الطاف شيخ جي ڪتاب تي مشتمل سنڌ سلامت جي اينڊرائيڊ ايپليڪشن جو آغاز

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2019۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سال 2016 سنڌ سلامت جي مشھور پروجيڪٽ ڪتاب گھر جي شروعات ٿي. جنھن کي رڳو ڏيھ جي سنڌين ئي نہ پر پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌين بہ تمام گھڻو ساراھيو. گڏوگڏ سندن طرفان ڪتاب گھر جي موبائيل ايپ جي خواھش بہ وڌڻ لڳي. سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي زبردست ڊيٽابيس کي ساڳي سھيڙيل انداز سان ويب تان پام ڊيوائيسز تي منتقل ڪرڻ رڳو انتھائي محنت طلب ئي نہ پر گھڻ وقتو ڪم آھي جنھن تي ڪم ھلندڙ آھي. پر دوستن جي چاھ ڏسي سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي مکيہ ليکڪن جي ڪتابن کي ھڪ الڳ ۽ منفرد ايپ ۾ سھيڙي آڻڻ جي شروعات ڪجي ٿي. ان سلسلي ۾ پھرين ايپ محترم الطاف شيخ جي سفرنامن تي مشتمل ڪتابن تي پيش ڪجي ٿي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



    ايپ جي خوبين ۾ شامل آھن:
    • امبيڊ ٿيل سنڌي فانٽ SSRead جنھن سان اردو، سنڌي ۽ انگريزي متن کي ھڪ ئي وقت پڙھڻ ۾ آساني
    • ابتداءِ ۾ 40 کان مٿي ڪتاب (پر صرف 11 ميگا بائيٽ سائيز)
    • سمورا ڪتاب آف لائين پڙھن جي سھولت
    • فانٽ سائيز تبديل ڪرڻ جا اختيار
    • سيٽ ڪيل فانٽ سائيز ايپ طرفان ياد رکڻ جي سھولت
    • پڙھندڙ ڪتاب کي ياد رکڻ جي سھولت
    • مواد کي ڪاپي ڪرڻ ۽ پاڻمرادو اقتباس سان شيئر ڪرڻ جي سھولت



    ھن ايپليڪيشن جي تجويز سليمان وساڻ ڏني جيڪا سَٿَ جي سرواڻ رشيد سمون جِي رھنمائيءَ ۾ سنڌسلامت جي ٻن پروگرامرن، عبيد ٿھيم ۽ سجاد علي چنا جِي اڻٿڪ محنتن جو نتيجو آھي، اميد ته سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي ترويج لاءِ هي ڪوشش پڻ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
     
    عاشق علي چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت طرفان پنهنجي هونهار ڊويلپر عبيد ٿهيم جي اڄوڪي سالگراه ڏڻ تي سندس طرفان ئي تيار ڪيل هن شاندار ايپ کي رليز ڪندي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي... دعا آهي ته پاڻ سدا سرهو رهي ۽ پنهنجي زندگي جا سمورا سال ڀرپور طرح ملهائي.. !!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو