ڪتاب "توهان جو ٻار ڪامياب ٿي سگهي ٿو" تي تبصرو..!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ

    اولاد جي لاءِ والدين جو هجڻ ضروري آهي ته والدين جي لاءِ اولاد جو هجڻ به ضروري آهي. اولاد خدا جي نعمتن منجهان هڪ عظيم نعمت آهي جنهن کي اولاد جهڙي نعمت مليل آهي ته اهو ڪامياب آهي هن دنيا ۾ به ته آخرت ۾ به. اولاد کي قرآن ڪريم و احاديث جي روشنيءَ ۾ والدين جي لاءِ اکين جو ٺار ڪوٺيو ويو آهي، ڇو ته جنهن جي اولاد سڌريل هوندي آهي ته اهو جيئري ئي جنت ۾ آهي ان کي دنيا ۾ ڪنهن به شيءَ جو نه خوف هوندو آهي نه وري پريشاني هوندي آهي پر جنهن جي اولاد اڻ سڌريل هوندي آهي ته اهو جيئري ئي دوزخ ۾ آهي، اولاد جي غلط ڪمن جي ڪري والدين کي وڏا وڏا زخم ملندا آهن جيڪي لکجي نه ٿا سگهجن. اولاد جو هجڻ به والدين جي لاءِ ضروري آهي ڇو ته والدين جڏهن هن دنيا کي ڇڏي ويندا آهن ته انهن جي اولاد جي ڪري انهن جي نالي کي ياد ڪيو ويندو آهي.
    بهرحال ڪتاب ” توهان جو ٻار ڪامياب ٿي سگهي ٿو“ استاد محترم سائين قبلا امتياز علي رند صاحب جي طرفان هي ڪتاب تحفه طور مليو، سندن جو نھايتي مشڪور آهيان. جڏهن مون هن ڪتاب مطالعو شروع ڪيو ته ڪافي سارو سٺو مواد پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيو،جڏهن ته هي ڪتاب پاڪستان جي مشهور و معروف ليکڪ ۽ موٽيويشنل اسپيڪر قاسم علي شاھ صاحب جو اردو زبان ۾ لکيل آهي جنهن جو ترجمو استاد محترم سائين امتياز علي رند صاحب جن سولي ۽ پنهنجي پياري زبان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هونئن به ڪيترن ئي اهم، مفيد ڪتابن جا ترجما ڪيترن ئي ٻولين ۾ ڪيا وڃن ٿا، جن جي مطالعي سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪيترو ئي اهم مواد ملي ٿو. استاد محترم سائين امتياز علي رند صاحب جن جا مضمون ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهڻ جي لاءِ ملندا رهندا، پاڻ ٽي ماهي الاصلاح رسالو (سنڌي)، الطاهر رسالو ۽ راهه علم وعمل (اردو) ميگزين ۾ لکندا رهندا آهن، سندن جا هن وقت ٻه ڪتاب منظر عام تي به اچي چڪا آهن جن مان هڪ اردو زبان ۾ "اميد ڪي موتي" سندن جو هي ڪتاب ڪهاڻين تي مشتمل آهي جنهن ۾ تمام بهترين ڪوشش ڪئي اٿن، ۽ ٻيو ڪتاب هي "توهان جو ٻار ڪامياب ٿي سگهي ٿو" جو ترجمو ڪيو اٿن ۽ ٽيون ڪتاب "پنهنجي تلاش" عنقريب منظر عام تي جلد اچڻ وارو آهي. استاد محترم سائين امتياز علي رند صاحب هڪ سٺو انسان، محنتي، باشعور، اعلىٰ سوچ، انتهائي انسان دوست، ادب سان واسطو رکندڙ اعلىٰ ڪردار جا مالڪ آهن، پاڻ محبت ڪندڙ ماڻهو آهن،
    سندن جي چهري تي هميشه مرڪ جي جهلڪ ڇانيل هوندي آهي سندن سان جڏهن به ملاقات ٿيندي آهي ته پاڻ سٺي موٽ سان نوازيندا آهن. استاد محترم سائين امتياز علي رند صاحب ڪراچي يونيورسٽي مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ماسٽر ۽ پاڪستان جي ممتاز اداري عليميه انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز ڪراچي جا گريجوئيٽ آهن پاڻ هن وقت تعليم وتدريس جي شعبي سان وابسته آهن پاڻ چئن سالن کان وٺي جامعه عربيه غفاريه اسلامڪ سينٽر درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پنهنجي زندگيءَ جا اهم پل گذاري رهيا آهن. پاڻ مختلف تعليمي ادارن ۽ اسڪولن ۾ وڃي ڪري نوجوانن جي حوصله افزائي ۽ تعليمي ڪاميابي جي حوالي سان ڪيترائي ليڪچرز ڏيندا رهن ٿا. سندن جو هي ڪتاب 2017ع تي منظر عام آيو جنهن جا ٻه ايڊيشن شايع به ٿي چڪا آهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ اسان جي پياري دوست وفا شر صاحب جن ڪئي آهي نالي واري اديب محمد عثمان عباسي صاحب جن ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪئي آهي پاڻ ڪتاب جي انتساب ۾ لکن ٿا ته” انهن محترم والدين جي نالي جيڪي پنهنجي ٻارن کي اخلاق ۽ ڪردار سان سينگارڻ لاءِ ڪوشان آهن“ ڪتاب جي اندر پاڻ سٺي ڪوشش ڪئي اٿن ترجمي ڪرڻ جي، پنهنجي پاران لکن ٿا ته تعليم وتدريس هڪ مقدس منصب آهي هن دنيا ۾ ڪيترائي عظيم استاد ٿي گذريا آهن جن پنهنجون زندگيون تعليم وتدريس جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. انهن منجهان دور حاضر جو ناليوارو استاد محترم جناب قاسم علي شاهه صاحب به هڪ آهي پاڻ هن وقت پاڪستان جا مشهور ۽ معروف ليکڪ، ماهر تعليم ۽ پروفيشنل ٽرينر جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. ٻارن جي تربيت جي حوالي سان سندن جو هي ڪتاب ڪيترن ئي والدين جي لاءِ رهنمائي جو سبب بڻيو آهي". ساڳئي صفحي تي هيٺ لکن ٿا ته هن ڪتاب ۾ والدين کي مثبت رويو اختيار ڪندي پنهنجي اولاد جي سٺي ۽ سهڻي تربيت جي لاءِ گهر ۾ سٺو ماحول پيدا ڪرڻ، توجھ ۽ وقت ڏيڻ تي زور ڏنو ويو آهي ته جيئن انهن جا ٻار سٺي اخلاق ۽ ڪردار سان زندگي گذارن. هي سندن جي هڪ سٺي ڪاوش آهي جو پاڻ سٺي ڪتاب جو ترجمو ڪيو اٿن ۽ سٺو مواد ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿن. سندن جو هي ڪتاب مقبول ترين هن وقت بڻجي چڪو آهي، ڇو ته هر والدين جي خواهش ۽ تمنا هوندي آهي ته اسان جي اولاد سڌريل هجي، ڪنهن سٺي پوسٽ تي هجي، انسانيت جي خدمت ڪري سگهي، دنيا ان جي تعريف ڪري، اهو پنهنجي شعبي جو بي تاج بادشاھ هجي، ان وٽ دولت، شهرت، طاقت، ۽ آزادي سڀ ڪجھ هجي. صفحي نمبر 8 تي لکن ٿا ته اسان مان هر شخص پنجاھ، سٺ يا ستر سالن جي عمر ۾ مري ويندو آهي جنهن کان بعد ماڻهو اسان جي صورت و نالي کي به وساري ڇڏيندا آهن پر اسان مان جيڪو شخص ڪو اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندو آهي جنهن سان ان جي تاريخ ٺهي ويندي آهي ۽ ان جو نالو هزارن سالن تائين ياد رکيو ويندو آهي توهان محمد علي جناح، علامه اقبال، حڪيم محمد سعيد جو مثال وٺو، اُهي ڪير هئا؟ ائن سٽائن، نيوٽن، ايڊيسن ۽ توهان جي ٻار ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ انهن ماڻهن کي ننڍپڻ ۾ انتهائي احمق ۽ بيوقوف سمجهيو ويندو هو پر ڪهڙي طاقت انهن کي ايترو طاقتور بڻائي ڇڏيو جو اُهي ماڻهو وقت جي قيد کان آزاد ٿي ڪري انساني حافظي جو حصو بڻجي ويا ڪهڙي وجھ آهي جو اهي هيرو بڻجي ويا ۽ اسان جا ٻار زيرو. اسان وٽ ٻين جي ڪاميابي ۽ پنهنجي ناڪامي جي لاءِ صرف هڪ ئي وجھ هوندي آهي اها وجهه آھي "قسمت" صفحه نمبر 11 تي رقم ڪن ٿا ته ٻار جي قسمت، تقدير ۽ مستقبل جو انحصار انهن واقعن تي نه آهي جيڪي ان سان پيش آيا پر ان جي رد عمل تي آهي جيڪو ان ڪنهن واقعي تي ظاهر ڪيو اهو ردعمل عموما ان پنهنجي والدين کان سکيو هوندو آهي جيڪڏهن ٻار جي سامهون ڪنهن کي گار ڏني وڃي ته اها ان ٻار کي هميشه ياد رهجي ويندي آهي جيڪا اهو ڪنهن موقعي تي ٻاهر خارج ڪندو آهي، اگر جي ٻار جي سامهون ڪنهن جو ادب واحترام ڪيو وڃي ته ٻار به وڏن جو ادب ڪندو آهي. پاڻ تي يقين جي باب ۾ لکن ٿا ته ڪنهن ڏاهي انسان جو قول آهي ته مان دنيا جا خوبصورت نظارا ڏٺا آهن پر ان منظر کان وڌيڪ حسين منظر ڪو به نه آهي جو ڪنهن ٻار کي پُر اعتماد ڏسان، خود اعتمادي فتح جي لاءِ هڪ زبردست هٿيار آهي اسان جي ملڪ ۾ نوجوانن جو وڏو تعداد خود اعتمادي جي ڪمي جو شڪار آهي دنيا جا بهترين ماهر نفسيات پنهجي تحقيق ۾ ثابت ڪري چڪا آهن ته ٻار ۾ خود اعتمادي جي ڪمي جو اصل سبب والدين جي تربيت جي نااهلي آهي. ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ هي قدم کڻو. 1 پنهنجي ڪمن ۾ انهن کان مدد وٺو، 2 انھن کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ڏيو، 3 ٻارن کي غلطي ڪرڻ ڏيو، ٻار غلطين مان ئي سکندا آهن، 4 انھن کي منصوبه بندي ڪرڻ جو عادي ڪيو، ٻارن کي پوليس مين، پوسٽ مين ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن سان ڳالھ ٻولھ ڪرايو. محبت جي باب ۾ پاڻ ترجمي ڪرڻ وقت سٺي محنت ڪئي اٿن جيڪا ساراھ جوڳي آهي پاڻ لکن ٿا ته ٻارن جي ذهني نشونما جي لاءِ محبت ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي اهي ٻار جلدي سمجهدار ٿي ويندا آهن جن کي والدين جي محبت ۽ توجھ ملندو آهي، گهڻو ڪري والدين هي سمجهندا آهن ته کارائڻ، پيارڻ، رانديڪا ۽ سٺا ڪپڙا مهيا ڪرڻ ئي اسان جي محبت جو اظهار آهي حالانڪ محبت ڪرڻ جو مطلب گهر ۾ خلوص ۽ پيار وارو ماحول پيدا نه ٿيندو آهي جيسيتائين ٻار کي پنهنجي چاهجڻ جو احساس نه ٿيندو ان ۾ خود اعتمادي پيدا نه ٿيندي، ان ڪري غذا ۽ ڪپڙن کان وڌيڪ محبت جي ضرورت آهي. هن ڪتاب جي اهميت عنوانن مان معلوم ڪري سگهجي ٿي، جيڪي هن طرح آهن جيئن! ڇا توهان چاهيو ٿا؟، پاڻ تي يقين، هن موقعي کي هٿ مان نه وڃڻ ڏيو، توقع جو قانون، محبت، خوف، توهان جو ٻار منفرد آهي، ان سان ڇا فرق پوندو، پريشان رهڻ جي عادت، ٻڌو! توهان جو توهان کي ڪجهه چئي رهيو آهي ۽ آخر ۾ ڪتاب جي مصنف جو تعارف لکيو اٿن. هن ڪتاب ۾ سٺي محنت ڪري سٺو مواد شامل ڪيو ويو آهي جيڪو پڙهڻ جي قابل آهي هي عاجز انهن سڀني سنڌي ڀائرن کي دعوت ڏيندو ته هي ڪتاب پاڻ به پڙهو ۽ دوستن، احبابن ۽ پنهنجي پيارن کي به گفٽ طور ڏيو ته جيئن اهي پنهنجي اولاد جي سهڻي تربيت ڪري ڪاميابي ماڻي سگهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو