گراڻا يس گهراڻا

'مختلف موضوع' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جيئن ته ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب ڀٽ جو شاھ ۾ سنڌ جي هنر ڪپڙي تي ڪافي لکيو آهي جنهن ۾ خاص ذڪر نصرپور جو آهي جيڪي ڪپڙو ٺاهيندا هئا انهن کي ڪوري سنڌي لغات موجب گراڻو يا گھراڻو چئبو هو هنن جو تعلق سماٽ قوم سان آهي . سلسلي ڄاڻ پبليڪيشن نصرپور مان کنيل مواد موجب نصرپور ۾ ڪورين جا هڪ هزار پورهيت هئا فريملن ڪپڙن جي خريداري لاءِ هڪ ماڻهو نصرپور ۾ واپاري ڪوٺي کولي مقرر ڪيو هو .اها ڪوٺي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هئي نصرپور جون جوڙيون سٺي ناڻي تي وڪامنديون هيون نصرپور ۾ بهترين بافتو به ٺهندو هو اهو ڪم هتي جا ڪوري يعني گراڻا ڪندا هئا 1639 ع ۾ نصرپور مان ويهه هزار ڪپڙي جا تاڪيا 1643ع ۾ به ويهه هزار تاڪيا روانا ڪيا ويا 1639 ع ۾ لنڊن نالي جهاز ۾ نصرپور جي ڪپڙي جون 42 ڳٺڙيون انگلينڊ روانو ڪيون ويون 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نصرپور مان ڪپڙو خريد ڪيو 1652 ع ۾ ايسٽ انڊيا هتي واپاري ڪوٺي کولي هڪ صديءَ تائين نصرپور جو يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ويندو هو ٽالپورن جي دؤر ۾ نصرپور ۾ ڪورين يعني گراڻن يا گھراڻن جو تعداد 20 هزار هو . مون پاڻ پنهنجي ناني پنهنجي والد ، پنهنجن چاچن ، پنهنجن استادن ۽ رشتي دارن کي کيس ، سوسي ، موٺڙو گربي وغيره ٺاهيندي ڏٺو منهنجو والد کاڌي ۽ کيس ٺاهيندو هو يعني اسان به ڪوري ڪٽنب سان تعلق رکون ٿا جنهن ڪري گراڻا يا گھراڻا سڏجون ٿا .هن ڪم ۾ صرف گراڻا نه هئا پر ٻين قومن جا ماڻهو به هي ڪم ڪندا هئا جنهن ۾ مون خود ، خاصخيلي ، درس ، ميمڻ ، دائودپوٽا ، ۽ ٻين کي ڪم ڪندي ڏٺو هو . هن وقت هن هنر جو ڪوبه ڪاريگر نه آهي هيءُ هنر نصرپور مان بلڪل ختم ٿي چڪو آهي هن ڪم ۾ جيڪي گراڻا برادري جا ماڻهو ڪم ڪندا هئا انهن مان ڪجھه جا نالا ڏجن ٿا ، يار محمد گھراڻو ( کاڌي ۽ کيس جو ڪاريگر ) احمد خان ( کيس جو ڪاريگر ) فقير محمد ( کيس جو ڪاريگر 28 پيرن تي کيس ٺاهيندو هو ) محمد عثمان گھراڻو ، محمد حسن گھراڻو ، محمد رمضان گھراڻو الله بچايو گھراڻو سومار گھراڻو ، محمد صالح گھراڻو ،عبدالله گھراڻو ( هي کيس کاڌي موٺڙو سوسي ٺاهڻ جا ڪايگر هئا ) محمد طاحى گھراڻو هي کيس ٺاهڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪاريگر هو جيڪو ٻٽيهه پيرن تي کيس ٺاهيندو هو ، يار محمد ، محمد عرس ، محمد بچل ، فقير محمد هيءُ سوسي جو وڏو ڪاريگر هو ، حاميد هيءُ موٺڙي جو وڏو ڪاريگر هو ، مطلب گھراڻو ساٿي گھراڻو پانڌي گھراڻو صديق گھراڻو ( قلمڪار جو والد صاحب ) يار محمد گھراڻو ( قلمڪار جو چاچو ) محمد پنيل گھراڻو ( قلمڪار جو مامو ) فيض محمد گھراڻو محمود گھراڻو ۽ محمد گھراڻو وڏا ڪاريگر هئا ( نوٽ هن ۾ جيڪي ٻه يا ٽي دفعا نالا آيا آهن اهي سڀ هن هنر سان تعلق رکندا هئا گراڻا يا گھراڻا سڏبا هئا )
