سنڌي ادبي سنگت مرڪز جا غير جمهوري فيصلا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ادبي سنگت مرڪز جا غير جمهوري فيصلا​


    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 11 جولاءِ تي ٿيندڙ مرڪزي چونڊ ادبي سنگت جي تاريخ ۾ پهرين منفرد چونڊ هوندي، جنهن ۾ نتيجن اچڻ جو ڪنهن کي به انتظار ۽ تجسس نه هوندو ۽ شايد ان چونڊ ۾ سنڌ جي نمائنده تخليقڪارن جو هڪ وڏو انگ پنهنجي ووٽ جو جمهوري حق به استعمال نه ڪري سگهندو. ٻڌون ٿا ته اهي سمورا تخليقڪار يا سندن شاخون آئيني پورائو نه ڪري سگهڻ سبب چونڊن جي عمل جو حصو بڻجڻ کان قاصر آهن، انهن شاخن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جهول پڻ شامل آهي. دولتپور ۾ ٿيل مرڪزي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آئون جڏهن جهول مان روانو ٿيڻ لڳس ته هڪ نوجوان مائٽ جو روڊ ايڪسيڊنٽ عين ان وقت ٿي پيو، جڏهن هو منهنجي گاڏيءَ جي ڀر مان گذري رهيو هو. انساني همدردي کي اوليت ڏيندي، آئون کيس اسپتال کڻائي ويس، ڪجهه ئي دير کانپوءِ سندس مائٽ ۽ دوست پهتا ته انهن کي اتي ڇڏي آئون دولتپور اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيس. دير سان پهچڻ سبب ۽ مائٽ جي حادثي بابت اطلاع لاءِ آئون مسلسل يوسف سنڌيءَ جو فون ڊائل ڪندو رهيس، جيڪو مان وارو يوسف سنڌي هر ڀيري Busy (مصروف) رهيو، پوءِ جڏهن اجلاس واري هنڌ پرائمري اسڪول دولتپور پهتس ته سنڌي ادبي سنگت دولتپور جو دوست ۽ شاعر شبير سيال مليو، جنهن ٻڌايو ته دوست پريس ڪلب ۾ ويٺا آهن، ساڻس گڏجي پريس ڪلب دولتپور پهتس ته اتي مرڪزي عهديدار ۽ منهنجو دوست ڊاڪٽر مشتاق ڦل، آزاد انور ڪانڌڙو، زاهد راڄپر، فياض چنڊ ڪليري ۽ ٻيا ڏهه ٻارنهن دوست موجود هئا، جن جي موجودگيءَ ۾ مون ڊاڪٽر مشتاق ڦل سان حال احوال ڪيا، جنهن منهنجي ئي موبائل تان يوسف سنڌيءَ سان ڳالهايو ۽ مون کي پڻ ڳالهرايو. يوسف سنڌي چيو ته ٺيڪ آهي، جهول شاخ جي حاضري قبول ڪري سندس الحاق جي رد ٿيڻ وارو فيصلو واپس وٺندي، الحاق جاري رکون ٿا، ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر مشتاق سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان زاهد راڄپر کي يوسف سنڌي جي حوالي سان چئي. ٻئي ڏينهن جي سمورين اخبارن ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول جو نالو پڻ الحاق وڃائيندڙ شاخن ۾ شامل هو. اها يوسف سنڌي جي مون سان ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سان غلط بياني هئي يا ڊاڪٽر مشتاق ۽ يوسف سنڌي جي انڊر اسٽيڊنگ، ان جي مون کي خبر ناهي، پر ايتري خبر ضرور آهي ته يوسف سنڌي جي پراڻي خواهش جي تڪميل ته ضرور ٿي ۽ انهيءَ مسئلي تي ڊاڪٽر مشتاق جي ماٺ مختلف سوالن کي سگهارو ضرور ڪري ٿي. نه صرف جهول شاخ، پر سنڌي ادبي سنگت جون ٻيون به ڪيتريون ئي سرگرم شاخون يوسف سنڌيءَ جي انا جي اڏي تي ڪٺيون ويون آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ جهول تي هڪ اهو به الزام آهي ته سندس مرڪز سان رابطو ناهي، جڏهن ته يوسف سنڌي پاران وي پي ڪري موڪليل سنگت رسالي جون ڪاپيون جهول شاخ باقاعدي وصول ڪندي رهي آهي، ان کان علاوه دولتپور واري اجلاس کان تقريبن ٻه مهينا اڳ سانگهڙ ۾ الفقرا پريس تي ضلعي جي سمورين شاخن جي سيڪريٽرين سان گڏجاڻيءَ ۾ آئون پڻ جهول جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ شامل هئس ۽ ضلعي رابطه سيڪريٽري دودي پنهور جي معطلي خلاف مرڪزي سيڪريٽري سان اختلاف راءِ رکندي دوستن کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪئي هئم، جيڪا شايد يوسف سنڌيءَ جي اندر کي نه آئڙي. يوسف سنڌيءَ کي هن دفعي مرڪزي اليڪشن ۾ هم نوائي نه ڪرڻ تي جهول شاخ جي موجوده سيڪريٽري کي اهو چوڻ ته الحاق بابت موجوده دور ۾ بحاليءَ لاءِ ڪجهه شرط مڃڻا پوندا، اها انتهائي غير جمهوري ڳالهه آهي. يوسف سنڌي کي جيڪي به اختلاف راءِ رکندڙ شاخون هيون، سي سڀ غير فعال نظر آيون، جن کي موصوف مختلف طريقن سان ڪنڊائتو ڪندو رهيو، جيڪي اعلان پاڻ ڪيا هئائين، تن ۾ هڪ اعلان مرڪزي آفيس قائم ڪرڻ پڻ هو، جيڪو ويندي ويندي سنگت جو پلاٽ وڪڻي فليٽ ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي ڪوشش هئي. ادبي سنگت لاءِ مخصوص ٿيل پلاٽ، جنهن جي پيڙهه جو پٿر محمد ابراهيم جويي رکيو هو، ان کي ائين جلد بازيءَ ۾ کپائڻ ڪهڙي چڱائي چئبي؟ ادبي سنگت جي شاخن جي الحاق جي مشروط بحالي آئيني، اخلاقي ۽ جمهوري لحاظ کان بهتر نه آهي. ادارا ۽ تنظيمون جڏهن ذاتي پسند ناپسند ۽ من گهريا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ۽ انهن جو ڪارج به قائم رهي، اهو ناممڪن آهي. ادبي سنگت جي موجوده صورتحال پيچيده ۽ منجهيل آهي ۽ انهيءَ کي سلجهائڻ لاءِ اخلاقي جرئت، سهپ ۽ دانشمندي جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر مشتاق يا ڀاڳيا صاحب پنهنجي ڏاهپ، وسيع نظري ۽ جمهوري سوچ رکندي ادبي سنگت لاءِ مثبت قدم کڻن، ته جيئن ماضيءَ جيان ادبي سنگت جو آئيندو پڻ وڌيڪ تعميري ۽ بامعنيٰ بڻجي پئي.

    نور چاڪراڻي/سنڌي ادبي سنگت شاخ جهول
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو