نئون فيشن،نوان رنگ!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    والين پائڻ تائين ته ٺيڪ هو پر مرداڻن ماڊلنگ جون ڪجهه تصويرون ڏسي دل ٽپا کائي نڙيء ۾ اچي ويئي آهي.چڱن خاصن نوجوانن ميڪسيون پائي رکيون آهن جڏهن ته هڪڙي جوان مرد ته باقائدي پنهنجي مٿي تي پوتي به پهري رکي آهي ۽ گھڻي اميد آهي ته ترت ئي ڪنهنجو گھر وسائي وٺندو.پهرين خيال آيو ته شايد نوجوانن ۾ ڪا ”سلڪي ٽچ“ آهي پوء جاچ جوچ ڪئي ويئي ته پتو پيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي،سڀ ”حدود آرڊيننس “ جا اهل آهن.هڪڙو مشهور پروڊيوسر آهي پر اهڙو فيشن ڪندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ته موصوف فيشن ڪيو آهي يا ڪا غلطي.هڪ ڏينهن قبلا صاحب ٻه الڳ رنگن وارا جوتا پائي آيو.ساڄي پير ۾ ڳاڙهو ۽ کاٻي پير ۾ پيلو.منطق پڇيو ويو ته لاپرواهيء وچان فرمايائين؛ ماڻهوء کي ٻين کان الڳ نظر اچڻ کپي.مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ حضور! ماڻهو ماڻهو ئي نظر اچڻ گھرجي.اهو به فيشن آهي ته چمڪندڙ ڪوٽ هيٺان ڳاڙهي رنگ جي پينٽ پائڻ گھرجي ۽ وڌيڪ هيٺ بنان جورابن جي بوٽ پاتا وڃن جن جون ڪنهيون کليل هجن.ان قسم جا اڪثر ڇوڪرا وارن ۾ يا ته گھنڊ لڳائيندا آهن يا اهڙي ته چمڪدار ٺوڙهه ڪرائيندا آهن جو لڳندو آهي ته ليمينيشن ڪرايل هجي.ننڍپڻ ۾ هڪ چيوگم ملندو هو جنهن جي پيڪيٽ تي ڪنهن جانور جي تصوير هوندي هئي،ان جي استعمال جو طريقو نهايت ئي سادو هو،ٻانهن تي ٿوري ٿڪ لڳائي انهيء تي اهو تصوير وارو ڪاغذ چنبڙايو ويندو هو ۽ زور سان دٻائي کنيو ويندو هو ته تصوير ٻانهن تي ڇپجي ويندي هئي.اهو ان دور جو ”ٽيٽو“ هوندو هو جيڪو پهرئين غسل ۾ ئي صاف ٿي ويندو هو.عاشق مزاج ماڻهو ٻانهن تي محبوبا جي نالي جو پهريون اکر اڪرائيندا هئا،منهنجي سڃاڻپ واري بزرگ جي هٿ تي اڃا تائين ”ايس“ لکيل آهي.سندس چوڻ مطابق هن اهو سندس بيگم جي محبت ۾ لکرايو هو.مون پڇيو توهان جي بيگم جو نالو ته بلقيس خانم هو.اطمينان سان چيائين؛ ها آئون کيس پيار مان ايس بلقيس خانم چوندو هئس.هاڻي اهو رواج به هلي پيو آهي ته ڌڙا ڌڙ ٽيٽو اڪرايا وڃن ٿا ۽ اسٽائيل اهڙو جو گھاٽي ٺوڙهه جي پڇاڙيء ۾ ڀٽونء جي شڪل يا ٻانهن جي ڏوري تي ڏنگ هڻندڙ نانگ.نيٽو فورسز کان پوء اهو ٽيٽو فورسز گھڻو عام آهي.اسان جي هڪ اداڪارا جو ٽيٽو به گھڻو مشهور ٿيوهو.سندس تصوير ڏسي بي اختيار ٽين نظر ٽيٽو تي ئي پوندي هئي.اسان کي فيشن تي ڪو اعتراض ڪونهي پر ڦاٽل جينز، هڪ طرف نڪتل شرٽ ۽ ڇوڪرين جيان ڪيل چوٽيء کي فيشن چوڻ..نه نه،آئون نٿون مڃان، آئون نٿو ڄاڻان!

