سائين ھي فونٽ نٿو ملي سنڌ سلامت تي، مون سڀ فونٽ استعمال ڪري چڪو آھيان پر ھي فونٽ ڪونه ٿو ملي، سنڌ سلامت کان اڳ به ھن فونٽ جي باري ۾پڇيو ويو پر جواب نہ ملي سگهيو، اوھان دوستن کان گذارش آهي جنهن بہ دوست کي ھن فونٽ جي ڪا ڄاڻ ھجي تہ رھنمائي ڪندا تہ توهان جي مهرباني ٿيندي.
هن فانٽ جو نالو ڇاهي..؟ ڪاٿي هي محترم احمد سومرو جو ايم بي احمد سومرو ته ناهي... https://font.sindhsalamat.com/font.php?id=33
نہ سائين ھي فونٽ ھنن سڀني فونٽ کان ٿورو مختلف آهي، پر وڏي ڪوشش کان پوءِ بہ ھي فونٽ نہ ملي سگھيو، سر اوھان کي ھن فونٽ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي تہ شيئر ڪندا.
نہ سائين احمد سومرو جو فونٽ ناھي، اھو فونٽ مون استعمال ڪيو آهي، پر ھي فونٽ انکان مختلف آھي، اڳ ۾ بہ ڪئي دفعا سنڌ سلامت فورم تي ان فونٽ جي باري ۾ ڪچھري ٿي ھئي پر مطمئن جوڳو جواب نہ ملي سگھيو،
سائين ھن فونٽ جي نالي جي خبر ناهي، مون سليمان وساڻ ۽ ٻين فونٽ ڊولپر سان رابطو پڻ ڪيو آهي، پر وڏي ڳالهه تہ اِھا آھي، ھن فونٽ جي باري ۾ ڪنهن کي بہ خبر ناهي تہ ھي فونٽ ڪنھن ٺاھيو آهي ۽ ڪٿان ملندو،