عرفان منان شاعري ٻولين جي سونهن ۽ سوڀيا آهي جنهن جي وسيلي ٻولين جي حسناڪي پسي سگهجي ٿي ۽ سندن رس چس جو به پتو پوي ٿو. دنيا جي ادب ۾ شاعري ڪنهن راڻيءَ جي مثل جئين آ، جنهن کي خوبصورت لفظن، معني خيز جملن ۽ سرور ڏيندڙ خيالن جا ڳهه ڳٽا، مالهائون ۽ تاج پاتل آهن. شاعريءَ جا به ڪيئي قسم ٿين ٿا، ڪا رومانوي شاعري، ڪا قومي ۽ انقلابي شاعري ته ڪا وري سماجي،اصلاحي ۽ رزميه شاعري. اسان اڪثر ڪري اهوئي پڙهيو ۽ ٻڌو آهي ته دنيا جو پهريون شاعر هومر آ، جيڪو يونان جو هو. پر اها به حقيقت آ ته هن ڪائنات جي ٺهڻ کان پوءِ ڄڻ ته شاعري جو به جنم ٿي چڪو هيو.انسان جي اندر ۾ جڏهن ڪي ڪيفيتون، خيال ۽ سوچون جنم وٺڻ لڳيون تڏهن هن کين ڪو روپ ڏنو، ۽ اهڙي نموني هو لفظن جي چونڊ ڪري جملا جوڙي شاعري سرجڻ لڳو. شاعري انسان جي داخلي ۽ خارجي سوچن، واقعن،وارتائن ۽ لقائن جو نانءُ آهي. شاعري من جي لطيف جذبن ۽ احساسن جو مڪمل اظهار آهي. جڏهن من ۾ ڪي خيال جڙن ٿا، ڪن شين جا عڪس ٺهن ۽ نقش چٽجن ٿا يا سماج جي اندر جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو اهو سڀ ڪجهه شاعراڻي اک پسي ٿي ۽ پوءِ انکي ذهن ۾ آڻي ٿي، ائين شاعري لفظن جو روپ وٺي اندر مان اڌما ڏئي ٻاهر نڪري اچي ٿي. هي ساري ڪائنات ان مهان هستيءَ جي شاعري آ جنهن هي جميل جڳ جوڙيو آ، سهڻا منظر،گل گلزاريون،باغ بهاريون، مينگهه ملهاريون، ٿڌڙيون هوائون،هوائن تي ڪنڌ لوڏيندڙ وڻن جون لامون، ڌرتي جي جسم تي سهڻا فصل ۽ ٻوٽا، سندر صبوحَ شفق شامون، رنگين راتيون، وهندڙ آبشار، ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪنهن شاعري جو زندهه روپ لڳي رهيا آهي. پاڻ هڪ پل ويهي اهو سوچيو ته جيڪڏهن شاعريءَ جو وجود ئي نه هجي ها ته پوءِ هيءَ دنيا ڪئين هجي ها، ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ مان شاعريءَ کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ اسان جي اندر جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي.يقينن شاعريءَ کان سواءِ دنيا ۽ اسان ٻسا ۽ ڇسا ئي هونداسين، تنهن ڪري اسان لئه شاعري جو هجڻ تمام لازمي آهي. شاعراڻا خيال، شاعراڻيون سوچون ۽ لفظ انسان لئه اتساهه جو سبب بنبا آهن،اهڙي خيالن تي جيءُ جهومي ۽ من مرڪي پوندو آ، شاعريءَ جي ديس ۾ پهچڻ کان پوءِ ماڻهو جي دل دلربا جذبن سان سُرشار بنجي وڃي ٿو، ۽ ماڻهو شاعريءَ سان ورونهن ڪندو رهي ٿو. شاعريءَ جي نديءَ ۾ شنان ڪرڻ کان پوءِ دل تان درد جي دز لهي ويندي آ، شاعريءَ جي پيچرن تي پنڌ پير ٿڪاوٽ جي ور ناهن چڙهندا، شاعري جو مُکُ چمڻ کان پوءِ ريشمي داڳن جي تندن سان روحُ ويڙهجي وڃي ٿو، ۽ شاعري جو ديدار ڪرڻ کان پوءِ اندر جي اُساٽ ختم ٿي وڃي ٿي. شاعري روح جو ازلي آواز آ، جنهن کي اهي ئي ٻڌي ۽ سمجهي سگهن ٿا جيڪي باذوق ۽ اهل دل هجن. شاعري نفيس نازق احساسن، ۽ جذباتن جو نانءُ آهي، شاعري محبوب جي شرمائيندڙ مرڪ آهي، شاعري پکين جا اهي ولر آهن جيڪي اُڀ جي سيني تي آذاد اڏامندا رهن ٿا. شاعري مينگهه ملهاري جي موسم آ جيڪا هر ڪنهن دل جي پسند آ، شاعري اهڙي سونهن آ جنهن جو جڳ ۾ ڪوئي ثاني ناهي،شاعري ننڍڙي ٻار جو حسناڪ ٽهڪ آ . شاعري نم جي گهاٽي ڇانو آ جنهن ۾ پل ويهڻ کان پوءِ قلب کي قرار اچي ويندو آ. شاعري پرين جو انتظار آ جنهن ۾ مٺو درد به هوندو آ ۽ پيار جي پختگي جي ثابتي به هوندي آ. شاعري انسان جي اڻ ڇهيل امنگن،آسن ۽ دلاسن جو ورلاپ آ. شاعري آذاديءَ جا اهو گيت آهي جيڪو وطن جي سرحدن تي ڳائي وطن جي ويڙهه وڙهندڙ جوڌن ۾ اتساهه اوتڻ لئه ڳاتو ويندو آ. دنيا ۾ جتي به سماجي تبديليون آيون، ۽ جڏهن انقلابي اٿل پٿل جو ماحول جڙيو ته اتي شاعري هڪ هٿيار بنجي ان وقت جي انقلابي تحريڪن ۾ ساهه وڌو ۽ اهڙي طرح سياسي ۽ انقلابي هلچلن ۾ شاعري مهُڙ وارو ڪردار ادا ڪيو. هاڻي سوال اهو آهي ته اها شاعري ڪهڙي هجي، ظاهر ڳالهه آ ته جنهن جو ڪو مقصد ۽ معني هجي ان کي ئي حقيقي شاعري سڏجي ٿو. ۽ اهڙي شاعريءَ جو لازمي طور سماجي ڪارج به جڙندو. اها شاعري ڪهڙي ڪم جي جنهن جو ڪو به سماجي ڪارج نه هجي ٿو، ۽ جيڪا سماجي تبديلي جي ڪارڻ نٿي بنجي.نه ئي سماج کي ڪو به فائدو ڏئي سگهي. خيال اهڙا سرجيا وڃن جيڪي ماڻهن کي هر قسم جي ڏاڍ، ناحق ۽ ڦرلٽ خلاف اٿي پوڻ تي مجبور ڪن.ماڻهن ۾ اهڙو اڀار اچي جو اهي ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت خلاف هڪ آواز بنجي وڃن ۽ يقينن اهڙي قسم جي شاعري عوامي چئبي اهڙو ئي شاعر به عوامي چئبو. شاعري رڳو پرين جي چڳن، چهري،لوڏ، انداز،ناز نخري،۽ ماڻن جو نالو ناهي. شاعري ته پنهنجي ديس جي دردن،محڪومن جي آهن،حقن کان وانجهلن جي پُڪارن، بک ستل ٻالڪن جي فاقن، ڏاڍ سان ٽڪر کائيندڙ وقت جي دليرن جي جدوجهدن جو نالو آهي. باقي ڇسن خيالن اجائي تڪ بندين لفاظي خيالن کي شاعري نٿو چئي سگهجي، اهڙي شاعري کي شاعري سڏڻ خود شاعري جي بي حرمتي آهي.اها شاعري ردي ۾ اڇلائڻ جهڙي آهي جيڪا صرف پنهنجي سکڻي وهه واهه جي ڪري سرجي وڃي.اهڙي خيالن کي ذهني، شعوري ۽ فڪري پورهيو نه پر ذهني عياشي چئي سگهجي ٿي. يقينن اهڙي قسم جي شاعري ۽ خيال پنهنجي اباڻي ٻولي بگاڙڻ جو مکيه ڪارڻ بڻجن ٿا. شاعري اهڙي ڪجي جنهن تي وقت جي ڌوڙ نه پئجي سگهي، خيال اهڙا تخليق ڪجن جيڪي صدين گذرڻ پڄاڻان به پراڻا ۽ رد نه ٿين ۽ اهڙي ئي قسم جو ذهني پورهيو ۽ فڪر ڪڏهن به مري نٿو سگهي. شاعريءَ جي دنيا به انڊلٺ جي رنگن جيان آهي،هر رنگ جي پنهنجي سونهن، ڏيک ۽ معني آهي.جدا جدا قومن، خطن ۽ ملڪن ۾ جدا جدا شاعري ملي ٿي.ان قسم جي شاعري جي به پنهنجن ۽ ٻين خطن جي ملڪن ۽ قومن ۾ سٺي اهميت آهي، خيالن، سوچن ۽ شاعري جي ڪا به سرحد ناهي ٿيندي، سٺا خيال، بهتر سوچون ۽ مقصد واري شاعري تي هر ڪنهن جو حق آ، اهڙي قسم جي جيڪا به ڏات آهي اها ڪنهن هڪڙي ملڪ، هڪڙي قوم وٽ محدود نه آهي، نه ئي ان جا وارث ڪي مخصوص علائقا، ماڻهو ۽ قومون آهن.