گراڻا يا گهراڻا

'مختلف موضوع' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سنڌي ادبي بورڊ جي آنلائين لائبرري ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتاب مولود جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو آهي ان ۾ آهي ته الهڏنو گراڻو نصرپور جو هو مولودي هو الهڏني گراڻي جي ٻاري ۽ اٽل درس جي ٻارين جي وچ ۾ شغل جا مقابلا ٿيندا هئا فقير محمد هاشم مڱڻهار سندس شاگرد هو محمد هاشم مڱڻهار جو الهڏنو گھراڻو نصرپور وارو مداحن ۽ مولودن ۾ استاد هو ( نوٽ محمد هاشم مڱڻهار ٽنڊوالهيار جو هو )سنڌي ادبي بورڊ جي آنلائين لائبرري جي سلسلي ادب ۾ ڪتاب زنبيل مصنف ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صفحي 17 تي سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو ( شاعرن جي ڪلام ۽ عام چوڻين جي حوالي سان مولوي احمد ملاح جو به بيان آهي ان جي حوالا سمجھاڻيون ۾ احمد ملاح فتح لنواري ۾ ميان رحمت الله گھراڻو بدين 1357 هجري صفحو 3 آهي پر هن بابت احوال ڪوشش جي باوجود نه ملي سگھيو . انٽر نيٽ تي پيل ڪتاب ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ محمد انس راڄپر جو مضمون شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو دوست محبتي مخدوم معين ٺٽوي هن مضمون ۾ فقير محمد امين گراڻي ٺٽوي جو نالو آيل آهي جيڪو پير پٺي ( شيخ حسيين ديبلي ) شاھ وجيهه الدين جي مقبري تي وڃڻ وقت هنن ٻنهي بزرگ گستين سان گڏ هو ( هن مان به ظاهر آهي ته گراڻا يا گھراڻا هڪ قديم قوم آهي ) سنڌي ادبي بورڊ جي آن لائين لائبرري جي ڪتاب مناظرا جيڪو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪيو آهي جنهن جي صفحي 14 تي آهي ڏنو فقير گراڻو نصرپور جو ويٺل هو سندس ڪافيون مشهور آهن1955ع ۾ نصرپور ۾ وفات ڪيائين مناظرو ٻيڙي ۽ چلم جو آهي چلم پاڻ کي خوبصورت چئي ڪونج وانگر ڪچهرين ۾ ڪوٺي ٿي تڏهن جواب ۾ ٻيڙيءَ کي پاڻ کان گھٽ ڪوٺي ٿي تڏهن جواب ۾ ٻيڙي پنهنجي مقبوليت ۽ شوقين ڪوٺيندي کيس جواب ڏئي ٿي آخر ۾ سگھر وچ ۾ پئي ٻنهي کي خراب چئي صوفين جي ساراھ ڪري ٿو جي انهن ٻڻهي بدعتن کان پري آهن ان مناظري مان ڪجھه بيت هتي ڏجن ٿا
    تمهيد
    واکاڻيو واحد کي ، توهين بندا ڪريو بندگي
    رسول معشوق مولى جو جنهن ظاهر ڪئي زندگي
    ٻه بدعتون پاڻ ۾ اوچتيون پيون اٽڪي
    پوءِ ڪڙڪي ڪٽڪي ٻيڙي چڙهي ويئي چلم تي
    چلم
    چئي چڙهندينءَ ڇا چلم تي هنئين ساڙ حرامڙي
    لچي مون سان لڙ ڇڏ کاءُ نه گدامڙي
    ٿيندينءَ خوار خلق ۾ نياءُ ڪندا چار چڱا مڙي
    آهين اڳ جيتامڙي ڪرين ٿي وات وڏين سان
    ڏس ٽوپي اٿم ٽنگ جيڏي ناز ڀريو اٿم نڙ
    ويهان سونهان ڪچهريءَ وچ ۾ جئن ڪونج کڻي ڪر
    سوين سلامي منهنجا بيهودي ڇا ايندينءَ بر
    اٿي ٽرڙي ٽر نه ته گڏي وجھنديساءِ گوءِ سان
    ٻيڙي
    ڇا گڏيندينءَ گوءِ سان منهنجو رءِ لڳو آهي رنگ
    ننڍي وڏي کي مون پاڻ هنيو آهي ٻنگ
    ڪني ڪميڻي جنڊاهوڙي تو جوٽي کڻي جنگ
    جڏهن نروار ٿيس نسنگ تڏهن ڪتجين ٿي ڪنڊن ۾
    چلم
    ڇا ڀيڙي هڻندا ڀن ۾ آهيان ڪرامت جي ڪاني
    پر مڙسي پهلوان آهيان سڀ نشي جي ناني
    ڇا موالي ڇا صوفين کي آءٌ آهيان سياڻي آهيان
    بدعت جي باني ڪاڻ نه ڪڍان ڪنهن ڪوجھيءَ جي
    ڇو ڪنهن ڪوجھيءَ جي ڀلا ڪڍان ڪاڻ
    مردن جي مون وٽ لڳي راتو ڏينهن رهاڻ
    چون چلم جي چٽڪي تي موج ويٺو ماڻ
    هاڻي اڄ يا سڀاڻ سٽي ڪڍندي سنڌ مان
    ٻيڙي
    ڇو سٽي ڪڍندا سنڌ مان تون ماٺ نه ڪرين مم
    پوڙهي ڪراڙي ڪرڪڻي تون ڳهلي ڇڏ ڳم
    ڪو شيطاني شڪ اٿئي مٿي ۾ جو تازي ٿي دم دم
    هاڻي نياز ڪري نم مزو اٿئي محبت ۾
    چلم
    مزو آهي محبت ۾ ته پوءِ پاڻ ٻئي راضي
    متان علم عدالت جو کڻي ڪري قضا ڪو قاضي
    صوفي پاڻ کان سرس ٿي ويا گوءِ کڻي غازي
    اها اسان جي آزي ڪير ڏسندو ڪونه ڪو
    ڪير ڏسندو ڪونه ڪو پر مالڪ کي سڀ سار
    ڏنو فقير عرض ڪري ٿو الله جو اختيار
    قبول ڪندو امن ڏيندو مولا مون مختيار
    ڪلمي سان قرار لڏائيندو لوڪ مان
    28 سيپٽمبر 2014 ع تي سيد امداد محمد شاھ جي ورسي ملهائي ويئي جن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو