گراڻا يا گهراڻا

'مختلف موضوع' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جيڪي سڄي سنڌ جي گھراڻن کي هڪ ڪرڻ جي جدوجهد ۾ آهن ، محمد اسماعيل هڪ اين جي او هينڊس ۾ ڪم ڪري ٿو جتي ڪيترن بي روزگارن کي روزگار سان لڳايو آهي سندن والد محمد الياس گھراڻو جنهن جھمپير جابلو علائقن ۽ ٻين ماڳن تي علم جي لاٽ روشن ڪئي جيڪو هاڻي اسان ۾ نه آهي پر سندس وفات تي ڪاوش ۾ مضمون به لڳو سندس نالي سان هڪ اسڪول آهي جيڪو سندس عملي جدوجهد جو نتيجو آهي . الله وسايو گھراڻو ٽنڊوالهيار ۾ صحافي حوٽل هلائيندو هو بهترين ليکڪ هو سندس فرزند شفاق گھراڻو هن وقت پي ٽي سي ايل ۾ وڏي عهدي تي آهي . ڊپٽي ڪمشنر محمد صالح جيڪو سانگھڙ ۽ ٺٽي جو ڊي سي رهيو اڄ به ٺٽي جا ماڻهو خاص ڪري گھراڻا هن کي ڏاڍو ياد ڪن ٿا هن جا ٻه فرزند آفتاب احمد ۽ عمران احمد ڊاڪٽر ، نويد احمد پروفيسر ۽ فريد احمد سيڪشن آفيسر آهن . محترم منظور حسين ڪالرو پنهنجي ڪتاب منهنجي من جا مامرا صفحي 88 تي هڪ بهترين استاد رياضي جي ماهر غلام قادر گھراڻو جو ذڪر ڪيو آهي هو لکن ٿا ته هي 16 جولاءِ 1933 ع ۾ گھوڙا ٻاري ضلع ٺٽو ۾ ڄائو 17 آگسٽ 1954ع ٽنڊوالهيار جي سنڌ ماڊل اسڪول ۾ استاد ٿي آيو ( پوءِ هي استاد ٽنڊوالهيار جو ٿي ويو آخري دم تائين هتي رهيو ) 01 آڪٽوبر 1972 ع تي ان ئي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو سندس رويو دوستاڻو همدرداڻو هوندو هو جنهن ڪري ٽنڊوالهيار جا ماڻهو کين پسند ڪندا هئا والي بال جو مشهور رانديگر ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند ج ڦڙتيلو ريفري هو اڄ به سندس علمي ڪارناما عزت سان پيش ڪيا وڃن ٿا پاڻ 22 فيبروري 1996ع ۾ وفات ڪيائون اڄ به سندس تصوير سنڌ ماڊل اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ لڳل آهي محب علي گھراڻو جيڪو ڍول گھراڻو جي نالي سان مشهور آهي پاڻ هڪ بهترين استاد هو هاڻي رٽائر آهي ان کان سواءِ بهترين شاعر به آهي سندس شاعري تي بهرين شاعرن محمد خان مجيدي ، ابراهيم منشي ، سرويچ سجاولي جو اثر آهي ڇاڪاڻ ته سندن لاڙ پاسي گھڻو تعلق رهيو آهي سندس هتي هڪ تخليق پيش ڪجي تي
    ڍول گھراڻو جي ڄاڻَ جي لاءِ نڪور شاعري
    ساٿ جو تون سرواڻ آن پورهيت - قوم جو اڳواڻ آن پورهيت،
    *مِلن جو تون مانُ آ پيارا- عظمت جو تون شان آ پيارا ،
    همت ، جرئت ، محنت جو تون - موج ڀريو مهراڻ آن پورهيت .
    *مشڪل کان هر مشڪل سر تي - مرڪي مرڪي يار کڻي ٿو
    پَهَڻَ پهاڙن کان ڀي ڏاڍو - پنهنجو ثاني پاڻ آن پورهيت .
    تنهنجو نالو جٿ، ڪٿ روشن –چنڊ جي تون چانڊاڻ آن پورهيت .
    *سرديءَ سڙندين ڪاڙهي ڪڙهندين –هيج مان هرڙا هڪلين ٿو ،
    هيرن جھڙا اَنَ اُپائين - هيرن جي تون کاڻ آن پورهيت .
    *تنهنجي ڪَٿَ ڪيئن ڪَٿي ڪو - ملهه مهانگو ماڻڪ تون آن ،
    *تنهنجي جوش ۽ جذبي آڏو - جھُڪي ڏاڍو، ڏاڍ وجي ٿو ،
    *تنهنجي همت سان آ قائم - ”ڍول“ سڄو هي ديس مٺا
    ديس جو تون معمار آ پيارا - ديس سڄو تو ساڻ آن پورهيت .
    تنهنجو پسينو سونَ کان سرسو – سونهن سندو مانڊاڻ آن پورهيت .
    تنهنجي هشمت هوشوءَ جھڙي - ڪين ڪڍي تو ڪاڻ آن پورهيت .
    خادم گھراڻو جنهن جو اصل نالو محمد خان آهي ادبي نالو خادم گھراڻو پاڻ پيشي جي لحاظ کان استاد آهن پاڻ شاعري ۾ نظم ، غزل ، وائي ، هائيڪا ، چوسٽو ٻين تي طبع آزمائي ڪئي آهي نثر ۾ ڪهاڻيون مضمون ڪالم تحقيق ڪجھه شامل آهي جيڪي مختلف اخبارن رسالن ، شعراءُ ٽنڊوالهيار ، سخنور سنڌ جا ڀاڱو ٻيون ادبي سنگت وغيره ۾ شايع ٿيا آهن ٽي ڪتاب ٽرين جدا ٿيو گل ، سمنڊ ڪنارو ۽ هيرن جواهرن جو ٿيلهو سنڌ سلامت جي لائبرري ۾ آن لائين آهن سندس هڪ نثري نظم هتي پيش ڪجي ٿو
    نثري نظم خادم گھراڻو
    آئون به ڌرتي جو ڄائو آهيان
    هڪ پورهيت جي گھر ۾
    جنم وٺندڙ آهيان
    آئون به هڪ پورهيت آهيان
    پنهنجا درد ڏک اندر ۾ لڪائي
    ٻين جي لبن تي مرڪون
    آڻڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙيان ٿو
    پر منهنجا به خواب آهن
    سي سارا اڌورا آهن جڏهن ٻين
    ٻارن کي اسڪول ويندي پسيان
    ٿو انوقت اهو سوچيان ٿو ڇا؟
    آئون مزدورآهيان ان ڪري
    جو غربت سبب منهنجا ٻار
    وڏن اسڪولن کان ڏور آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو