عصر ۽ مغرب جي وچ وارو وقت هو. آء عصر قضا پڙهڻ لاء شهر جي هڪ مسجد ۾ لنگهي ويس. مسجد ۾ پيش امام پنهنجي مصلي تي ويٺي مالها ٿي ڦيري. ۽ جڏهن تہ وڇايل پهرين صف ۾ هڪ ڪلين شيو جيڪو ننڍو ڪاروباري لڳي رهيو هو، سو ويٺل هو. ۽ هن شايد ڊو مور نظرئي تحت وڌيڪ مالدار ٿيڻ لاء وضيفو وغيره ٿي پڙهيو. آء وضو ڪري اچي هنن جي ڀر ۾ نماز نيتي ٿي بيٺس، تہ کن رکي پيش امام ڪلين شيو شهريء سان مخاطب ٿيو : "خبر پيئي، رات مولانا عصمت ﷲ کوسو آيو هو؟" "نہ مان کي تہ خبر ناهي" شهريء جواب ڏنو، ۽ اتاولو ٿيندي سوال ڪيائين : " پوء ڏي خبر، مزو ٿيو؟" پيش امام کلندي چيو: "مزي جي ڳالهه ٿو ڪرين، هو اسان واري انور کي سڃاڻين؟" " هاها، ڳالھ ڪر" "رات ان ڏي ڦريو ڀوڳ هڻي اصل ڀيڻ. . . . . . . ڇڏيئينس. ٻنهي طرفان نان اسٽاپ ٽهڪ گونجا، ۽ مان جيڪو ان وقت رڪوع جي حالت ۾ بيٺل هيس، گهڻي ڪوشش جي باوجود بہ کل کي روڪڻ ۾ ناڪام ويس. ( ابوذر انصاري)