شفيق الرحمان شاڪر فرض ڪجي ته اسان جي دماغ ۾ هڪڙي چپ لڳائي ڇڏجي جنهن سان اسان انٽرنيٽ سان ڳنڍجي وڃون،جيتري رفتار اسان جي سوچ جي آهي ان رفتار سان اسان جي معلومات تائين پهچ به هجي، وڪيپيڊيا يا ڪنهن به ٻئي هنڌ جي معلومات سڌي سنئين اسان جي دماغ تائين پهچندي هجي ته پوء ڇا ٿا سمجھو ته سچ ڄاڻڻ وڌيڪ اسان لاء آسان هجي ها؟ بلڪل نه،بلڪه شايد وڌيڪ ڏکيو هجي ها.وڌيڪ ڊيٽا جو مطلب اهو ٿيو ته ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاء به وڌيڪ وقت گھربل ٿئي ٿو.اها تبديلي هاڻي سچ پچ اچي رهي آهي.دماغ ۾ ڪا چپ ته موجود ناهي پر اوهان معلومات جي هڪ وسيع دنيا هر وقت پنهنجي کيسي ۾ کڻي هلي رهيا آهيو.ڪنهن به وقت ڪنهن به موضوع تي ڪجهه به ڏسي سگھو ٿا پر ايئن ٿو لڳي ته جيتري قدر معلومات ونڊڻ آسان ٿي رهي آهي ايترو ئي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ مشڪل بڻجندو ٿو وڃي. زندگيء جي اها خاصيت آهي ته اسان ان حوالي سان پنهنجن پنهنجن ٻيٽن تي رهون ٿا ۽ سوچ جو فرق به رکون ٿا.نه رڳو قدرن جي حوالي سان پر سچائين جي لحاظ کان پڻ.ان جو بنيادي سبب ڇا آهي؟اسان تائين سڀ جي سڀ معلومات نٿي پهچي پر رڳو اها گھڻي ۾ گھڻي معلومات پهچي رهي آهي جيڪا اسين پسند ڪيون ٿا ۽ اها نئين ملندڙ ڄاڻ سچائيء کان وڌيڪ اسان جي پنهنجي خواهش هوندي آهي.ان ڪري اهو تضاد آهي جو جيتري قدر معلومات تائين پهچ وڌيڪ آسان بڻجي رهي آهي اوتري قدر ئي اختلاف وڌي رهيا آهن.علم جي پري ٿيندڙ انهن ٻيٽن کي ڪيئن روڪجي؟ان جو هڪڙو حصو ته ٽيڪنالاجيء جو ذريعو آهي جنهن تي گوگل ۽ فيس بڪ جا بهترين دماغ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهو اهم آهي پر اهو رڳو ٽيڪنالاجيء سان حل ٿيڻ وارو مسئلو ناهي ڇوته اهو مسئلو ٽيڪنالاجيء جو نه پر خالص انساني مسئلو آهي.ان کي حل ڪرڻ لاء اسان کي نه رڳو نفسيات ۽ سياسي سائنس جي بلڪه فلسفي جي به ضرورت آهي ڇو ته اسان کي اتي هڪ بنيادي خيال طرف موٽڻو پوندو ۽ اهو خيال اهو آهي ته اسان سڀ هڪ گڏيل سچائيء ۾ گڏ رهون ٿا.گڏيل سچائيء ۾ رهڻ جو خيال فلسفي جي ٻين خيالن جيان چوڻ آسان آهي پر جڏهن عمل ڪرڻ جو وارو اچي ٿو ته ڏاڍي ڏکيائي پيش اچي ٿي.انهيء تي عمل لاء وري ٽي شيون ڪرڻيون پونديون جن مان هر شيء ڪرڻ جو پنهنجو چيلينج آهي.پهرين شيء سچ تي يقين هئڻ آهي.اها سوچ هاڻي ڪجهه مشڪل ٿيندي ٿي وڃي.هن وقت سياست ڏسو يا ٻيا سماجي مسئلا،ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ حقيقتون موجود ئي ناهن.اسان سڀ پنهنجي پنهنجي سوچ جا قيدي آهيون ۽ پنهنجن تعصب وارن دائرن مان ٻاهر قدم رکڻ لاء قطعي تيار ناهيون.جڏهن به ڪوشش ڪيون ٿا پنهنجي پسند جي ڪانه ڪا معلومات ڪٿان حاصل ٿي وڃي ٿي.جيڪر ايئن آهي ته پوء ان جو مطلب اهو ٿيو ته سچ رڳي ڪا رڃ آهي يا وري ان جي ڪا اهميت ئي ناهي.ٻي سوچ اها آهي ته ” سچ موجود ئي ناهي.“ اها فلسفي ۾ پراڻي سوچ آهي،پوئين صديء ۾ ڪجهه حلقن ۾ اها سوچ مقبول به رهي آهي پر اها هڪ شڪست کاڌل سوچ آهي،سچ کي ڏسڻ ڏکيو ته هوندو پر ناممڪن ناهي.ڪنهن به شيء جي باري ۾ پورو يقين ڪرڻ ته مشڪل آهي پر پوء به اسان ڪيترين ئي شين تي هڪ ٻئي سان سهمت هوندا آهيون.اسان سهمت آهيون ته بندوق ماڻهن کي ماري سگھي ٿي،اسان سڀ ان تي به سهمت آهيون ته انسان پنهنجون ٻانهون ڪيتريون به ڦڙڪائي پر اڏامي نٿو سگھي ۽ اسان سهمت آهيون ته سچائي اسان جي آسپاس موجود آهي ۽ انهيء کي نظر انداز ڪرڻ اسان کي ڇيهو رسائي سگھي ٿو.اتي ڏکيائي ڇا آهي؟ پنهنجن سوچن جي ٺيڪ هئڻ جي پڪ اسان کي سٺي محسوس ٿئي ٿي.ان ڪري اسان پنهن جن سوچن کي ڍڪي ڇڏيندا آهيون ان ڄاڻ جي چادر سان جيڪا انهن کي مضبوطي بخشي ۽ پوء اسان وري پنهن جن پنهنجن جزيرن ۾ خوش رهندا آهيون.ان باري ۾ هڪ تجربو اسان پنهنجو پاڻ ڪري اها سچائي ڏسي سگھون ٿا.اوهان فيس بڪ تي ٻه متضاد خبرون پڙهيون جن مان هڪڙي اوهان جي پسند جي پارٽيء جي حق ۾ جڏهن ته ٻي ان جي خلاف آهي.ڪهڙي خبر تي اوهان بنان سوچڻ سمجھڻ جي اعتبار ڪري وٺندا ۽ ڪهڙي خبر پڙهندي ئي ان جي غلط هئڻ جو شڪ گذرندو؟ان باري ۾ پنهنجي پهرئين رد عمل جو تجزيو ڪري ڏسو ته عام طور تي ”ڪوڙي خبر“ جو مطلب اها خبر هوندي آهي جيڪا مون کي پسند ناهي.ڄاڻڻ جي جرئت به سچائيء تائين پهچڻ لاء اهم آهي.جڏهن انٽرنيٽ جي شروعات ٿي هئي ته ايئن ٿي لڳو ته ان سان اسان لاء پاڻ ڄاڻڻ سولو ٿي ويندو پر هاڻي اسان معلومات ڳولهيون نٿا پر اها پاڻ ئي اسان وٽ پهچيو وڃي.ان سهولت پسنديء جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان سچائين بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني آهي.سوشل ميڊيا جي اسٽور مان اسان جي پسند جي معلومات اسان کي ملي وڃي ٿي ۽ انٽرنيٽ تي مڪمل طرح ڀاڙڻ جو نتيجو آهي جواسان کي پنهنجي ذهن تي زور ڏيڻو نٿو پوي.هتي سچائين جو هڪ سيٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجھڻ ۾ فرق آهي.اهو سمجھڻ ته ڪا بيماري ڇو پکڙجي ٿي؟رياضيء جو ثبوت ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟اوهان جو دوست اڄ اداس ڇو آهي؟انهن شين جا جواب ڊائون لوڊ نٿا ٿين.انهن کي سمجھڻ لاء متحرڪ ذهن جي ضرورت آهي.ڪجهه تخليقي صلاحيتن جي ميدان ۾ وڃڻ جي،هڪ وک کڻي ٿيورم ثابت ڪرڻ جي ۽ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.انهيء جو مطلب اهو ناهي ته گوگل نه ڪيو وڃي يا خبر نه ڏٺي وڃي پر اهو ته معلومات جي پنهنجي ڦوڪڻي مان ٻاهر نڪري به ڏٺو وڃي.پنهنجي معلومات جي ڦوڪڻي ۾ اسان سدائين صحيح هوندا آهيون پر جيڪر اسان ڄاڻڻ جي جرئت ڪيون ۽ سمجھڻ جي همت ڪيون ته ان جو هڪ ٻيو نتيجو به نڪري سگھي ٿو جنهن کان اسان ڊڄندا آهيون سو اهو ته اسان غلط به ٿي سگھون ٿا.اسان جيڪي گھرون ٿا ۽ جيڪي ڪجهه سچ آهي اهو فرق به سامهون اچي سگھي ٿو. ٽين شيء علمي انڪساري آهي يعني اهو تسليم ڪرڻ جي بهادري ته اسان سڀ ڪجهه نٿا ڄاڻون ۽ پوء انهيء کان به ڪجهه وڌي ڪري.ان جو مطلب اهو ته اهو تسليم ڪرڻ ته اسان گواهين سان ۽ ٻين جي تجربن سان سکي سگھون ٿا.اسان وڌيڪ بهتر ٿي سگھون ٿا ۽ پنهنجي ڄاڻ وڌائي سگھون ٿا،سکي سگھون ٿا ۽ ٻين مان فائدو کڻي سگھون ٿا.پنهنجو نڪته نظر رکڻ سان گڏوگڏ ڪنهن گڏيل سچائيء تي اتفاق ڪري سگھون ٿا.اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ان قسم جي انڪساريء جي حوصلا افزائي نه ڪئي ويندي آهي.ان جو هڪ سبب اهو آهي جو غرور ۽ اعتماد کي گڏ مڏ ڪيو ويندو آهي.غرور آسان آهي،خاص طور تي پنهنجي درست هئڻ جو.”گڏيل سچائي“ جو تصور چوڻ ۾ ته نهايت ئي سولو ۽ سڌو تصور لڳي ٿو پر اسان ان کي نظر انداز ڪري ويهندا آهيون ۽ وساري ڇڏيندا آهيون ته اهو ضروري آهي.سماج ان طرح هلي نٿا سگھن جيڪر انهن جا شهري اهو تصور مڃڻ لاء تيار ئي نه هجن.خاص طور تي انهن معاملن ۾ جن تي اهي متفق نه هجن.معلومات جو سيلاب تنگ نظريء ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي انهيء کان بچڻ لاء اسان کي پاڻ محنت ڪرڻي پوندي،ڪوڙ پکيڙيندڙن جو اوزار نه بڻجڻ اسان جي پنهنجي ذميداري آهي.انهيء لاء اسان کي سچ تي يقين رکڻو پوندو،ڄاڻڻ جي جرئت پيدا ڪرڻي پوندي ۽ اها انڪساري ڏيکارڻي پوندي ته سچ جو ماپو اسان پاڻ ناهيون.ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن ڏينهن اسان پنهنجن دماغن ۾ انٽرنيٽ لڳرائي وٺون پر جيڪر اسان گھرون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خوفناڪ ٽڪراء جو نتيجو نه بڻجي ته پنهن جي سوچ ۽ دماغ ۾ وسعت پيدا ڪرڻي پوندي ۽ ياد رکڻو پوندو ته اسان جا نڪته نظر جيترا به زبردست ۽ خوبصورت ڇونه هجن اهي هڪ ئي سچائيء جا مختلف پاڇا آهن!