سائين ھن فونٽ جي باري ۾ مان بار بار پڇا ڪري رھيو آھيان، پر افسوس سان کوڙ سارا ميمبر ھجڻ ۽ کوڙ سارا کاتيدار آھن پر مونکي ھن فونٽ جي باري ۾ ڄاڻ نہ ڏئي سگھيا.
ادا هي فونٽ سارم جاتي جي نالي سان سنڌ سلامت جي فونٽ سرور تي موجود آهي. هي وٺو لنڪ https://font.sindhsalamat.com/font.php?id=81
ادا مان سمجهان ٿو هي فونٽ سامي جي نالي سان آهي...۽ صاريم جو ئي آهي، اڪثر اسان ڪمپوزنگ ۾ استعمال ڪندا آهيون...
پر مونکي شڪ آهي ته فانٽ جي اوريجن شايد مس پليس آهي واقعي ئي اوهان درست هجو شايد هي فانٽ اهو به نه آهي جيڪو مون لکيو آهي..
ادا مون ڪافي ھندن تي ھو فونٽ استعمال ٿيندي ڏٺو آهي، پر سنڌ سلامت ۽ ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي موجود ناهي، ڪافي دفعا ھن فونٽ جي باري ۾ پڇيو ويو پر ڪا مثبت جواب نه ملي سگھيو،
ادا سنڌي جا ڪيترائي فونٽ آهن جيڪي پرائيويٽ طور استعمال ٿين ٿا پر عام پبلش ٿيل ناهن سي اوهان کي هر هنڌان نہ ملي سگهندا. اهڙا فونٽ سنڌ سلامت جي فونٽ سرور يا ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي موجود ڪونهي.
سر هي بومبي بليڪ جي نالي سان فون آهي جيڪو اردو ۾ لکيل آهي ۽ ڪ ايڊوب تان ايڊٽ ڪيل آھي هي فونٽ خاص ڪري پينافليڪس ۾ ڪم ايندو آهي