پر سٺي شيءَ جا وارث سڀئي ٿيندا آهن، اهڙو حق دنيا ۾ سڀني کي مليل آهي. سنڌي ٻولي جيتري وسيع آهي سندس شاعري به اوتري ئي وسيع ۽ پختي آهي، سنڌي شاعري شاعري جي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ مثل آ جيڪو سڀني راتين کان وڌيڪ چٽو ۽ سهڻو هوندو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ۽ ڪا ڊاڙ ٻٽاڪ ناهي ته سنڌي شاعري ماضي کان وٺي حال تائين پنهنجي جداگانه اهميت رکندي پئي اچي، پر جڏهن سنڌي شاعري کي شاهه لطيف جهڙو ٻهڳڻو شاعر مليو ته سندس عمر سدا حيات ٿي وئي.شاهه سائين سنڌي شاعري کي نت نوان ويس وڳا پارائي ان کي شاعريءَ جي سنسار جي راڄ راڻي بنائي ڇڏيو.ٻين شاعرن جتي محبوب جي ڳاڙهن ڳٽن، ريشمي وارن ۽ اعلي پوشاڪن جي ڳالهه ڪئي ته اتي ڀٽ ڌڻي سنڌي لوڪن جي سڪل منهنن، اڻڀن وارن، ۽ ڦاٽن ليڙون ليڙون ٿيل لٽن جي ڳالهه ڪئي سُڪا مُنهَن سندن، پيرين پُراڻا کيٿرا، سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجهَن، ڳُجها ڳُجهِيون ڪَنِ، تِهان پَرانهين پَنڌَ جُون جتي ٻين شاعرن پنهنجي ديس جي محل، ماڙين ۽ اوچين بنگلن جي ڳالهه ڪئي اتي سهڻي لطيف جهانگين جي جهوپن، ماروئڙن جي منهنن ۽ سانگين جي چوئرن جي ڳالهه ڪئي. شاهه جي شاعري ان ڪري به نرالي آهي جو سندس ڪردار حقيقي آهن. ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب، ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾. مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته خيال اھڙا جوڙن جيڪي ڪڏهن نه رد ٿيل نه ئي ميٽجي سگهن. وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي، ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاء، سا ڪا هڙ هلاء، آگه منهن جي ابهين. شاعريءَ اهڙي هجي جيڪا وقت، ۽ ماڻهن لئه لاڀائتي بنجي، جيڪا ڪڏهن به ضايع نه ٿئي. واقعي ئي اهڙي شاعري وقت جي سيني تي اهڙي مهر ثابت ٿئي ٿي جيڪا ڪڏهن به مٽجي نٿي سگهي. شاعري فقط پنن تي ابتا سبتا ليڪا نه هئڻ گهرجن، پر شاعري ته ماڻهن جي من جي پاتال ۾ لهي وڃڻ جهڙي هجي. ۽ يقينن اهڙي ئي شاعري کي پوءِ روحُ جي تارن سان آلاپي سگهجي ٿو. هُنَ تاري هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سپرين، سڄڻ ماکيءَ مَنڌِ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين. مَرُ مرين آئون روئان، موٽي آءُ مَ ڪانڌ، ڪچن وڏا پاند، جئڻ ٿورا ڏينهنڙا. شاعري وارو موضوع تمام وسيع آهي، هڪ ڪالم ۾ ان جي سڀني پاسن سان نڀاءُ ڪرڻ سولو ۽ سادو ناهي. هن موضوع تي ڪيترائي ڪتاب ۽ ليک لکجي چڪا آهن، اڄ به ان کي نئين سر سمجهڻ ۽ پرکڻ وارو ڪم هلي رهيو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ درسگاهن ۾ شاعري جا شعبا قائم ڪيا ويا آهن ته جئين ان مان نئون نسل لاڀ حاصل ڪري. شاعري ٻولي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جو اهم وسيلو آهي، ٻوليءَ جي بهتري لئه شاعري به اهڙي سرجڻ گهرجي جيڪا ان جي پيڙهه کي وڌيڪ پختو ۽ مضبوط ڪري، شاعري اهائي ٿيڻ کپي جيڪا سماج، عوام ۽ هلندڙ حالتن ۾ بهتري جو سامان بنجي ۽ ان سان گڏ ماڻهن جي دلين، جذباتن ۽ احساسن ۾ نئون جوش جذبو، ولولو پيدا ڪري انهن ۾ جان ۽ جلا بخشي.