز ٿيندا هئا.انهن ماڻهن ۽ آفيسرن جي اوسر وي آئي پي ڪلچر جي ڇانو ۾ ٿئي ٿي ان ڪري سندن رويو ڪجهه ٻيو ئي هوندو آهي.هتي ناروي ۾ پاڪستاني سفارخاني جي هڪ عملدار جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن چيو ته او ايس ڊي هڪ اهڙي ڇري آهي جنهن کان بچڻ لاء نوڪرشاهيء کي حڪمران ٽولي جو پيارو غلام بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي.انهن جي نازن نخرن ۽ حڪمن جي تعميل کي آئين ۽ رياست کان مٿانهون سمجھيو ويندو آهي.جڏهن پوليس کان وٺي هر دفتر جي اها صورتحال هجي ته پوء چوڻ لاء باقي ڇا ٿو رهجي وڃي؟هتي اهو بنيادي سوال به جنم وٺي ٿو ته آخر اسان جي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ سياسي طور تي ايتري مضبوط ڇو ٿي ٿئي؟ان جو بنيادي سبب سياسي حڪمرانن جي نااهليء کي قرار ڏيئي سگھجي ٿو.هڪ طرف اهي مجبورين جو شڪار بنجن ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي اقتدار جي مضبوطي ۽ اختيارن وڌائڻ جو جنون سندن ذهن تي ايترو ته سوار ٿئي ٿو جو ان جي لاء ڪنهن به قدم کان پوئتي نٿا هٽن.حڪومت ڪرڻ اهڙي وندر آهي جو فوج به انهن سياسي مجبورين جو شڪار ٿئي ٿي.جيترا به فوجي آمر گذريا آهن انهن به جائز ۽ ناجائز کي رڳو ان ڪري دوام بخشڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن انهن کي موقعو ملي وڃي ۽ سندن حڪومت کي ڪجهه وڌيڪ وقت ملي وڃي.حڪومتي مجبورين خاطر هڪ طرف جنرل ضياء اسلام جو نالو استعمال ڪري مجلس شوريٰ جي نالي تي قوم کي بيوقوف بنايو ته ٻئي طرف جنرل مشرف سڀ کان پهرين پاڪستان ۽ روشن خياليء جي نالي تي ماڻهن کي دوکو ڏنو.ان صورتحال ۾ پاڪستاني سياستدانن هڪ طرف ميرٽ جو قتل عام ڪري نااهل ۽ منظور نظر ماڻهن ۾ نوڪريون ورهايون ته ٻئي طرف قومي ادارن کي پنهنجو ذاتي خدمتگار سمجھندي انهن کي سندن ذميدارين جو احساس تائين ٿيڻ نه ڏنو جنهنجو اثر ادارن جي ڪمزوري ۽ معذوري جي صورت ۾ نڪتو.سياسي بنيادن تي ٿيل ڀرتين جو مثال پي آئي اي ۽ اسٽيل مل کان پوليس تائين ڏسي وٺو.جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا ته انهيء سان آئيني بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لازمي طور تي ڪمزور ٿيندي ويندي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن اڻ لڀ ٿي ويندي. سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت جي مخالفت ڪرڻ باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته ڊسيپلين ۽ پنهنجي اداري جي حد تائين مضبوط انتظام ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نه هئڻ اهڙيون مضبوط ۽ نمايان شيون آهن جو عوام رڳو فوج کي ئي قابل اعتماد سمجھندو رهيو آهي.فوج جو پيشاوراڻي طور تي مضبوط هئڻ ملڪي دفاع لاء نهايت ئي اهم آهي پر جڏهن حڪومتي معاملن ۾ ۽ ڪجهه وزارتن ۾ فوجي خدمتون شايد ان ڪري به حاصل ڪيون وڃن ٿيون جو سويلين ادارا يا ته ناڪام ٿين ٿا يا اها اهليت ئي نٿا رکن.چونڊيل حڪومتن پاران فوج کي ڪجهه معاملن ۾ شامل ڪرڻ سبب قوم جون نظرون به هر وقت فوج طرف وڃن ٿيون.دفاع سان گڏوگڏ ٻين معاملن کي هلائڻ ۾ به فوج تي اعتماد وڌي وڃي ٿو.ان ڪري جڏهن به ڪو آمر آيو آهي ته قوم طرفان ڪا خاص مزاحمت ڏسڻ ۾ نه آئي آهي.ٻئي طرف سياستدان جتي هڪ طرف پاڻ فوج کي دعوت ڏين ٿا اتي سويلين ادارن کي مضبوط بنائڻ لاء ڪو ڪردار ادا نٿا ڪن.جنهنجو نتيجو ڪمزور ادارن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ بيشڪ حڪمرانن ۽ ادارن جي انهن ڪمزورين جو فائدو ئي غير جمهوري قوتون حاصل ڪن ٿيون.هاڻي سوال اهو آهي ته جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي ڇا ۾ آهي؟ پڪ سان جمهوريت جي بقا ۽ مضبوطي انهن ادارن جي مضبوطيء ۾ آهي.انهيء سوچ کان ڪوبه محب وطن پاڪستاني انڪار ڪري نٿو سگھي سواء ڪجهه مفاد پرست ٽولي جي.پر اهو ئي مفاد پرست ٽولو ٻين سڀني تي ڳرو به آهي ته طاقتور پڻ.انهن ڪجهه مفاد پرستن ئي سمورن ادارن کي پنهنجن سياسي مقصدن جي حصول لاء سياسي دفترن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.جيڪر ادارن کي مضبوط ۽ سياسي بالادستيء کان هٽي ڪري آئيني بالادستيء جو نمونو بنائڻو آهي ته ان لاء هڪ طرف آئيني قدم کڻڻا پوندا ته ٻئي طرف ڪجهه ادارن جي مضبوطيء لاء گراس روٽ کان ئي بنيادي فيصلا ڪرڻا پوندا.مثال؛ جيڪر عدليا ۽ پوليس کي ئي ايترو آزاد ۽ مضبوط بنايو وڃي جو سڀاڻي اهي ئي ادارا سمورن شهرين ۽ ادارن، بيوروڪريٽ کان حڪمرانن ۽ ججن کان وٺي سيڪيورٽي ادارن کي به پڪڙڻ جي صلاحيت رکندا هجن ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي جرئت رکندا هجن ته اها ڳالهه عجيب ضرور لڳي ٿي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته اتي ادارا ڪيترو مضبوط آهن پر بدقسمتيء سان اسان وٽ ڪجهه شين جي باري ۾ عام تاثر اهو ئي آهي ته اهو ممڪن ئي ناهي.اهڙيء طرح هڪ دليل اهو به ڏنو وڃي ٿو ته عدالتون ڪنهن چونڊيل وزير اعظم کي ته سزا ڏيئي سگھن ٿيون پر ڪنهن فوجي جنرل کي نه.جڏهن سياستدان پاڻ پڪو پهه ڪري ڇڏين ته اهي ادارن جي مضبوطيء لاء ڪنهن به قدم کان پوئتي نه هٽندا،پنهنجو ڪردار اهڙو بنائيندا جو اهي ڪنهن به مجبوري يا مصلحت جو شڪار نه ٿيندا ته پوء ڪوبه فرد يا ادارو سندن مجبورين ۽ ڪمزورين جو فائدو کڻڻ جي همت ئي نه ڪري سگھندو.اهو پڪ سان ممڪن آهي جيڪڏهن سياستدان اهل ۽ با صلاحيت ماڻهن کي ادارن ۾ لڳائي انهن کي قانون جي بالادستي مطابق کين پنهنجواصل ڪم ڪرڻ ڏين.کين پنهنجو ذاتي نوڪر بنجڻ بدارن رياست ۽ عوام جو نوڪر ۽ خادم بنجڻ جي تربيت ڏين.