• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چشما ڪئنال وهائڻ تي سنڌ جو وزيراعظم آڏو احتجاج:سنڌ واسين ۾ بيچيني آهي،ماڻهو روڊن تي ا

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
چشما ڪئنال وهائڻ تي سنڌ جو وزيراعظم آڏو احتجاج:سنڌ واسين ۾ بيچيني آهي،ماڻهو روڊن تي ايندا:قائم علي شاهه
pakistane28099s-creation-aimed-at-achieving-basic-right-qaim-ali.jpg


اسلام آباد(رپورٽ:قربان بلوچ) ارسا جي وقتي چيئرمين جي غير قانوني حڪمن تي عملدرآمد ڪندي ڪالهه صبح تائين سي جي لنڪ ڪئنال تي پاڻي جي کڻت 6629 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، جيڪا اڄ 10 هزار ڪيوسڪ ٿي ويندي، پنجاب حڪومت ارسا کي خط لکي سي جي لنڪ ڪئنال لاءِ انڊينٽ مطابق وڌيڪ 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پيرائتي رپورٽن مطابق پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود جي 6 جولاءِ تي هڪ طرفي طور تي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ ۽ ان لاءِ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايتن تي واپڊا پاران عملدرآمد جاري آهي، ڪالهه سنڌو درياءَ مان سي جي لنڪ ڪئنال تي پاڻي کڻت 6629 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، جيڪا اڄ وڌي 10 هزار ڪيوسڪ ٿي ويندي، ٻئي طرف پنجاب حڪومت ارسا کي هڪ وڌيڪ خط لکي سي جي لنڪ ڪئنال تي انڊينٽ مطابق 10 بدران 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته هينئر جڏهن سڀني صوبن کي انڊينٽ تحت پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري پنجاب حڪومت کي به سي جي لاءِ انڊينٽ مطابق 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي، پنجاب حڪومت طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته تريمو تي پاڻي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، تنهن ڪري اتي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ذريعن مطابق پنجاب حڪومت طرفان سي جي لنڪ لاءِ اضافي 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ بابت خط ارسا جي وقتي چيئرمين جي غور هيٺ آهي، جنهن بابت اڃا ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف سنڌو سميت ڪابل ۽ جهلم دريائن جي وهڪرن ۾ اوچتو لاٿ اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هفتو اڳ سنڌو سميت ملڪ جي چئني دريائن جا وهڪرا سوا 4 لک ڪيوسڪ تي پهتل وهڪرا گهٽجي 3 لک 76 هزار ڪيوسڪ ٿي ويا آهن، رڳو تربيلا وٽ سنڌو درياءَ جا وهڪرا گهٽجي فقط 2 لک ڪيوسڪ رهجي ويا آهن، اهڙي طرح نوشهره وٽ ڪابل درياءَ جا وهڪرا وچولي ٻوڏ کان گهٽجي 58300 ڪيوسڪ ۽ منگلا وٽ جهلم جا وهڪرا به 60 هزار ڪيوسڪ کان گهٽجي ڪالهه 44945 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن، جڏهن ته مراله وٽ چناب جا وهڪرا 72810 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن سنڌ جي احتجاج باوجود وفاقي حڪومت خاص طور تي پاڻي واري وزارت واپڊا کي ارسا جي چشما ڪئنال وهائڻ واري غير قانوني فيصلي تي عمل روڪرايو ناهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڏانهن ليٽر لکي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ تي سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سي جي ڪئنال کي بند ڪرايو وڃي. وڏي وزير لکيو آهي ته جيڪڏهن سي جي لنڪ ڪئنال فوري طور تي بند نه ڪرايو ويو ته سنڌ ۾ ماڻهو احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري به سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن ۾ سي جي لنڪ ڪئنال کي غيرقانوني طور کولڻ تي بيچيني پکڙيل آهي. ليٽر ۾ وڏي وزير لکيو آهي ته ”ارسا“ جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ارسا جي قيام واري قانون ارسا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ وقتي چيئرمين جو سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ وارو قدم غيرقانوني آهي، ان قدم کي ڪوبه قانوني جواز حاصل ناهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران وزيراعظم ڏانهن اهڙو ليٽر لکڻ جو فيصلو ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو ويو. ذريعن موجب گڏجاڻيءَ ۾ چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ تي سنڌ جي سياسي ڌرين خاص طور تي قومپرست ڌرين پاران اڄ اعلانيل عام هڙتال ۽ ڪئنال کولڻ تي ايندڙ ردعمل جو جائزو ورتو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ آبپاشي واري وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ناڻي، زراعت ۽ آبپاشي کاتن جي سيڪريٽرين سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي واري کاتي پڻ ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود ڏانهن هڪ ڌار خط موڪلي چشما-جهلم لنڪ ڪئنال سان گڏو گڏ تونسا- پنجند ڪئنال پڻ فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ سرڪار جي اعليٰ سطحي ذريعن کان ”ڪاوش“ کي وڏي وزير جي وزيراعظم کي موڪليل ليٽر جي متن موجب وڏي وزير لکيو آهي ته ارسا جي وقتي چيئرمين ارسا ايڪٽ جي شق 8 (1) a)) جي ڀڃڪڙي ڪندي سي جي لنڪ ڪئنال کي کولڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل شق تحت پاڻيءَ جي ورڇ ۽ ريگيوليشن جا سمورا اختيار صرف انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) کي ئي حاصل آهن، ارسا جو وقتي چيئرمين ته ڇا پر چيئرمين به پاڻ اهڙو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. وڏي وزير وڌيڪ لکيو آهي ته ارسا ايڪٽ جي شق 7 (2) تحت ارسا جي گڏجاڻيءَ لاءِ ڪورم هجڻ لازمي آهي، اهو ڪورم صرف ان وقت پورو هوندو جڏهن ارسا جا ٽي ميمبر حاضر هجن جڏهن ته وقتي چيئرمين اهڙي ڪابه گڏجاڻي نه ڪئي جنهن ۾ 3 ميمبر هجن ۽ هن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ميمبرن جي غيرموجودگي ۾ سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو بلڪل غيرقانوني آهي. ليٽر ۾ وڏي وزير وڌيڪ لکيو آهي ته ارسا جي وقتي چيئرمين پاران غيرقانوني طور تي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ تي سنڌ جي عوام ۾ سخت بيچيني آهي، جيڪڏهن اهو ڪئنال فوري طور تي بند نه ڪرايو ويو ته سنڌ مان ماڻهو روڊن تي نڪري احتجاج ڪري سگهن ٿا. سيد قائم علي شاهه لکيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت به پاڻيءَ جي کوٽ آهي، فصلن کي نقصان پهچڻ جو کُٽڪو آهي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻيءَ جو ڦُڙو به نه ويو آهي جنهن سبب لکين ماڻهن ۽ آبي جيوت توڙي ماحوليات آڏو خطرا آهن تنهن ڪري چشما جهلم لنڪ ڪئنال فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري شجاع احمد جوڻيجي ڪالهه ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود کي ليٽر لکي سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي. ليٽر ۾ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ارسا جي وقتي چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ”ارسا ايڪٽ تحت توهان کي سي جي ڪئنال کولڻ جو ڪوبه اختيار ناهي ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جي ورڇ ۽ انتظام جا سمورا مامرا ۽ اختيار ارسا کي حاصل آهن. جڏهن ته گڏجاڻيءَ لاءِ ڪورم جو هجڻ به لازمي آهي پر توهان غيرقانوني طور تي پنهنجي سر فيصلو ڪندي سي جي ڪئنال کولي ڇڏيو آهي جنهن جو ڪوبه قانوني جواز ناهي.“ ليٽر ۾ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري وڌيڪ لکيو آهي ته هلندڙ خريف ۾ جهلم-چناب سسٽم ڪٿيل پاڻي کان 8 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي کنيو جڏهن ته انڊس سسٽم (سنڌو درياءَ) ڪٿيل پاڻيءَ جي ڀيٽ۾ 16 سيڪڙو گهٽ پاڻي کنيو جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 41 سيڪڙو تائين به رهي آهي. ان کانسواءِ تربيلا ڊيم ڀرڻ لاءِ ڪٿيل پاڻي جي ڀيٽ ۾ اڃا به 64 فوٽ گهٽ پاڻي آهي ۽ 8 جولاءِ 2010ع تائين تربيلا ڊيم ۾ اڃا به 2 ڏهائي 89 ايم ايف پاڻي ڀرڻ جي گنجائش آهي پر جيڪڏهن چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا -پنجند ڪئنال وهندا رهيا ته تربيلا ڊيم ڀرجي نه سگهندو جنهن جا سنڌ ۾ زراعت تي تمام خراب اثر پوندا، تنهن ڪري فوري طور تي نه رڳو چشما جهلم لنڪ ڪينل پر تونسا -پنجند ڪئنال پڻ بند ڪيو وڃي. پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ارسا جا معاملا حل نه ٿيا ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويندو، ارسا صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو ذميوار ادارو آهي، ڪالهه هتي فيڊرل فلڊ ڪميشن جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست گهڻو حساس مسئلو آهي، جيڪڏهن ان مسئلي جو حل نه نڪتو ته جلد گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويندو، هن چيو ته وفاقي حڪومت ان معاملي جو جائزو وٺي رهي آهي، ڪنهن به صوبي سان زيادتي نه ٿيڻ ڏني ويندي، وفاقي وزير چيو ته ارسا ميمبرن جي استعيفائن سان ڪو فرق نٿو پوي، مستقبل ۾ ارسا جو جيڪو به ميمبر استعيفا ڏيندو ته لاڳاپيل صوبو ان جي جاءِ تي نئون ميمبر چونڊيندو، هن دعويٰ ڪئي ته هن وقت سنڌ ۽ پنجاب کي ضرورت موجب پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.
 
جواب: چشما ڪئنال وهائڻ تي سنڌ جو وزيراعظم آڏو احتجاج:سنڌ واسين ۾ بيچيني آهي،ماڻهو روڊ

اڃ اسان جو شهر مڪمل طور تي بند آهي جيڪڏهن پنجاب ائين انصافي ڪندو رهيو ته پنجاپ ڏانهن وندڙ رستا بند ضرور ڪندا سين اسان سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏ آهيو
 
Back
Top