شفيق الرحمان شاڪر لنڊن وارو پير جڏهن تازو تازو آمريڪا کان پاڪستان موٽيو هو ته سندس چاهيندڙن سندس اهڙو ته گرمجوشيء سان آڌر ڀاء ڪيوهو جنهن جي عام حالتن ۾ اميد ڪري نٿي سگھجي.ڪجهه ڏينهن کان پوء نشتر پارڪ ۾ هڪ جلسو ٿيو،تجربيڪار صحافين جو چوڻ هو ته جنهن جماعت اهو پارڪ ڀري ورتو سمجهو ته ڪامياب ٿي ويئي ۽ اهو جلسو اهڙو ئي هو جنهن هڪ اهڙي جماعت ۽ سندس ليڊر جو ٻيڙو پار لڳايو هو جنهن کي ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۾ تعصب ڀريل زهريلي سياست ڪرڻي هئي. الطاف حسين ڪير هو ۽ هو ڇا چاهيندو هو اهو ڪو هاڻي راز نه رهيو آهي.ملڪ جي سمورين محب وطن ڌرين ان وقت ئي اهو اندازو لڳائي ورتو هو ته اهو جيڪو نئون ٻوٽو پوکيو پيو وڃي انهيء جا ڪنڊا ملڪي سياست مان هڪ ڊگھي عرصي تائين لڻڻا پوندا پر ان وقت اسٽيبلشمينٽ خبر ناهي ڪهڙي مصلحت هيٺ سياست جي پردي ۾ اڀرندڙ انهيء ڏوهاريء مافيا کي نه رڳو خوني راند کيڏڻ جي اجازت ڏني پر سندن پوري حمايت ۽ حفاظت به ڪئي.هن شخص جڏهن به زبان کولي ته ملڪ جي ٻين قوميتن جي خلاف سدائين زهر اوڳاڇيو،اردو ڳالهائيندڙ آباديء جي محرومين جو ماتم ڪندي هن پنجابين،پٺاڻن۽بلوچن سان گڏوگڏ سنڌ جي اصل ڌرتيء ڌڻين کي به معاف نه ڪيو،اهڙيء طرح هن وڏي چالاڪيء سان پنهنجن مذموم مقصدن جي حصول لاء اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي عدم تحفظ ۽ خوف جي احساس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.سندس منفي ذهنيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو جو هن اردو ڳالهائيندڙن کي گھر جو سامان وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.هاڻي الطاف حسين مهاجرن جو اڪيلو نمائندو ۽ مهاجر قومي موومينٽ جو قائد تحريڪ سڏجڻ لڳو.ڪراچيء ۾ مقبوليت جا جھنڊا کوڙڻ بعد سندس اڳين منزل حيدرآباد هئي. سندس حيدرآباد واري جلسي کان اڳ ئي سهراب ڳوٺ وٽ هڪ وڏو سانحو ٿي پيو.اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن وچ ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي وييون جنهن کان پوء کيس ٻين ماڻهن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو پر کيس” پنهنجو ڪم“ ڪرڻ لاء آزاد ڪيو ويو.ان کان پوء سندس اڳواڻيء ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ جيڪي ڪيس ڪيا انهن جي هڪ ڊگھي تاريخ آهي.اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ پلجندڙ انهيء جماعت نه رڳو سنڌ جي وڏن شهرن کي غنداگرديء ذريعي يرغمال بڻايو پر هر سياسي توڙي غيرسياسي حڪومت به سندن حمايت جي محتاج رهي.اهڙيء طرح مختلف حڪومتن ۾ اهم وزارتن ۽ مشيرين تي رهندي پنهنجي نيٽ ورڪ کي ايترو ته مضبوط ڪيو جو قائد تحريڪ جي حڪم سواء پاڪستان خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پن به نه چرندو هو پر نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن لنڊن واري پير جي آخري تقرير سندس سياسي زوال جو سبب بڻي.ان تقرير ۾هن پاڪستان توڙي پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف نهايت ئي گندي ۽ ڌمڪي آميز زبان استعمال ڪئي هئي.خبرون آهن ته انهيء تقرير جي ڏوهه ۾ ئي کيس برطانيا پوليس طرفان گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ۽ هڪ ڏينهن بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.. معاملو رڳو ان هڪڙي تقرير جو ناهي،ٻيا به ڪيترائي ڪيس ۽ معاملا آهن جيڪي سندس پيڇو ڪري رهيا آهن.جن ۾ مني لانڊرنگ ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳوڻي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل به شامل آهي. اسڪاٽ لينڊ پوليس الطاف حسين جي گھر تي ڇاپو هنيو ۽ سندس گرفتاري عمل ۾ آندي.سندس گھر جي تلاشي به ورتي ويئي.الطاف حسين کي جنهن تقرير جي ڏوهه ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو ان حوالي سان پاڪستاني حڪومت گھڻا تفصيل برطانوي حڪومت کي مهيا ڪيا هئا ۽ اطلاعن مطابق برطانوي تحقيقاتي ادارن جون ٽيمون ان سلسلي ۾ پاڪستان اينديون رهيون آهن.برطانوي پوليس مطابق الطاف جي گرفتاري برطانوي قانون جي سيڪشن 44 هيٺ عمل ۾ آَئي ۽ هن جي خلاف ڄاڻي واڻي ڏوهه جي مدد ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ جو الزام آهي.پنج سال پهرين 1914ع ۾ به الطاف حسين کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.ان وقت برطانوي پوليس سندس خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جاچ ڪري رهي هئي.بعد ۾ اها جاچ ثبوت ناڪافي هئڻ سبب بند ڪئي ويئي. الطاف کان پڇا ڳاڇا ان وقت ٿي رهي آهي جڏهن سندس جماعت ايم ڪيو ايم سندس هٿن مان نڪري چڪي آهي.متحده قومي موومينٽ پاڪستان ساڻس لاتعلقيء جو اظهار ڪري چڪي آهي ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن خود ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي. ڪراچيء ۾ هاڻي نه ته ايم ڪيو ايم جي اها سياسي پوزيشن باقي رهي آهي ۽ نه ئي الطاف حسين جو خوف جنهن کان ڪجهه سال پهرين سڄو شهر متاثر ٿيندو هو.الطاف حسين 1991ع کان لنڊن ۾ رهيل آهي ۽ هو برطانوي شهريت به حاصل ڪري چڪو آهي.هن برطانيا ۾ ان بنياد تي سياسي پناهه ورتي هئي جو سندسص چوڻ مطابق کيس پاڪستان ۾ پنهنجي جان جو خطرو هو.وقت جي ستم ظريفي چئجي يا قدرت جو مڪافات عمل جو جنهن ماڻهوء جي هڪڙي لفظ تي شهر کلندا ۽ بند ٿيندا هئا هاڻي سندس گرفتاريء تي به احتجاج طور ڪو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي!