شفيق الرحمان شاڪر هن وقت ملڪ جنهن سياسي دڳ تي بيٺل آهي اتي لڳي ٿو ته سڀ جون سڀ ڌريون چڱيء طرح ڦاسي چڪيون آهن ۽ هر ڌر کي سندس ڌٻڻ مان نڪرڻ جو ڪو ئي رستو نظر نٿو اچي.عوام پراڻن حڪمرانن جي ڄار مان نڪري اهڙن تبديلي پسند حڪمرانن جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي جيڪي هڪ طرف صبر جي تلقين ۽ مشڪلون برداشت ڪرڻ جون صلاحون ڏيندا ٿا وڃن ته ٻئي طرف هر ايندڙ ڏينهن تي مهنگائيء جو هڪ نئون بم عوام مٿان ڦاٽڻ جو منتظر رهي ٿو.اڃا خير جي بجيٽ آئي ئي ناهي ته ماڻهن جون رڙيون نڪري وييون آهن،بجيٽ اچڻ کان پوء ڇا حشر ٿيڻو آهي خبر ناهي.آخر قربانين جا سڀيئي مطالبا رڳو غريب مخلوق کان ئي ڇو ڪيا وڃن ٿا؟ وڏن پيٽن وارن لاء ته موجون ئي موجون لڳيون پييون آهن.معلوم ٿيو آهي ته انهن سخت معاشي حالتن ۾ به حڪومت ملڪي خزاني مان هڪ وڏي رقم اسٽاڪ ايڪسچينج جي مدد لاء اڇلي رهي آهي ته جيئن معاشي مافيا کي ذرو به تڪليف نه پهچي جو هي ملڪ انهن جو ئي آهي.اها ته ٿي ڦاٿل عوام جي ڳالهه پر رڳو عوام ئي ڦاٿل ناهي حڪومت،احتسابي ادارا،اپوزيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ به بريء طرح ڦاٿل نظر اچي ٿي.حڪومت وٽ اهليت ۽ سنجيدگيء نالي ڪا شيء ناهي جو کيس ۽ ملڪ کي پيش آيل بحرانن مان ٻاهر نڪري سگھي.خبر ناهي حڪومت طرفان فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي حڪمت عمليء هيٺ ڪري رهيو آهي.هر ايندڙ ڏينهن تي حڪومت پنهن جي لاء پاڻ ڪانه ڪا مصيبت پيدا ڪريو ويهي يعني ”آ بيل مجهي مار.“ هن وقت جڏهن حڪومت کي اپوزيشن پاران مهنگائي ۽ بين مسئن جي ڪري سخت چيلينج سامهون آهي ته خبر ناهي حڪومت جي ڪهڙي همدرد دوست کين معزز ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي صلاح ڏني . جيڪر اهو ريفرنس داخل ڪرڻ هروڀرو هن و قت ئي ضروري هو ته اهو حڪومت بدران ڪو ٻيو شخص يا ڪا ٻي ڌر به داخل ڪري سگھي ٿي پر لڳي ٿو ته هن حڪومت کي اجايو بحران مٿان بحران پيدا ڪرڻ جو شوق سڪون سان ويهڻ نٿو ڏئي.اپوزيشن ان معاملي ۾ ڦاٿل آهي سندن ماضيء جي خراب ڪارڪردگيء سان گڏوگڏ سندن اڪثر قيادت تي بدعنوانين جا سنگين الزام آهن ۽ گرفتارين جي تلوار سر تي لٽنڪندي نظر اچي رهي آهي.نه ته ڪو اين آر او ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ماضيء جيان ڪا ڊيل ٿي رهي آهي جنهن ڪري اهي پنهنجو مال ۽ آل بچائڻ لاء سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاء تيار ٿي ويا آهن ۽ هر مسئلي کي سياسي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته جيئن حڪومت ۽ احتساب ادارن تي دٻاء وڌائي سگھجي.عوام انهن جي پويان ان ڪري نه نڪرندو جو انهن عوام کي ڪي سک ڏنا آهن پر ان ڪري جو هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگي نهايت ئي مايوس ڪندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ آهي،احتسابي ادارا به ڦاسي پيا آهن جو انهن تي حڪومت جو هٿيار بڻجي مخالفن کي سياسي انتقام بنائڻ جا الزام لڳي رهياآهن ۽ خود حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪجهه بيانن انهن ادارن کي وڌيڪ تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيب جي چيئرمين کي هن وقت جاويد چوڌريء کي اهو تڪراري انٽرويو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي.توڙي جو هاڻي ترديدون ڪيون پييون وڃن پر بهرحال ڪجهه ته دال ۾ ڪارو ضرور آهي.اهو به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته نيب چيئرمين جي ان انٽرويو سان صرف اپوزيشن کي ئي فائدو رسيو آهي.اسٽيبلشمينٽ ان معاملي ۾ ڦاسي پيئي آهي ته انهن هاڻوڪن حڪمرانن جي اهليت بابت جيڪو اندازو لڳايو هو اهو بلڪل غلط ثابت ٿيو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ لاء هاڻوڪا حڪمران ان هڏيء جيان آهن جن کي نه ته ڳوري سگھجي ٿو ۽ نه ئي ٻاهر ڦٽي ڪري سگھجي ٿو.ان سڄي صورتحال ۾ هلندڙ ٻه مهينا يعني جون ۽ جولاء حڪومت توڙي ملڪي سياست لاء نهايت ئي اهم آهن انهن ٻن مهينن اندر گھڻو ڪجهه تبديل ٿي سگھي ٿو ايستائين هاڻوڪا حڪمران رهندا يا نه،اسيمبلين جو مستقبل ڇا ٿيندو،نيون چونڊون ٿينديون يا ساڳي حڪومت کي ڪجهه هيٺ مٿي ڪري ڪم ٽپايو ويندو ، احتساب جو ڇا ٿيندو،گرفتاريون ٿينديون يا سياسي رليف ملندو؟ انهن سمورن سوالن جا جواب هنن ٻن مهينن جي اندر اندر ملي ويندا.هن وقت حڪومت ۽ سياست جي حوالي سان مختلف فارمولا زير غور آهن.اپوزيشن پوريء طرح گھڻي ڀاڱي متفق آهي ته ڪنهن به صورت ۾ حڪومت کي ان نموني ختم نه ٿيڻ گھرجي جو اسيمبليون ٽٽي وڃن.اهي ظاهر ۾ ڀلي ڪهڙيون به ڳالهيون ڪندا هجن پر انهن مان ڪوبه حڪومت ڪيرائڻ نٿو گھري ان ڪري جو سڀني کي خبر آهي ته هن حڪومت جي گھر ڀيڙو ٿيڻ جي صورت ۾ اڳيان هڪڙو سياسي بليڪ هول آهي ۽ في الحال عمران خان آخري سياسي رانديگر آهي.ٿي سگھي ٿو ته اپوزيشن مان ڪن کي اڃا به اها خوش گماني هجي ته عمران خان حڪومت وڃڻ سان وري کين حڪمرانيء جو موقعو مهيا ڪيو ويندو پر اها رڳو خام خيالي آهي.في الحال انهن جي نصيبن ۾ رڳو عدالتن جون حاضريون ۽ گرفتاريون نظر اچي رهيون آهن.انهن پاترٽين جي پهرئين درجي جي قيادت کي ان ڳالهه جي پوري پروڙ آهي پر اهي پنهنجن جارحاڻن بيانن ۽ احتجاجن ذريعي ڪجهه رليف حاصل ڪرڻ جي اميد رکيو ويٺا آهن. اپوزيشن جي صفن ۾ اها ڳالهه فائينل ٿي چڪي آهي ته مائنس عمران فارمولو انهن سڀني لاء قابل قبول آهي ۽ انهيء سلسلي ۾ عمران خان تي نه رڳو دٻاء وڌي رهيو آهي پر ايندڙ ڏينهن ۾ ان دٻاء ۾ گھڻو واڌارو ايندو.هن وقت عملي طور تي عمران خان اڪيلو ٿي چڪو آهي ايستائين جو سندس حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي اڪثريت به ان نئين فارمولي تي پوريء طرح رضامند نظر اچي ٿي ۽ انهن جا اندر ئي اندر اپوزيشن جماعتن سان رابطا آهن.سوچ اها آهي ته عمران خان کي هٽائي ان جاء تي ٻيو ڪو متفقاوزير اعظم آندو وڃي جنهن جي ڪابينا ۾ مختلف سياسي جماعتن جا وزير ۽ مشير به شامل هجن جنهن کي ”قومي حڪومت“ جو نالو ڏنو وڃي. ڇا عمران خان ان فيصلي کي آسانيء سان قبول ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏيندو يا هو مزاحمت ڪندو؟ لڳي نٿو ته عمران خان آسانيء سان وچان هٽي ويندو ۽ اهو به ته عمران خان جا ووٽر ڪو ان تبديليء کي آسانيء سان قبول ڪندا.بهرحال ايندڙ ڏينهن ۾ عمران خان لاء نهايت ئي ڏکيا ڏينهن اچي رهيا آهن . ڇا هو انهن سمورن بحرانن مان سلامتيء سان پار پئجي سگھندو اهو ئي اهم سوال آهي جنهن جو جواب هلندڙ ٻن مهينن دوران ضرور ملي ويندو.