گراڻا يا گهراڻس

'مختلف موضوع' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    28 سيپٽمبر 2014 ع تي سيد امداد محمد شاھ جي ورسي ملهائي ويئي جنهن جي رپورٽنگ محمد قاسم انصاري ڪئي ان ۾ لکن ٿا ته راقم الحروف مزار تي مقرر ڪيل وقت کان چند ڪلاڪ اڳ پهتو ان وقت مزار جي ڀر ۾ ويٺل هڪ پيرسن شخص سان ملاقات ٿي . جنهن ٻڌايو ته آئون الهڏنو گراڻو آهيان پر الهڏنو منشي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهيان سيد امداد محمد شاھ تمام گھڻو قريب رهڻ جي ڪري اڄ سندس حاضري ڀرڻ آيو آهيان اها اميد اٿم ته آئون سائين جن جي فرزندن سيد جلال محمود شاھ ، سائين زين شاھ ۽ سائين ڊاڪٽر ضياءُ سان ملان جڏهن اهي هتي پتا ته هن سان گرم جوشيءَ سان مليا ۽ حال احوال پڇيائون ( هي الهڏنو گھراڻو محراب پور لڳ سڪرنڊ جو هو ) سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي مشهور ڪنڀر آچار ڪنڀر بابت مضمون آهي ،آچار ڪنڀر سنڌ جو هڪ مشهور ڪنڀر هو جنهن جي ڪاريگري شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو سندس اسٽال تي آئي هئي هن سان ملي هئي هن جي ڪاريگري ڏٺي هئي . هن مضمون ۾ غلام حيدر گراڻي جو ذڪر آهي جنهن بابت آهي ته غلام حيدر گراڻي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ڇهه مهينن تائين آچار ڪنڀر جي آوي تي معلومات گڏ ڪندو رهيو ۽ کانئس ٿانو ٺاهڻ جو آرٽ مللوم ڪندو رهيو ( غلام حيدر جيڪو رڪارڊ ۾ دائودپوٽو لکيل آهي جيڪو چوندو آهي ته آئُن گھراڻو آهيان ان بابت هڪ مضمون روزاني برسات ۾ نصرپور جو هيرو جي نالي سان شايع ٿيو هو هن ٻڌايو ته جڏهن آستاد آچار ڪنڀر وٽ ڪم ڪندو هوس فوٽ پاٿن تي به سمهندو هوس ممون کي منزل تي رسڻو آهي . پاڻ پنهنجي محنت سان لاهور جي ڪاليج مان اسڪالر شپ تي لنڊن ويا جتي مختلف ملڪن جو دورو ڪري معلومات گڏ ڪئي . جنهن جي نتيجي ۾ هن جيري ووڊ ايوارڊ حاصل ڪيو . هن اهو ايوارڊ سنڌي ثقافت پائي شهزادي چارلس کان وصول ڪيو . وڏي ڳالهه تي هن پنهنجي رلي کي به متعارف ڪرايو جنهن ۾ هن جي والده هڪ رلي ٺاهي رهي آهي اها هن جي سنڌ ڌرتي ۽ پنهنجي جيجل امڙ سان محبت جو اظهار آهي هي سيرامڪ سينٽر نصرپور جتي پاڻ سکيو به هو اتي به هڪ ذميوار آفيسر طور ڪم ڪري چڪو ۽ هالا جي ڪاليج ۾ ڪم ڪيو بحيثيت پرنسپال جيڪا پوءِ لاهور شفٽ ٿي ويئي . هي محمد صديق گھراڻو ۽ رفاقت علي آرائين کي پنهنجو استاد چوندو آهي هن وقت پاڻ نصرپور نيٽا نالي هڪ سينٽر کولي ڪاشي جي هنر کي جيون ڏنو آهي ته ٻئي پاسي هن سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ ٽيهن گھرن جا چلها ٻري رهيا آهن اڃا به نوجوان اچي رهيا آهن جيڪي پنهنجي روزگار سان لڳي رهيا . نه ته نصرپور جيڪو هنري شهر هو جنهن مان اڳٺ پٽاڙ ، رلي ، اجرڪ ، کيس ، سوسي موٺڙو ، گربي . ململ ( جنهن کي سنڌڻ چئبو آهي ) ٿانو ٺاهڻ جو فن وغيره ختم ٿي رهيو آهي ) اسان جي دعا آهي غلام حيدر اسان جي ديس جو سرمايو آهي هي وڌ ۾ وڌ ترقي ڪري .عبدالرشيد گبول ( اي آر بلوچ ) پنهنجي ڪتاب ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو ۾ صفحي 89 تي ساڪري جي جن قديم قبيلن جي لسٽ ڏني ويئي آهي ان گھراڻه به شامل آهن صفحي 88 تي لکن ٿا ته هي وقت جا وڏا جاگيردار ۽ نواب هئا ميرن جي دؤر ۾ حاجي خان گھراڻو اهم شخصيت ٿي گذريو آهي سندس ٽالپورن تائين رسائي هئي هي مالدار ماڻهو هئا ميرن هنن کي ديهه حاجي گھراڻو انعام طور ڏني هئي جيڪا اڃا موجود آهي ( هن وقت هيءَ يونين ڪائونسل حاجي گھراڻو آهي ) هڪ روايت موجب ميرن حاجي خان گھراڻي نواب جو لقب ڏنو هو . مراد جمال گبول جيڪو استاد به آهي ته شاعر به آهي پاڻ هاڻي رٽائر ٿيا آهن تازو سندس شاعري جو مجموعو ڪلام جمال آيو آهي جنهن جي صفحي 180 تي هڪ بيت ڏنو آهي
    سڳوريءَ سنڌڙيءَ هن تي سڪندر جي هئي سرداري
    گھڻو عرصو گھِراڻا پڻ وسائي ويا آهن واري
    هتي هو چچ جو چرچو ۽ ڏاهر ڏاڍ ڏيکاري
    عرب ۽ غزنوي سومرن سمن آ پرت پو پاري
    اڃان ارغونن ترخانن ڪئي هت انتها آهي
    مغل ۽ پو ڪلهوڙن ڪئي حڪومت جا بجا آهي
    ٺٽي جي شهر غلام الله ور جي هائي اسڪول ٽيچر احمد خان گھراڻو ۽ ٺٽي جي حاجي گلشير گھراڻو پوري سنڌ جي ڇڙوڇڙ ٿيل گھراڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن ۾ ڪامياب ويا غلام الله ور ۾ سموري سنڌ جا گھراڻا گڏ ٿيا جتي آل سنڌ گھراڻا ويلفيئر ايسوسئيشن سنڌ جو بنياد رکيو ويو جنهن ۾ هن قوم جو سردار حاجي محمد عيسى گھراڻو چونڊيو ويو جنهن جو تعلق ضلعو ٽنڊو محمد خان سان . سائين احمد خان گھراڻو ، حاجي گلشير گھراڻو ، محمد اسماعيل گھراڻو ايوب گھراڻو عبدالستا گھراڻو ۽ ٻين کي مرڪزي باڊي ۾ کنيو ويو . جيڪي سڄي سنڌ جي گھراڻن کي هڪ ڪرڻ جي جدوجهد ۾ آهن ، محمد اسماعيل هڪ اين جي او هينڊس ۾ ڪم ڪري ٿو جتي ڪيترن بي روزگارن کي روزگار سان لڳايو آهي سندن والد محمد الياس گھراڻو جنهن جھمپير جابلو علائقن ۽ ٻين ماڳن تي علم جي لاٽ روشن ڪئي جيڪو هاڻي اسان ۾ نه آهي پر سندس وفات تي ڪاوش ۾ مضمون به لڳو سندس نالي سان هڪ اسڪول آهي جيڪو سندس عملي جدوجهد جو نتيجو آهي . الله وسايو گھراڻو ٽنڊوالهيار ۾ صحافي حوٽل هلائيندو هو بهترين ليکڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو