پر جڏهن هو ڌنڌن ( ڪورڪي ، هارپو .وغيره) سان لڳي ويا ته ڪرت موجب گراڻا سڏيا هي بنيادي طور مهاڻي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا پر جيئن ته هي ٻين ڌنڌن ۾ لڳي ويا جنهن ڪري وقت گذرڻ سان هي سما قبيلي ۾ شمار ٿيڻ لڳا .ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا ليکڪ خير محمد ٻرڙو ڇاپو ٽيون صفحي 1091 تي لکن ٿا گراڻي جي معنى آهي ڪپڙي اڻڻ وارو ڪوري هي سماٽ آهن صفحي 1027 تي آهي ته ڪوري سماٽ ذات آهي ڪوري لفظ جي اصطلاحي معنى آهي ته ڪپڙو اڻڻ ، ٺاهڻ ، ڪاتيار ، گھراڻه پڻ ڪورين جي راڄ ۾ شامل آهن .محمد ايوب گھراڻو جنهن تاريخ نصرپور تي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو قلمي نسخي ۾ آهي اڃا شايع نه ٿيو آهي هن جو نالو نر ننگر نار نصرپور ( قديم نصرپور کان جديد نصر پوي تائين ) اهو قلمي نسخو وٽن اڄ به موجود آهي ان لکن ٿا ته هي قوم قديم ۽ آڳاٽي آهي اڳ هن کي وڏ گھراڻا چيو ويندو هو آهستي آهستي گراڻه ٿي ويو هي قوم اصل قريش خاندان جي هڪ شاخ آهي ترخان نامه جو صاحب هن قوم کي حصرت امير حمزه رضه جي اولاد مان ڄاڻائي ٿو ( نوٽ حصرت امير حمزه رضه جو پٽ جو اولاد اڳتي نه هليو هو مضمون نگار ) ڪن جو رايو آهي ته هي قوم اصل ميد آهي . هن قلمي نسخي ۾ ليکڪ لکي ٿو حضرت عمر رضه جي دورِ خلافت ۾ عربن 15 هجري مطابق 636 ع ۾ سنڌ جي بندرگاه ديبل تي پهريون حملو حضرت مغيره رضه جي سپه سالاري ۾ ڪيو کين شڪست نصيب ٿي تڏهن ان لشڪر مان ڪجھه سپاهي سنڌ جي شادابي ڏسي سنڌ ۾ رهي پيا جن کي هتان جا ماڻهو وڏ گھراڻه سڏيندا هئا جتان پوءِ پوري سنڌ ۾ پکڙجي ويا .سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي عبدالحفيظ قريشي سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ڪلاسيڪل سبق ۾ لکن ٿا ته سمنڊ سان سنڌين جو رشتو ناتو تمام پراڻو آهي گھهرو رهيو آهي قديم سمي جي سنڌين لاءِ سمنڊ جياپي جو هڪ وڏو ذريعو هو اڄ به آهي وچ اوڀر سان واپاري ناتا قديم هئا اها اچ وڃ سمنڊ رستي ٿيندي هئي عبدالحفيظ قريشي وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌو لوڪ جيڪي ٻيڙا استعمال ڪندا هئا انهن جي بناوت ۽ شڪل صورت انهن کان مختلف نه هئي جيڪي هن وقت درياءُ تي ٻيڙا هلن ٿا . سنڌو تهذيب جا تمام قديم شهر درياءَ سمنڊ هڪ عظيم واپاري رستو جيڪي لوٿل تائين ويندو هو مال جي پهچ ۽ حاصلات ڪندا هئا ويجھڙائي واري زماني ۾ سامان آڻن ۽ نيئڻ وارو اهو اهم ڪم گراڻا ذات وارا ماڻهو ڪندا هئا . جيئن ته هن قوم وارن مان ڪيترائي وڏا شاعر ليکڪ مولودي وغيره پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مان جيڪي به ڄاڻ ملي سگھي آهي اها هتي ڏجي ٿي . سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبرري ۾ لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڪتاب بيت مرتب ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آهي ان ۾ آهي ته صالح فقير گراڻو انداز ن سنه 1902 ع ڌاري وفات ڪيائين ڪتاب ۾ ڏنل سندن بيتن مان ڪجھه بيت هتي ڏجن ٿا ( 1 ) سنجھي ساٿ وي ويا آرياڻي ادل بکئي هن ڀنڀور ۾ پهر نه جاڳان پل هل ته نهاريون هوت کي جاني منجھه جبل منهنجو ائين پيچ پنهون سان جيئن وارڪا ول ماريس سور صالح چئي هاڙهي سندس هل ڪيچين جا ڪرڳل سسئي تنهنجي سر تي ( 2 ) ملين وڃي محبت کي ٿين هٿيڪي هوتن وٽ ٻڌي هل سندرو سڪ جو ته جاني مليئي جھٽ پوءِ وڃي وقت وصال جو تون ڪوهياري سان ڪٽ دوستاڻي در کي تون موڳي ڪڏهن نه مٽ چائنٺ چڱي يار جي تي سر سدائين سٽ هٺ نه ڪج تون هڏهن گولي ڀائنج گھٽ سلوڪ ۾ سيد چئي تون ڀرجھي اکيون پٽ ته حبيباڻي هٽ سودو مليئي سڦرو سنڌي ادبي بورڊ جي آنلائين لائبرري ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتاب مولود جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش ب