    سنڌ جا گھراڻا جتي تعليم ادب ، ۽ ٻين هنرن ۾ اڳيان آهن اتي انهن ڪاشي جي هنر کي زنده جاويد رکيو آهي جيڪو نصرپور ۾ ٽي ڪاشي جا ڪارخانا ، هڪ سيرامڪ ، هڪ نيٽا جو ادارو آهي ڪاشي جي ڪاريگرن جا ڪجھه نالا هتي ڏجن ٿا محمد هاشم گھراڻو ، هن ٺٽي جي جامع مسجد ٺهڻ ۾ حصو ورتو هو ، محمد صديق گھراڻو ( هي هائي اسڪول ٽيچر آهي پر هن هنر سان دلچسپي هئڻ سبب هي هنر به جاري رکيو اچي قلمڪار جو مامو آهي ) محمد ايوب گھراڻو ( هي سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ملازم آهي ، نصرپور جي تاريخ تي لکيل ڪتاب جو ليکڪ آهي جيڪو وٽس قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي هن جو الحبيب ڪاشي سينٽر آهي قلمڪار جو هيءُ به مامو آهي )اويس صديق گھراڻو ( هي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فائنل سال ۾ پڙهي رهيو آهي وڏو محنتي جفا ڪش آهي هي به ڪاشي جو ماهر ڪاريگر آهي قلمڪار جو ماروٽ آهي ) راجا محمد ابراهيم گھراڻو ( هي به سنڌ يونيورسٽي جي آزري سال ۾ آهي ڪاشي جو ڪاريگر آهي قلمڪار جو ماروٽ آهي ) ساجد الله گھراڻو ( هي آرڪيٽيڪٽ آهي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ماسٽر ڪري رهيو آهي اتي استاد به آهي پنهنجو آئي ڪين جي نالي سان ڪمپيوٽر سينٽر ۽ ٽيوشن سينٽر هلائيندو آهي هي به ڪاشي جو ڪاريگر آهي قلمڪار جو ماروٽ آهي ) محمد حسين گھراڻو ، محمد اسلم گھراڻو ، اياز علي گھراڻو ، وغيره هن هنر سان تعلق رکن ٿا . کٽ مڙهڻ به سنڌ جي هنرن ۾ هڪ اهم هنر آهي هتي ڪاترائي ماڻهو هن جا ماهر ڪاريگر هئا جن ۾ محمد جمن گھراڻو ( هي استاد هو وفات ڪري ويو آهي قلمڪار جو سوٽ هو ) محمد صالح گھراڻو ( هي هن وقت ماهر رازو آهي ، عبدالغفار ، ابوبڪر گھراڻو جيڪو شاگرد آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي هن برادري ۾ ڪاريگر آهن جيڪي هن هنر کي زنده رکيو اچن جيڪڏهن اڃا به ڪنهن دوست وٽ معلومات هجي ته اها شيئر ڪري جيئن هن ۾ شامل ڪري سگھجي جيڪڏهن ڪنهن کي هن ذات جو شجرو ملي وڃي ته اهو شيئر ڪري جيئن اسان ان کي ترتيب سان لکي سگھون جيڪڏهن هن مضمون ۾ ڪٿي غلطي ٿي هجي يا ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته ان کان معافي جو طلبگار آهيان اميد ته مون کي پنهنجو سمجھي معاف ڪندا
    مددي حوالا
    1 – سنڌي ادبي بورڊ جي آنلائين لائبرري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو