سنڌ اڪيلي، سامهون سٿَ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ اڪيلي، سامهون سٿَ​


    ڊاڪٽر ايوب شيخ

    ارسا پنهنجي ڄمار ۾ هڪ وڏي غلطي ڪري ويٺو آهي. پنجاب کي قانوني طور ان جو سنئون سڌو نقصان پهچي چڪو آهي. سنڌ جو ڪيس جيڪڏهن مضبوطي سان وڙهڻ لاءِ اها گرفت رکي وئي جيڪا سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته هن سڄي مامري ۾ پنجاب جي هڪ ”خاص ذهنيت“ کي بي نقاب ڪرڻ جا ڏينهن موجود آهن. هي اهو ئي رويو آهي ۽ اها ئي ذهنيت آهي جنهن جي خلاف مرحوم محمد خان جوڻيجي جي وقت ۾ هڪ سنڌي آبپاشي وزير جو اهو بيان اخبارن ۾ آيو هو ته ”پنهنجا ڪپڙا بچائي آيا آهيون“. ارسا جا سنڌ ۽ وفاق جا ميمبر پنهنجي ”عزت“ خاطر استعيفا ڏئي ارسا کي بي معنيٰ ڪري چڪا آهن، ارسا جو اڪيلو وقتي چيئرمين جنهن کي قانوني طور ڪنهن به عمل ڪرائڻ جو اختيار ڪونهي، تنهن پنجاب ۾ چشما- جهلم لنڪ ڪينال کولي ان ۾ پاڻي ڇڏيو آهي. جنوري مهيني کان اها ”پاڻي مٿان جنگ“ پنهنجي چوٽ تي آهي. واپڊا وارن ارسا جي ان صاحب جو غيرقانوني حڪم مڃي اهو ٻيو وڏو ڏوهه ڪري ڇڏيو آهي. اخبارن ۾ آيو آهي ته سنڌ جو پاڻي گم ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار ان پاڻي جي ڳولا لاءِ قانوني ۽ آئيني مامرن جا دڳ ۽ گس ڳولڻ ۾ مشغول آهي. پاڪستان ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو، پاڻي جي انتظام جو مناسب بندوبست ان ڪري نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته پاڻي جي باري ۾ واپڊا، ارسا ۽ زمينون رکندڙن جا پنهنجا پنهنجا خيال ۽ اوليتون آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جا مظاهرا جاري آهن، پاڻي هن مند ۾ جيترو هجڻ گهرجي اوترو موجود آهي پر اريگيشن کاتو اها ڳالهه ميڊيا کي ٻڌائڻ ۾ سوڀارو نه ٿيو آهي، ان ڪري پاڻيءَ جي اڻاٺ خلاف واويلا چوٽ چڙهيل آهي. ان سڄي سلسلي کي هوش سان سمجهڻ ۽ ان باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ ۽ سنڌ سرڪار جي اصولي موقف کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. جوش جي ڪري ڪيئي اهم ترين مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ اوس اسانجو نقصان ٿئي ٿو. اچوته پيرائتي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون:

    9 فيبروري تي ارسا جي ميمبر محمد خان ميمڻ کي ارسا جي هنگامي اجلاس ۾ سڏايو ويو. ان ۾ چشما جهلم لنڪ ڪينال کولڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر سنڌ سرڪار جي ٺاهيل لابي هيٺ سنڌ جو ميمبر، وفاق جو ميمبر بشير ڏهر ۽ بلوچستان جو نمائندو چوڌري امين ان لنڪ کي کولڻ تي ان ڪري راضي نه ٿيا ته ”ايترو پاڻي ئي ڪونهي“. ان ووٽنگ جي ڪري پنجاب جي عيوضي ۽ ان وقت جي چيئرمين امان گل خٽڪ ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن جو صدمو نه سهي ان استعيفا ڏئي ڇڏي. 12 فيبروري تي اها ڪينال کولي وئي ته طوفان اٿيو، ان کي بند ڪرڻو پئجي ويو. ربيع جي ان موسم ۾ پاڻي جي مٿان سخت نگراني ڪري ان باري ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي ملي. ان وچ ۾ ارسا پاران ڪوشش ڪئي وئي ته هو بلوچستان سرڪار کي آماده ڪري ته پنهنجي اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري ۽ ارسا عيوضي چوڌري امين کي پنهنجي راءِ بدلائڻ ۾ مدد ڪري. چوڌري ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃي ته ارسا جي وقتي چيئرمين شفقت مسعود وفاقي سرڪار کي لکيو ته، ”اسان چوڌري امين کي هٽائي ڇڏيو آهي.“ ارسا ايڪٽ موجب ايئن نه ٿو ڪري سگهجي. ارسا جا ميمبر صوبائي سرڪار مقرر ڪندي آهي ۽ ان کي لاهڻ جو فرض وفاق کي ادا ڪرڻو آهي. هاڻي ارسا پنهنجي چيئرمين ۽ بلوچستان جي نمائندي کان محروم ٿي چڪو هو.

    29 جون تي ارسا پنهنجي خاص اجلاس ۾ لنڪ ڪينال کولڻ تي وري زور ڀريو ته وفاق جي عيوضي بشير ڏهر ان جي مخالفت ان بنياد تي به ڪئي ته ارسا جو ڪورم پورو ناهي، ان کانسواءِ ڪوبه اجلاس ۽ فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. وقتي چيئرمين نه ڪئي هم نه تم، بشير ڏهر جي جيتري ”عزت افزائي“ ڪري سگهيو، سان هن ڪئي. بشير ڏهر سنڌ سرڪار کي صورتحال کان آگاهه ڪري ان جي چوڻ تي پنهنجي موڪل ملڻ يا ٻي حالت ۾ استعيفا ڏيڻ جي موڪل ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. سنڌ سرڪار کيس ”اسان مٿي ڳالهايون ٿا“ جو چئي کيس چيو ته ان باري ۾ تحمل کان ڪم ورتو وڃي. سنڌ اٺ ڏينهن ڪينال نه کولايو. 7 جولاءِ تي ارسا جي وقتي چيئرمين واپڊا کي چئي ڪينال ۾ ڏهه هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪري اهو کولائي ڇڏيو. ان کانپوءِ بشير ڏهر استعيفا ڏئي ڇڏي. ميڊيا پاران حيدرآباد ۾ موجود ارسا جي سنڌ جي نمائندي سان ڳالهيون ڪيون، جنهن پڻ پنهنجي مجبوري جي بنياد تي استعيفا ڏئي ڇڏي.

    8 جولاءِ کان سنڌ جي سمورن بئراجن ۾ پاڻي موجود آهي. پر رائيس ڪينال جنهن کي 15 مئي کان پاڻي ملڻو هو، تنهن کي ڏيڍ مهينو پوءِ پاڻي مليو ته سکر کان ويندي خيرپورناٿن شاهه تائين هزارين آبادگار ”اول مونکي ملي“ جي بنياد تي پاڻي وارڻ لڳا. پاڻي جي اها بدانتظامي اريگيشن کاتي جو ڏاج آهي. ان جي باري ۾ سنجيدگي جي گهرج آهي. ان جي واسطي انهن سمورن انجنيئرن ۽ آفيسرن کي ”سڌو“ ڪرڻو پوندو، جيڪي ان سڄي سسٽم ۾ ڏنگايون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيل آهن.

    ڪالهه اريگيشن جي سنڌ واري وزير سيد مراد شاهه سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايت تي چشما جهلم لنڪ ڪينال کي قانون اورانگهي کولڻ تي پاڻي جي وفاقي وزير ۽ واپدا ڏانهن سخت احتجاجي خط لکيو آهي. ان خط جي باري ۾ سنڌ سرڪار کي وفاق سان سنجيدگي سان ڳالهائڻ گهرجي. جي اريگيشن جي وزير موصوف جي اها ڳالهه درست آهي ته پاڻي وڌيو آهي ۽ اهو سنڌوءَ جو پيٽ ڀرڻ ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻ جيترو ٿي ويندو ته ان سلسلي ۾ اريگيشن کاتو ٺٽي ۽ بدين جي ضلعن کي آگاهه ڪري. انهن جي زندگين ۾ ڪا چمڪ پيدا ڪرڻ لاءِ خصوصي اعلان ڪري ۽ جنهن ارسا جي چيئرمين قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تنهن خلاف جوڳو ايڪشن ورتو وڃي.

    سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هو پاڻي جي باري ۾ اهي سموريون ڳالهيون پنهنجي عوام کي ٻڌائي. عوام کي ڄاڻ نه ملندي ته اڻڄاڻائي کانئن ڪيئي ڪم وٺي ويندي. جي اها ڳالهه سنڌ سرڪار کي خراب نه لڳي ته پنهنجي آبپاشي کاتي جي هڪ خصوصي وفد جون سنڌ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان پڻ ڳالهيون ڪري، انهن کي سنڌ سرڪار جي کنيل قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪري. ڊس انفرميشن ڪنهن جي نوڪري ختم ڪرڻ سان نه ويندي آهي. اها اصل ۾ وڏي انفرميشن ڏيڻ سان ختم ٿيندي آهي. هڪڙي انفرميشن اها پڻ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان ۾ موجود پاڻي جي قانون ۾ لکيل آهي ته، ”جي پاڻي وڌي وڃي ته سي جي ڪينال کوليو ويندو“ پاڻي وڌڻ جي حالت ۾ ان ڪينال کي روڪڻ پڻ غيرقانوني ڪم آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ اڪيلي، سامهون سٿَ

    ادا ممتاز! اڳ اسانجا وزير الحمد الله جو ڪپڙا ته بچائي آيا، هن دفعي ته ممڪن اسان وارا وزير ڪپڙا به لهرائي اچن ۔۔۔ پر پوءِ به چوندا خئير آهي، سنڌ صوفي منش ماڻهن جو ديش آهي، الله ڀلي ڪندو ۔۔۔ وڏو ڀاءُ محترم پنجاب سائين خوش ته اسان لک لڌا ۔۔۔
    اسان وارا فصل نه ٿيندا ته اسين پيٽ تي پٿر رکي وقت ٽپائي وينداسون، پر ادو وڏو ته خوشحال ٿيندو نه! ۔۔۔
    بس ڙي ادا ممتاز۔۔۔ چوندا آهن ته ڪتو ٿجي پر ننڍو ڀاءُ نه ٿجي ۔۔۔ ڏسجي ته وڏو ڀاءُ ڪيستائين ٿو اسان مسڪين ننڍن ڀائرن سان ڏاڍايون ڪري ۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ اڪيلي، سامهون سٿَ

    ادا ممتاز وگهيا دل نه لاهي وڏو ڀائو آخر ڪيستائين وڏو رهندو منهنجو هي نظم ٻُڌي ڪجهه دير واسطي ڪنهن ٻي دنيا ۾ پُڄي وڃ
    [MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SSalamat.mp3[/MP3]​
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ اڪيلي، سامهون سٿَ

    واه سائين واه​
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ اڪيلي، سامهون سٿَ

    سنڌ سلامت تي اچڻ وقت مونکي ايتري اميد نه هُئي ته هت ان قسم جي به شيئرنگ ٿيندي آهي مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو