شفيق الرحمان شاڪر ان سچائيء کان منهن موڙي نٿو سگھجي ته هر انسان جي فطري طور تي پنهنجي پنهنجي نفسيات هوندي آهي.انساني طبيعت ۾ فطري طور تي خوشي ۽ غم ٻنهي قسمن جا جذبا هوندا آهن جن جو تعلق سڌو ان جي طبيعت سان هوندو آهي.انسان جڏهن خوش هوندو آهي ته خوشيء جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن ڳائي ٿو ته ڪڏهن تاڙيون وڄائي ٿو.اهڙيء طرح جڏهن ان تي غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي غم ڀريل جذبن جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن روئندو آهي ته ڪڏهن دردناڪ نغما ۽ نوحا پڙهندو آهي.حقيقت ۾ انساني نفسيات جو تعلق سڌو ان جي سوچ ۽ ويچار يعني دماغ سان هوندو آهي.انساني زندگيء ۾ ٻن قسمن جي نفسيات ڪم ڪندي آهي جن ۾ هاڪاري يا مثبت ۽ ناڪاري يا منفي احساسن جو اهم ڪردار هوندو آهي.زندگيء جي هر شعبي ۾ اهي ٻئي نفسياتي سوچون مختلف قسمن جي احساسن کي جنم ڏين ٿيون.جن ۾ منفي لاڙن ۽ احساسن جي سختيء سبب ئي اڪثر انسان احساس برتري يا احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انسان ڪڏهن دشمنيء واري جذبي ته ڪڏهن حسد جو شڪار ٿئي ٿو.ناڪاري سوچ سبب انساني طبيعت مايوسي ۽ نااميدي ته ڪڏهن وري خوف ۽ وهم جهڙن نفسياتي مرضن جو شڪار ٿي ڪري رهجي وڃي ٿي.نفسيات جا ماهر ان قسم جي شديد احساسن کي ذهني يا نفسياتي بيمارين سان تعبير ڪن ٿا.اهڙيء طرح جي ڪمپليڪس ۾ ڦاٿل ماڻهن جي شخصيت سماج ۾ بريء طرح متاثر ٿي رهجي وڃي ٿي.ڪو انهن کي مغرور چوندو آهي ته ڪو انهن کي خبطي.بهرحال انهن جي رويي سبب سماج ۾ انهن بابت جيڪا راء قائم ٿئي ٿي اها سندن شخصيت کي گھائل ڪري ڇڏي ٿي جنهنجو هنن کي احساس به نه ٿيندو آهي.ان قسم جي نفسياتي مريضن سان وڏي مشڪل اها هوندي آهي جو کين پنهنجي مرض جو احساس ئي نه هوندو آهي جڏهن ته جيڪي جسماني مريض هوندا آهن انهن کي سندن مرض جو چڱيء طرح احساس هوندو آهي ته کين ڪٿي ۽ ڪهڙي تڪليف آهي.نفسياتي مريض پنهنجي ناڪاري سوچ ۽ فڪر سبب جيڪا سندن ذهن ۾ اوتجي چڪي هوندي آهي،غير معمولي عادتن جو شڪار ٿي پنهنجو پاڻ کي هر وقت صحيح سمجھڻ لڳندا آهن.ان قسم جي ذهني مريضن کي نفسيات جي ماهرن او سي ڊي (Obsessive Compulsive Disorder) سان تعبير ڪيو آهي جنهن ۾ مريض ڪنهن هڪ شيء جي باري م وري وري سوچيندو آهي يا ڪنهن عمل کي بار بار ورجائيندو آهي.جيڪي ماڻهو ان نفسياتي بيماريء جو شڪار ٿين ٿا انهن جي ذهن ۾ جيڪو خيال ايندو آهي انهيء تي اهي ترت عمل ڪرڻ لڳن ٿا پر انهن کي خود پنهنجي غير معمولي رويي جو احساس ئي نه هوندو آهي.عام زبان ۾ ان عمل کي ”خبط جبراني“ چيو وڃي ٿو.ان قسم جا نفسياتي مريض ڪڏهن ڪڏهن مختلف قسمن جي شڪن شبهن ۽ وهمن ۾ ڦاسي خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا.انهن جون عادتون پوريء طرح بدلجي وڃن ٿيون.مثال،ڪو شخص وري وري هٿ ڌوئڻ بعد به مطئمن ناهي ٿيندو.هن کي ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه جو احساس ۽ گمان رهي ٿو ته سندس هٿ ۾ ڪا گندگي رهجي ويئي آهي ۽ سندس هٿ صاف ناهن ٿيا ان ڪري هو پنهنجي وهم سبب هٿن کي بار بار ڌوئڻ پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي ٿو.ان قسم جي نفسياتي مريضن جو استخاري تي اعتماد وڌي وڃي ٿو ۽ اهي ننڍي کان ننڍي ڳالهه لاء به استخاري جو سهارو وٺن ٿا ايستائين جو استخارو ڪرڻ سندن عادت بڻجي وڃي ٿو.اهو مرض ايترو وڌي ٿو جو ماڻهن سان ملڻ ٻاهر نڪرڻ،ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ،نماز جماعت سان يا اڪيلي پڙهڻ،مطلب ته هر شيء ۾ استخارو ڪرڻ جا قائل ٿي وڃن ٿا.اهي ضروري ۽ لازمي ڪمن جي ادائيگيء لاء جنهن ۾ عقلي ۽ فطري حڪم هوندو آهي انهيء ۾ به استخاري جا عادي بڻجي وڃن ٿا.ايستائين جو پنهنجي ان عادت سبب پنهن جا ڪيترا نقصان به ڪري ويهن ٿا.حقيقت م اهڙي نفسيات رکندڙ ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي خود اعتمادي وڃائي ويهن ٿا جيڪا انهن کي بار بار اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.ڪڏهن ڪڏهن اڻ ڄاتل خوف به کين ستائيندو آهي جنهن سبب اهي ايئن ڪندا آهن.انهن جي ان نفسياتي رويي جو تعلق انهن جي ان ذهني ايپروچ سان هوندو آهي جيڪا سندن ذهن ۾ پهرين کان ئي گھڙي چڪي هوندي آهي.ماهر نفسيات پروفيسر آئي اي ترين لکيو آهي؛ ” ڪجهه ذهني بيمارين ۾ مريض جي ڪنن ۾ مليل جليل شور ۽ آواز بڌڻ ۾ ايندا آهن.جڏهن مرض وڌي ٿو ته باقائدي مردن ۽ عورتن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن پر ڳالهه ڪندڙ ماڻهو نظر نه ايندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن مريض انهن جي ڳالهين جو جواب به ڏيندو آهي جڏهن ته ماڻهو سمجھندا آهن ته هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي.ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مريض کي انهن مان مزو ايندو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن نه هوندو آهي مريض کي اهي ئي آواز جيڪي هن سان ڳالهائين ٿا هن کي الهام هئڻ جو احساس ڏيارڻ لڳن ٿا.“ ڪنهن به قسم جي اڻ ڄاتل خوف ۽ شڪن جي بنياد تي ان قسم جا نفسياتي مريض ماڻهن کي پنهنجو دشمن به سمجھڻ لڳن ٿا جڏهن ته ماڻهو انهن جا دشمن نه هوندا آهن ڇو ته جڏهن اهي پاڻ ڪنهن جا دشمن ناهن ته ٻيا انهن جا دشمن ڇو ٿيندا پر هو ان نموني نه سوچيندا آهن.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي پسند ٿي ويندا آهن.پنهنجو پاڻ کي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ پسند نه ڪندا آهن.کين ڊپ لڳندو آهي ته منهن جا دشمن منهنجي پويان لڳل آهن جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ گھرن ٿا.منهنجي خلاف سازشون ڪيون پييون وڃن ايستائين جو ان سان جڏهن ڪو سندس پنهن جو ويجهو به ملڻ ويندو آهي ته اهي سمجھندا آهن ته ان کي منهنجي ڪنهن دشمن مون ڏانهن موڪليو آهي.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي پاڇي کان به ڊڄڻ لڳندا آهن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به شڪ جي دائري ۾ ڏسڻ لڳن ٿا جڏهن ته حقيقت ۾ اهي سندن همدرد ۽ چاهيندڙ هوندا آهن.ايستائين جو ان قسم جا ذهني مريض سندن شخصيت جي برن اثرن ۽ منفي روين ۽ سلوڪ سبب آهستي آهستي سماج ۽ گھر وارن جي محبت ۽ پيار کان دوري ۽ بي ڌيانيء جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا.اهي پنهنجي لاء پاڻ پيدا ڪيل وهمي دنيا ۾ گم ٿيڻ لڳن ٿا جيڪا نهايت ئي خوف،شڪ ۽ بي يقينيء جي دنيا ٿئي ٿي.اها هڪ اهڙي بيماري آهي جو شڪ کان شروع ٿي يقين ۾ بدلجڻ لڳي ٿي.ان جو مثال ايئن سمجھو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪنهن پراڻي ديوار تي جنهنجو پلاسٽر يا پينٽ اڍڙي ويو هجي ۽ اسان ان کي جڏهن ڌيان سان ڏسڻ شروع ڪيون ٿا ته ان ۾ اسان جيڪا تصوير به پنهنجي ذهن ۾ اڀارينداسين اها ئي تصوير اتي نظر ايندي.جيڪڏهن اسان ان کي ڪنهن پوڙهي جي شڪل ۾ يا ڪنهن جانور جي شڪل ۾ سوچينداسين ته اهو ئي نقش اڀري ايندو جيڪو يقين جي صورت اختيار ڪرڻ لڳي ٿو.اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي جو اسان جي نظر تي اسان جي سوچ غالب اچي وڃي ٿي. ان قسم جي نفسياتي بيمارين جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا.اهو به ممڪن آهي ته ڪو حادثو جنهنجو شڪار مريض ٿيو هجي،ان حادثي جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هجي ۽ اهو خوف ۽ شڪ ان جي ذهن جي لڪيل خانن ۾ شڪ مان گذري يقين جي صورت اختيار ڪري ويو هجي.اهڙن نفسياتي مريضن جو علاج ناممڪن ڪونهي ڇو ته اها ڪا لاعلاج بيماري ناهي.اهڙن مريضن کي پاڻ يا سندن گھر وارن کي گھرجي ته اهي ڪنهن ماهر نفسيات سان ترت رابطو ڪن ته جيئن مشاورت ذريعي سندن مرض جو علاج ٿي سگھي.اهڙا مريض رحم ۽ همدرديء لائق ٿين ٿا.سندن ذهني ڪيفيت کي ڏسندي ساڻن ان قسمن جو همدرداڻو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.انهن سان الجھڻ يا بحث ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي.جاهل سماج ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته اهڙن مريضن جي علاج لاء ماڻهو جاهل ۽ ٺڳ عاملن جي چڪرن ۾ ڦاسي وڃن ٿا ۽ اهي اهڙن مريضن کي جن يا آسيب ۾ ورتل،جادو ڪيل وغيره قرار ڏيئي اهو ٻڌائيندا آهن ته اهڙيون نظر نه ايندڙ طاقتون انهن کان اهو ڪم ڪرائي رهيون آهن جڏهن ته سچائي اها ناهي هوندي. اها هڪ اوسي ڊي جهڙي بيماري آهي جنهن لاء مريض ۽ مريض سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڪنهن عامل يا جادوگر بدران ڪنهن ماهر نفسيات سان رجوع ڪرڻ گھرجي.