    ڊريس ۾ پينٽ شرٽ پائڻ جو رواج ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي.نئون نسل ان کي پراڻو فيشن سمجھي ٿو،غضب خدا جو،رائل بليو ڪلر جي شرٽ،لائيٽ گري ڪلر جي پينٽ ۽ هيٺان ڪاري مڪيشن جا بوٽ..ان کان اعليٰ ڊريسنگ ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟پر نه!ٻار نٿا مڃين.اوهان انهن کي ڪنهن به ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دوڪان تي وٺي وڃو ته هر اها جوتي سندن فيوريٽ بڻبي جيڪا اسان جي زماني ۾ پائڻ کان وڌيڪ مارڻ جي ڪم ايندي هئي.پر خوشيء جي ڳالهه آهي جو شادي وهانء جي موقعي تي وليمو ۽ بارات،اهي ٻه فنڪشن اهڙا آهن جن ۾ نوجوان نسل به ڪوٽ پينٽ پائڻ پسند ڪري ٿو.اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا چولي ضرور لٽڪندي رهندي آهي.مثال ڪالهه پاڙي جي هڪ شاديء ۾ وڃڻ ٿيو،هڪ فيشن ايبل نوجوان ڪوٽ پينٽ پهري رکيو هو پر شرٽ جو مٿيون بٽڻ کولي ٽائي کي ناٽ ان طرح لڳائي هئي ڄڻ ته اجھو اجھو ٿڪي ٽٽي دفتر کان گھر پهتو هجي.نئون نسل ته سلوار قميص پائي ئي ڪونه ۽ جيڪر پائي وٺي ته اتي به کچ مارڻ کان باز نٿو اچي.اوهان ئي ٻڌايو،هاف ٻانهن واري قميص سان گڏ کليل گھيرا ۽ گلن واري سلوار ڪيئن لڳندي آهي؟ فيشن جو اهو سلسلو رڳو ايستائين محدود ناهي،آئون ته صبح کان سڪتي جي عالم ۾ آهيان.گھٽيء ۾ هڪ نوجوان ڏٺم جنهن اڌ مڇ رکي ڇڏي هئي.جنهن تيزيء سان اڄ جي نوجوانن ۾ نرالو نظر اچڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي اهو ڏينهن پري ناهي جو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ نوجوان اهڙيون شيون به پائڻ لڳندا جيڪي بهرحال انهن کي هرگز نه پهرڻ گھرجن.عين ممڪن آهي ته اهي ننهن وڌائي ڇڏين،نيل پالش لڳائڻ شروع ڪن،هلو ايستائين به خير آهي پر ڊڄو ان وقت کان جڏهن وڏي کڙيء واري جوتي پائي پرس لوڏڻ شروع ڪري ڏين.فيشن جي ان ڊوڙ ۾ ڪم جي شيء خريد ڪرڻي هجي ته ڇهه دوڪان گھمڻا پون ٿا. آئون گرمين جي موسم ۾ عام طور تي ٽرائوزر ۽ ٽي شرٽ پائيندو آهيان،پوين ڏينهن ۾ ڪجهه نوان ٽرائوزر خريد ڪرڻ ويس ته خبر پيئي ته اڄ ڪلهه نئين فيشن جا ٽائيٽ پانچن وارا ٽرائوزر هلي رهيا آهن.لاحول ولا قوت!يعني ٽائيٽ ترين پانچا پائيو ۽ 42 ڊگري سينٽي گريڊ گرميء ۾ ڀت سان ٽڪرون هڻندا ڦرو.اهو فيشن فوري طور تي ختم هئڻ گھرجي ڇو ته انهيء سان روڊ وڌيڪ سوڙها ٿيڻ جو خطرو آهي جو ماڻهو “آسان باش“ پوزيشن م هلڻ شروع ڪري ڏيندا.انهن سمورن خطرن باوجود دل کي ڪجهه تسلي ضرور آهي ته مون تمام ٿورا اهڙا نوجوان ڏٺا آهن جيڪي شاديء کان پوء پنهنجو فيشن برقرار رکي سگھن.ڄڻ ته شادي ان اهم ترين مسئلي جو حل آهي.تنهن هوندي به ڏک جي ڳالهه اها جو اسان جي ملڪ ۾ ايتريون شاديون نٿيون ٿين جيتريون ولادتون ٿين ٿيون.ان ڪري الائينمينٽ آئوٽ هوندي آهي.سڌرن گھٽ پيا ۽ بگڙن گھڻا پيا.ڪو وقت هو جو جڏهن پنڪ ڪلر رڳو ڇوڪرين لاء مخصوص هوندو هو پر اڄ ڪلهه اهو مردن ۾ به عام آهي.هلو ان کي به معاف ڪيون ٿا ڇو ته خود مون وٽ به پنڪ ڪلر جون ٽي چار قميصون آهن.گھڻو افسوس ان ڳالهه جو آهي جو ڀلا بيلٽ سواء به ڪو پينٽ پائيندو آهي؟ جي ها پائيندا آهن ۽ ”بيلو دي بيلٽ“ پائيندا آهن جنهن کي ڏسي ڪري اڪثر اهو لڳندو آهي ته ايندڙ چوڪ تائين گانو هلي ويندو..”تون هل آئون آيس.“

    هاڻي مارڪيٽ ۾ ڪاشيڪاريء کان عاري ۽ پلينٽي شرٽ ڳولهڻ ۾ وقت لڳي ٿو،ڊزائين سواء سمپل ڪوٽ به نٿو ملي،مٿان وري ڪرتي ۽ سلوار جو به نئون رواج اچي ويو آهي،ڪرتو اهو ئي پراڻو آهي پر سلوار الاسٽڪ واري پاجامي ۾ بدلجي ويئي آهي.اسان جو هڪ دوست ان فيشن مان ڏاڍو خوش هو ته زندگي آسان ٿي ويئي آهي پر ٽيون ڏينهن جيڪي ڪجهه ساڻس ٿيو تنهن بعد هن پاجامو پائڻ کان ئي توبهه ڪري ڇڏي.موصوف صبح تڪڙ ۾ تيار ٿي دفتر آيو ته ڪرتو ۽ پاجامو پهريل هئس،ٿوري دير بعد گھران بيگم جو فون آيس،ڪجهه دير ته وڏي اطمينان سان ڳالهه ٻڌندو رهيو پر اوچتو ٻئي طرف کان خبر ناهي ڇا ٻڌائين جو سندس رنگ کي ڦڪو ٿي ويو.هڪ نظر پاجامي تي وڌائين،تيزيء سان ٿيلهو پڪڙيائين ۽ ڊوڙندو دفتر مان ٻاهر نڪري ويو!

    (اردو ادب مان ورتل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو