اچو ته نئين اميد کي آواز ڏيون

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    حنيف سوڍر

    لائبريري هڪ اهڙو واحد ادارو آهي، جيڪو شاگردن کي دنيا سان ڳنڍي ٿو. سماجن ۾ لائبريريون عظيم استادن جهڙا ڪردار ادا ڪنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ترقي يافته خطن ۾ هن ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي دور ۾ انٽرنيٽ جون سموريون سهوليتون موجود هئڻ باوجود به اتان جا اديب، دانشورن، عالم لائبريرين کي اهميت ڏين ٿا. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته انٽرنيٽ ڪتابن ۽ جدت جي حوالي سان انتهائي اهم رول ادا ڪري ٿي، پر اها لائبريرين جي اهميت کي ڪڏهن به گهٽائي نٿي سگهي. جتي تحقيقدان، تاريخدان، عالم ۽ علم سان چاهه رکندڙ نوجوان طبقو لائبريرين ۾ ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏيندي تحقيق ڪرڻ، تاريخ ۽ دورِ حاضر کان آشنا ٿين ٿا. ڇو جو تعليم ئي تعميري راهه آهي. تنهن ڪري تعليم جا معيار اعليٰ هجڻ هڪ شعورمند، ترقي پسند ۽ متحرڪ قوم جو ثبوت آهن. لائبريريون ئي ته آهن جيڪي شاگردن جي ذهني نشو و نما ڪري منجهن دماغي صلاحيتن ۾ اضافو آڻي، سندن خلوص کي سنواري ۽ سڌاري اخلاقي تربيت ۽ قومي جذبي کي اڀارڻ ۾ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. قومي زندگي شاندار نموني گهارڻ لاءِ سماج ۾ پبلڪ لائبريرين جو قيام نهايت ضروري آهي. ان لاءِ جو اهي شاگرد ئي ته آهن، جيڪي سماجي انقلاب لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي قوم جي حفاظت ڪندا آهن. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن شاگردن کي آزادي حاصل هجي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ”جڏهن گوٿس (Goths) روم کي تباهه ۽ برباد ڪيو ته ان وقت سينٽ آگسٽائين ”خدا جو شهر“ (City of God) نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو نظر اچي ٿو. ته رڳو ايترو ٿيو جو ماڻهو صدين تائين خواب ڏسندا رهيا ۽ پوءِ روم هڪ تنگ ۽ تاريڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو“ جڏهن تاريخ جا ورق ورائينداسين ته اهڙا به ڪيترائي مثال ملندا جيڪي هن وقت اسان کي نئين اميدن جا سڏ ٻڌڻ ۽ سندن آواز کي سگهارو بڻائڻ لاءِ مجبور ڪندا. هڪ مهذب ۽ اتم سوچ، نيڪ نيت ۽ ارادن، همت ۽ حوصلي سان ئي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي وڏين تباهين کان بچائي سگهون ٿا.

    اسان وٽ اهو الميو آهي، ته بنيادي انساني حق ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ وقت جي حڪمرانن جي دروازن تي دستڪ ڏيڻ کان سواءِ نٿا ملي سگهن. سماج ۾ جن جي حاصلات لاءِ پنهنجي ذهني ۽ جسماني قوت جو زور لڳائڻو پوي ٿو، جن لاءِ ڪيتريون نه قربانيون ڏيڻيون ٿيون پون. اڄ اسان کي جيڪي به ٿوريون گهڻيون سهوليتون حاصل آهن اهي سڀ عوام جي مسلسل جدوجهدن ۽ اوجاڳن جو ئي نتيجو آهن. جن سماجي سمجهه، شعور ۽ سوچ کي بيدار ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪندي سماجي، سياسي، نظرياتي، عملي توڙي فڪري خال پيدا ڪندي صدين تائين عوام جي ذهنن تي گهرو اثر ڇڏيو آهي. دنيا جي مختلف قومن، قبيلن ۽ گروهن جي ثقافتي ۽ قومي قدرن، ريتن رسمن ۽ رواجن، نئون سرجيندڙ ادب ۽ دنيا جي جديد معلومات ۽ کوجنائن کان آشنا ڪرڻ ۾ لائبريريون اهم ۽ مکيه ڪردار ادا ڪن ٿيون. قومي سطح جون لائبريريون شاگردن جا ملڪي توڙي بين الاقوامي تعلقات مضبوط بڻائينديون آهن، جن جي نتيجي ۾ عوام جي وچ ۾ دوستيءَ جو اهڙو ناتو جڙي پوندو آهي، جيڪو قوم جي ترقيءَ جو ضامن هوندو آهي. دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ شاگردن کي نوان موقعا ملندا آهن.

    پاڪستان ۾ اهڙيون قومي سطح جون لائبريريون ڪيترن ئي شهرن ”اسلام آباد، راولپنڊي، مظفرآباد، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد، بھاولپور، فيصل آباد، سرگوڌھا، ملتان، خيرپور، لاڙڪاڻو وغيره“ ۾ موجود آھن جن ۾ طالبِ علم لاءِ سموريون سهوليتون ”پارڪنگ، سيڪيورٽي، شاگردن لاءِ ڪارنر، ميٽنگ روم، ڪمپيوٽر ليب، انٽرنيٽ، بجلي، جنريٽر، لائبريري کولڻ ۽ بند ڪرڻ جو مقرره وقت (دنيا ۾ اهڙيون به لائبريريون آهن جيڪي چويهه ڪلاڪ کليل رهن ٿيون) مختلف صنفن جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو، رسالا، آن لائن ڊيٽا بيس، ريفرنس هال، جتي شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪيترائي تعليمي پروگرام ۽ سرگرميون منعقد ڪيون وينديون آهن. شاگردياڻين جي پڙهڻ لاءِ گرلس سيڪشنس، بوائز ۽ گرلس هال، ڪينٽين، سي. ايس. سز ۽ پي. سي. ايسز هال، چلڊرين هال، نيوز سيڪشنس، ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارون، مئگزينس، ڊي. وي. ڊيز وغيره“ ميسر هونديون آھن.

    افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته پاڪستان جي اهڙي ئي هڪ قومي سطح جي شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو جي نالي سان منسوب ”دائود پوٽا لائبريري“ سنڌ جي وڏي ۽ تاريخي شهر حيدرآباد ۾ واقع آهي. حيدرآباد جيڪو سنڌ جو تعليمي مرڪز آهي، جتي ۽ ان جي آسپاس تمام گھڻا اسڪول، تعليمي ادارا، يونيورسٽيون آھن. دائود پوٽا لائبريري ڪافي عرصي کان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. حڪومت جي اهڙي غير جمهوري پاليسين شاگردن ۾ بي چيني جون لهرون پيدا ڪيون، جن خلاف ڪافي عرصي کان شاگرد لڳاتار پرامن احتجاج ۽ مظاهرا ڪندا پيا اچن. شاگردن جون ذهني صلاحيتون ڪهڙيون ۽ ڪيتريقدر مثبت آهن، ان جو اندازو سندن مسلسل پرامن احتجاجن ۽ جائز مطالبا مڃائڻ لاءِ هلايل مهمن مان ئي ڪري سگهجي ٿو.

    عقل، ڏاهپ ۽ اميد اهي اهڙيون شيون آهن جن جي دنيا ۾ ضرورت آهي. سنڌ جا شاگرد شديد گرمين ۾ اُڃون، بُکون ڪاٽي دائود پوٽا لائبريري جي سهوليتن لاءِ نئين اميدن ۽ روشن صبح لاءِ آواز اٿاريو آهي. انهن ماڻهن سندن سڏ ورنايو آهي، جن ۾ تعميري صلاحيتون زنده آهن، جيڪي ان ڳالهه کان باخبر آهن ته دنيا جو اهو حصو سنوارڻ ۽ سڌارڻ گهرجي جنهن ۾ اسان کي ۽ اسان جي نسلن کي زنده رهڻو آهي. تازو سندن مهم جو حصو ٿيندڙ چيئرپرسن يوٿ ايڪشن ڪميٽي سنڌو نواز گهانگهرو پنھنجو قومي ۽ انساني فرض پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ويهڻ جي سهوليت نه هجڻ سبب فرش تي ويهي شاگردن جا مسئلا ٻڌا. انهن سيڪڙو شاگردن جي ذهني لاڙن اهو ثابت ڪيو آهي، ته ماڻهن کي خود نمائي ۽ خود غرضي کان هٽي ڪري اهو ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي جذبي ۽ قوم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ثابت ٿي سگهي. اميدن جو سڏ ڏيندڙ ساگر مشتاق، سجاد ڀرڳڙي، آدرش امير جان، اياز احمد ۽ فياض حسين تونيو جهڙن ڪيترن ئي شاگردن جي دماغن ۽ دلين ۾ اميدن جي شمع روشن آهي. اهڙا شاگرد مستقبل جا عظيم ذهن ثابت ٿيندا آهن، جيڪي صدين جي عظيم ذهنن جا خال ڀريندا آهن. شاگرد جيڪي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪندا آهن. اهو سچ آهي ته جنهن قوم جا شاگرد دربدري واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور هجن، ان قوم مان ترقي جي اميد ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ شاگرد قوم جو سرمايو هوندا آهن. سنڌ جا ڪيترائي غريب شاگرد جيڪي پنهنجي جائز مطالبن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن. اهڙن شاگردن لاءِ لفظ غريب لکڻ سونهي نٿو، جن کي علم جي اساٽ هوندي آهي، اهي انسان غريب نه پر عظيم ذهن ٿيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي اهي ڪيئن ٿا هن طبقاتي سماج ۾ پڙهائي جاري رکن ۽ ڪيترن سماجي مسئلن کي ڪيئن ٿا منهن ڏين؟

    هتي پنهنجي ساٿي ساگر مشتاق جو ذڪر قابل تحرير ٿو سمجهان، جنهن ڪجهه سال اڳ يعني 2016ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه پاران قاضي غفار لائبريري جي قيام لاءِ هلايل مهم ۾ سنگت سان گڏجي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو. پڙهائي جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ جڏهن هن حيدرآباد جو رخ ڪيو ته اتي کيس علم جي تڙپ دائود پوٽا لائبريري جي مسئلن تي هن کي خاموش رهڻ نه ڏنو ۽ دوستن سان گڏجي آواز اٿاريو. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڏاڏي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. اها خبر ٻڌڻ شرط جڏهن ساڻس فون تي رابطو ٿيو ۽ ڏکاري لهجي ۾ مخاطب ٿيو ”سائين حنيف! ڏاڏي جي وڃڻ جو صدمو رسيو اٿم. پر هتي اهڙين ڪيترين ئي ڏاڏين، امڙين، ڀينرن، ڀائرن ۽ پيئرن پيارن جا خواب سمايل آهن جن جي ساڀيائن لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون“ ساگر جا اهي لفظ ٻڌي فخر وچان ڳاٽ اوچو ٿيڻ لڳو. عيد جي موقعي تي ساڻس قاضي غفار لائبريري ۾ ٿيل ڪچهري ذهن تي رقص ڪرڻ لڳي. جڏهن کائنس حيدرآباد ۾ رهائش، پڙهائي ۽ لائبريري بابت گفتگو ٿي هئي. بقول هن جي ته ”ڪڏهن ڪڏهن ٻه ويلا به وڏي مشڪل سان ڍئو ڪري ماني کائيندا آهيون. ڪڏهن ته اهڙو وقت به ايندو آهي، جو چانهه بسڪيٽن تي گذارو ڪندا آهيون. تنهن جي باوجود به جدوجهد ۽ پڙهائي جاري آهي“ اندازو لڳايو ته ساگر جهڙا اهڙا ڪيترائي شاگرد هوندا جيڪي علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ وڏين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهو چوڻ اجايو هوندو ته ويران لائبريرين جا ڪتاب پڙهندڙن کي پڪارن پيا! اتي سوال اٿن ٿا ته ڇا اسان جي حڪومت شاگردن کي ان قابل بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ڇا قابل تعريف سهوليتون ميسر ڪيون آهن؟ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهنگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، لاقانونيت جهڙي ماحول ۾ شاگرد آزاد آهي؟ سندن ذهني دٻاءُ گهٽائڻ ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري سگهي آهي؟ ڇا ان صورتحال ۾ شاگردن کان اها اميد ڪري سگهجي ٿي هو وقت ڪڍي لائبريريون اٽينڊ ڪن؟ تنهن هوندي به سنڌي شاگردن دائود پوٽا لائبريري جي بحالي لاءِ پرامن احتجاج ڪن ٿا. اها سندن علم جي اساٽ آهي. ان ڪري وقت جي تقاضا آهي ته لائبريريون آباد ڪرائڻ لاءِ سڄاڻ ڌرين ۽ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي تعليمي سڌارا ۽ لائبريريون کولڻ ۾ دلچسپي جو مظاهرو ڪري اهڙن ادارن تي سيڙپ ڪرڻ حڪومت جو اولين فرض آهي. انتظاميا جي تعليمي ادارن کان عدم دلچسپي قومي مستقبل لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

    hanifsodhar2017@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو