معاشي دهشتگردي ۽ خوشحاليء جو خواب!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته ملڪ ۾ وقت بوقت پارلياماني نظام کي بدلائي ڪو ٻيو نظام آڻڻ جون ڳالهيون ڇو ٿيون ٿين ۽ ”جمهوريت جا محافظ“ ان نظام کي بچائڻ لاء سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاء ڇو تيار ٿيو وڃن؟گذريل ڏهن سالن ۾ اٺ نامي گرامي معاشي ”ماهر “ وزارت خزانا يامشير خزانا جي منصب تي فائز ٿيا.اٽڪل پاڪستان جي هر حڪومت خزاني جا معاملا سڌارڻ ۽ سنڀالڻ ۾ اڃاتائين ناڪام نظر آئي آهي ۽ هر ايندڙ حڪومت ويندڙ حڪومت تي معيشت جي تباهيء جو گند اڇليندي رهي آهي.هاڻوڪي حڪومت کان اڳ ڪڏهن ڪنهن به نه ٻڌايو هو ته معيشت تباهيء جي ڪناري تي ڪيئن پهتي آهي ڇوته انهن کي به اهو ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو هوندو هو جيڪي ڪجهه ويندڙ حڪومت وارا ڪري ويندا هئا.خزاني جي انهن اٺن وزيرن ۽ مشيرن مان شايد هڪ يا ٻه سياسي بنيادن تي اها ذميداري نڀائيندي نظر آيا باقي سڀ جا سڀ غير سياسي پيشاور ماهر يعني ”ٽيڪنو ڪريٽس“ ۽ ”عظيم“ معاشي ماهر سڏجن ٿا. جيڪر اهو چيو وڃي ته انهن ماڻهن جي قابليت جي اڄ به دنيا اعتراف ڪري ٿي ته اهو غلط نه ٿيندو پر ڪهڙو سبب آهي جو اهڙا نامي گرامي ماڻهو به پاڪستاني معيشت کي سڌو نه ڪري سگھيا ايستائين جو ڪا هڪڙي به اهڙي حڪمت عملي ترتيب نه ڏيئي سگھيا جنهنجي باري ۾ اهو چئي سگھجي ته فلاڻو ڪارنامو مشهور زمانه وزير يا مشير سرانجام ڏنو آهي.جيڪر چيو وڃي ته هي سڀ ماڻهو ملڪ جو خزانو حڪمرانن جي خزانن ۾ منتقل ڪندا رهيا ته غلط نه ٿيندوڇو ته انساني عقل اهو سمجھڻ کان لاچار آهي ته ٻاهر ويهي ته اهڙو جوڙ،ڪٽ،ضرب ۽ ونڊ جا هنر ٻڌائيندڙ اهي ماهر اهڙو ته متاثر ڪن ٿا جو مڃڻو پوي ٿو ته انهن کان وڌيڪ بهتر نموني ڪو ملڪي معيشت کي سمجھي ئي نٿو سگھي پر جڏهن اهي پاڻ ان عهدي تي ويٺا ته ترت ئي شڪسٽ ۽ بيوسيء وچان پنهنجا هٿ اڀا ڪري ويٺا.خبر ناهي اها ڪهڙي قسم جي مهارت ۽ ڪهڙي قسم جي حب الوطني آهي؟

    اسان جي ملڪ ۾ هر ڪم ۽ هر نظام،هر سڌارو ۽ هر پاليسي،هر منصوبو ۽ هر اسڪيم رڳو ڪاغذن ۾ ئي موجود رهي ٿي.اهوچوڻ صحيح نه ٿيندو ته اسان جي ملڪ ۾ اهل ماڻهن جي کوٽ آهي پر بدقسمتيء سان اسان وٽ اهل قيادت نه رهي آهي جيڪا انهن اهل ماڻهن جي صلاحتين ۽ قابليتن مان فائدو کڻي سگھي.ڪهڙو سبب آهي جو اهڙا ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن جي ترقيء ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاء ته ٻاهر هليا وڃن ٿا ڇو ته کين خبر آهي ته پاڪستان ۾ رشوت ۽ بدعنواني سواء ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگھي.اسان ڊگھي نظر جي کوٽ سبب کوهه جو ڏيڏر بڻجي ڪري رهجي ويا آهيون.ستر سال گذرڻ باوجود اسان اڃا تائين پاڪستان جو ڪو متفقه بيانيو ترتيب ڏيئي نه سگھيا آهيون.اڄ تائين جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي سو سڀ ڪجهه ذاتي ڏيکاء ۽ ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ سواء ٻيو ڪجهه به ڪونهي.اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ لاء وسيلن جي بهترين ورڇ کي يقيني بنائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي.ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪس چوريء کي قابل فخر شيء سمجھهيو وڃي ٿو.بجلي ۽ گئس جي چوريء کي پنهنجو بنيادي حق سمجھون ٿا.اهم کاتن سان لاڳاپو رکندڙ عملدار انهن کاتن مان چوري ڪرڻ جا گر پاڻ ماڻهن کي سمجھائيندي نظر ايندا آهن ۽ جنهن جي بلي اهي ماڻهن کان رشوت وصول ڪندا آهن.اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيڪو جيترو ڪنهن قانون يا ضابطي کي بهتر سمجھڻ وارو هوندو آهي اهو اوترو ئي ان قانون ۽ ضابطي کي ٽوڙيندي نظر ايندو آهي.ملڪ ۾ شايد ئي ڪو ادارو هجي جتي بدعنواني نه هجي،ڪٿي ٿوري ته ڪٿي گھڻي پر ڪرپشن آهي ضرور.ٻئي کي دوکو ڏيڻ اسان پنهنجي ذهانت ۽ چالاڪي سمجھون ٿا ۽ ماڻهن سان ان جو ذڪر وڏي شان سان ڪيون ٿا.اسان پنهن جي پهچ کان ٻاهر پنهنجي چادر پکيڙي رکي آهي ۽ ڪفايت شعاريء جي عادت اسان دنيا جي سڌريل قومن کان ذرو به نه سکي آهي.ڪميٽين مٿان ڪميٽيون،ادارن مٿان ادارا جڙندا رهيا پر بدعنواني ختم ٿيڻ بدران وڌندي ئي رهي.انهيء ڪري جو بدعنوانيء مان نجات حاصل ڪرڻ جي اسان وٽ گڏيل نيت ئي ناهي رهي.جتي حڪومت جي اهم عهدن تي رهندڙن تي ڪرپشن ۽ بد ديانتيء جا الزام هجن ۽ سياست ۽ ڪرپشن ۾ ڪو فرق ئي نه ڪيو ويندو هجي اتي معيشت جي سڌاري جون سموريون دعوائون صرف دوکو ثابت ٿين ٿيون.هتي هڪ دفعو سياست ۾ ايندڙ هر شخص ۽ هڪ دفعو ڪنهن حڪومتي عهدي تي ويهندڙ ڪو ماڻهو نه سياست مان واپس ٻاهر نڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿو ۽ نه ڪو ڪرسيء مان هٿ ڪڍڻ لاء راضي ٿئي ٿو.بحيثيت قوم اسان سڀ بدعنواني ۽ ڪرپشن جا اهڙا ته عادي ٿي ويا آهيون جو ان سواء اسان شايد زندهه رهي نٿا سگھون.اسان جي حڪمران اشرافيا ان معاملي ۾ سڀ اخلاقي ۽ قانوني حدون اورانگھي وڃي ٿي،سندن ذاتي ۽ گھرن جا خرچ،سندن شاهاڻا پروٽوڪول،سندن غير ملڪي دورا ۽ علاج سڀ جا سڀ ان عوامي پئسي تي ئي ٿين ٿا جنهن پئسي تي انهن کي امين مقرر ڪيو ويو آهي.مٿان ڪوڙ ايترو ڳالهايو وڃي ٿو جو سچ جو شڪ ٿيڻ لڳي ٿو پر ميڊيا جي هن جادوئي دور ۾ آخر سچائين کي ڪيستائين لڪائي سگھجي ٿو.اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني ٻاهر اچي وڃن ٿيون.حڪمران اشرافيا ته ڦرلٽ جي حد ڪري ڇڏي آهي.شروعاتي جانچ پڙتال سان جيڪي سچائيون سامهون آيون اهن انهن کي ڏسي ڪري ٻئي هٿ مٿي تي اچي وڃن ٿا.وري انهيء جاچ پڙتال تي جيڪي روڄ راڙو ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ٻئي کي بچائڻ لاء جيڪا گڏيل جدوجهد ٿي رهي آهي سان به ڏسڻ وٽان آهي.لڳي ٿو ته هڪ طاقتور معاشي مافيا آهي جنهن پوري ملڪي معيشت تي قبضو ڪري رکيو آهي،سڀ ڪجهه ڦرڻ لٽڻ ۽ هضم ڪرڻ باوجود اهي سڀ اهڙيون ته پارسائيء جون دعوائون ڪري رهيا آهن ڄڻ ته گنگا ۾ هٿ ڌوئي آيا هجن.هڪڙا رڙيون ڪن ٿا ته ٻيا ساڻن سر ۾ سر ملائين ٿا.جمهوريت خطري ۾ هئڻ جا راڳ ڳايا وڃن ٿا ۽ سياسي انتقام جا دهل وڄايا وڃن ٿا.جيڪر ملڪ ۾ ڪابه ڪرپشن ناهي ٿي ته پوء ملڪ جو سمورو خزانو آخر ڪيڏانهن ويو؟رياست جو حال اهو آهي جو اها به اهڙن طاقتور ماڻهن ۽ گروهن سامهون بي وس نظر اچي ٿي،انهن خلاف قانون اهڙي تيزيء سان حرڪت ۾ نٿو اچي جهڙي تيزيء سان ڪنهن غريب لاء حرڪت ۾ اچي ٿو.هڪ مفاد پرست ۽ طاقتور ٽولو آهي جيڪو اٽي کان وٺي دال تائين جتي به سندن وس هلي ٿو بي ايمانيء جا جھنڊا بلند ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو،اهوئي ٽولو طلب ۽ پهچ جو بحران پيدا ڪري ٿو، شين تي پنهنجي مرضيء جو نفعو وصول ڪري ٿو ۽ ملڪ ۾ هٿرادو مهنگائيء کي جنم ڏئي ٿو.انهيء عظيم بدعنوانيء جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان کي دنيا ۾ ڪو دوست ملڪ قرض يا امداد ڏيڻ يا لاء به تيارناهي جو اهي ڄاڻن ٿا ته سندن ڏنل سمورو پئسو بدعنوانيء جو شڪار ٿي ويندو.جيستائين هر قسم جي معاشي دهشتگرديء خلاف ڪا جوڳي ڪاروائي نٿي ٿئي ملڪ جون معاشي حالتون هرگز سڌري نه سگھنديون.هڪ طرف پوري دنيا مان قرض پني آڻي ملڪي خزاني ۾ وجھبا ته ٻئي پاسي سمورو پئسو بدعنوانيء جي نذر ٿيندو رهندو.رياست کي سمورين مصلحتن کان مٿانهون ٿي ان معاشي دهشتگرديء خلاف هڪ بي رحم ڪاروائي ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ ملڪ جي معاشي مضبوطي جو خواب رڳو خواب ئي رهندو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو