ساجد سنڌي
سينيئر رڪن
•
• ۽ انهي عشق جي شروعات هڪڙيون عجيب ڪيفيتون پيدا ڪيون ۽ منهنجي وجود کي پاڻ ۾ محو بنائي ڇڏيو ۽ رات ڏينهن،صبح،شام ۽ گرمي سردي جهڙن جبلن کان اڻ واقف بڻائي صرف ۽ صرف پنهنجي طرف متوجھ بنائي ڇڏيو ۽ اهڙن رستن جا پنڌ ڪرائڻ لڳو جن رستن تي ڪي مقصد ۽ معني جا نشان به موجود نه هيا ۔
• آخرڪار انهي ديد لاء ڪيترن ئي اسبابن کي بڻائڻو پوندو هيو ۽ پوء ڪڏهن ڪڏهن اها جهلڪ اسان جي وجود کي شاد بنائي ڇڏيندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن وري انهي انڌي فقير وانگي بيوھ ۽ بيوس لاچار ٿي ڪري خالي موٽندوهيس جنهن جو ڪاسو به ڪو ظالم چورائجي ويو هجي !!
• اهو سلسلو ڪو وقت هلڻ لڳو ڏينهن کٽي مهينا ٿيا مهينا گذري سال ٿيڻ لڳا ۽ هن جيوند کي جيئڻ جو احساس محسوس ٿيڻ لڳو ۽ انهي جستجو ۽ منزل کي پنهنجي مقدر ۾ هجڻ جا خواب ڏسي فراق جي دردن کي دلاسا ڏيڻ لڳو ۽ وصل جي انتظار ۾ اهي ڏينهن راتون کٽائڻ جي ڪوششن ۾ مگن رھڻ لڳو مگر هڪڙو ڏينهن هيو اهي گهرن کي نيلام ڪرڻ لڳا ۽ پاڙا ڇڏڻ لڳا ۽ اهو ۽ الوداعي تقريبن جا پيغام به اسان کي پهچڻ لڳا ۽ ان وقت هن دل جي سرزمين تي ڪجھ ايئن هيو جيئن ٿر جي واري تي ڏڪر هجي ۽ سانوڻ نه اچن ۽ مور مرن مال مرن ٻچا مرن بهرحال هي دل به سانوڻ جي موڪلاڻي تي ريگستان ۽ بنجر بڻجي پيو ۽ ڪجھ الفاظ انهن جي زبانن تي به هيا جيڪي منهجي ڪنن مان ٿيندا هن دل جي ريگستان جي جابلو پٿرن تي اڪري ويا ۽ شايد اهي ڪڏهن به ڊهي نٿا سگهن اهي ڪهڙا هيا ؟؟
• ڪنهن شاعر جا الفاظ هيا !!
• جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين
• اسان به گهڻن کي روئاري وينداسين!!
•
•
• اسان ٻئي ڪنهن کي ياد هجو نه هجو پر اسان پاڻ کي وساري سگهون پر يقين ڪيو اوهان کي هرگز نٿا وساري سگهون !!
• وري ٽهڪ ڏيندي ٻيا الفاظ به انهن وٽان ٻڌا۔
• اسان سان ڪچهريون ڪيو وڃجو دوستو
• هليا وينداسين اوچتو اوچتو !!
•
• اسان جي لاء انهي وڇوڙي کي عارضي قرار ڏين پيا پر اسان کي اهي حقيقي محسوس ٿيڻ لڳا هيا ۽ اندر ۾ هڪڙا وڍ پوڻ لڳا۔

آخري ترميم: