شفيق الرحمان شاڪر ايئن ٿو لڳي ته ملڪي سياست مان قداور شخصيتون ئي هي جهان ڇڏي چڪيون آهن ۽ پويان خبر ناهي باقي ڇا رهجي ويو آهي.هڪڙي ڏينهن اصولن ۽ نظرين جا بلند مينار ٺهن ٿا ته ٻئي ڏينهن مفادن،مصلحتن ۽ مفاهمتن جو زلزلو کين زمين بوس ڪري وجھي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ تاريخ اهڙو دل ڏاريندڙ منظر ڏسڻ ڪجهه دير لاء بيهي رهن ٿا بلڪل انهيء وهندڙ پاڻيء جيان جيڪو جڏهن بيهي رهي ٿو ته ان ۾ موجود سمورو گند ڪچرو تري اچي ڪناري سان لڳي ٿو ۽ هر شيء جي اصل سچائي سامهون اچي وڃي ٿي.چوڻ لاء ته اسان جي سياسي خزاني ۾ هن وقت به ڪيئي نيلسن منڊيلا،طيب اردگان ۽ مهاتير موجود آهن پر جڏهن وک وک تي اصولن جو جنازو نڪري ٿو ۽ قدم قدم تي نظرين جي قبر کڄي ٿي ته اهو احساس پختو ٿيڻ لڳي ٿو ته نه ته اسان وٽ جمهور جي ڪا سچي نمائندگي آهي،نه جمهوريت جو ڪو روح موجود آهي نه ئي جمهوري قدرن جو ڪو ڀرم.اعلان ٻڌو ته ڪيئي جمهوري جوڌا ۽ سياسي سورما سر تريء تي رکي عوام جي عشق ۾ آزمائشن جي بٺي ۾ ٽپو ڏيئي سر ساهه صدقي ڪرڻ لاء تيار آهن پر جڏهن مفادن جي زنجير ڇڪجي ٿي ۽ مصلحتن جا ٻنڌڻ ڪسجن ٿا ته اصول،نظريا ۽ اعلان منهن مٿو پٽيندي ئي رهجي وڃن ٿا.پاڪستان جي ستر سالا تاريخ ۾ هن بدنصيب عوام کي ڪجهه ته انهن ڏوهن جي سزا ملي رهي آهي جيڪي هنن ڪيا ئي ناهن پر ڪجهه عوام جا پرڪار به اهڙا رهيا آهن جن جي نتيجي ۾ انهن سان اهو ئي سلوڪ هئڻ کپندو هو جيڪو هنن سان ٿيندو رهيو آهي.اتڪائي،عجلت،غير سنجيدگي ۽ جذبات جو اهو عالم آهي جو ڪجهه ڏينهن پهرين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان ميچ هارائڻ تي ٽيم مٿان هر طرف کان لعنت ۽ ملامت جي برسات ٿيندي رهي،ايستائين جو رانديگرن جي فيمليء کي به بخش نه ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ساڳي ٽيم ميچ کٽي ته هر طرف کان تعريف ۽ واکاڻ جون پلون ٻڌجي وييون.اسان پنهنجي عام سياسي توڙي سماجي زندگيء ۾ به اهو ئي رويو رکندا اچون.هر ايندڙ جو پرجوش استقبال ۽ هر ويندڙ تي گارين جو وسڪارو اسان جو قومي مزاج بڻيل آهي.ان ۾ ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش آهي ته عام ماڻهن جي مهنگائيء جيڪا حالت ڪئي آهي انهيء ۾ ساهه کڻڻ سوڙهو ٿي پيو آهي ۽ ستم ظريفي اها جو اها مصيبت هڪ هنڌ بيهڻ يا ٽڪڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي.اهو ڏينهن ناهي جنهن ڏينهن تي اها خبر ٻڌڻ لاء نه ملي ته فلاڻي شيء جون قيمتون وڌايون وييون آهن يا وري روپئي جي قيمت ڊالر جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪري پيئي آهي پر مجال آهي جو عوامي ڀلائيء جي دعويدار حڪمرانن تي جونء به سرندي هجي.شايد حڪمران اهو سوچي حيران ٿيندا هجن ته ايڏن عذابن ۽ اذيتن ڏيڻ باوجود اڃا تائين عوام مري ختم ڇو ناهي ٿيو.اها ته ٿي هاڻوڪن حڪمرانن جي بي حسي پر حڪومت مخالف اهي رهبر جيڪي عوام جي احساس ۾ ڳري ۽ سڙي رهيا آهن انهن ته ايڏيون دعوائون ڪيون جو ماڻهن سمجھيو ته اجھو ٿا هن حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪن پر جڏهن تازو ٿيل اي پي سي جو اعلاميو سامهون آيو ته خبر پيئي ته ” لوگون ڪو يون محوء سفر رکا، منزل ڀي بيچ دي اور بي خبر رکا.“ ان اعلاميي ۾ سڀ ڪجهه هو پر مهنگائيء کان ماڻهن کي نجات ڏيارڻ لاء جيڪر ڪو قابل عمل فارمولا سامهون آيو هجي ته ضرور ٻڌايو.ان سڄي اعلاميي ۾ ٻه اهم فيصلا ئي سامهون اچي سگھيا آهن ؛ پهريون ته سينيٽ چيئرمين کي تبديل ڪيو ويندو ۽ ٻيو اهو ته 25 جولاء تي مبينه ڌانڌلين خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.هاڻي سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته انهن ٻنهي فيصلن سان مهنگائيء جو ڪهڙو درمان نڪرندو ۽ عوام جي آزارن ۾ ڪهڙي ڪمي ٿيندي؟ان جو مطلب اهو ٿيو ته عوام نه ته هاڻوڪن حڪمرانن جي لاء قابل ذڪر آهي ۽ نه ئي مخالف ڌر جي انهن عظيم مزاحمت ڪارن جي ايجنڊا تي آهي.انهن مان هر ڪنهن جا پنهن جا الڳ الڳ معاملا ۽ مسئلا آهن.عوام سان ۽ هڪ ٻئي سان ان کان وڌيڪ سنگين مذاق ٻي ڪهڙي ٿيندي جو جنهن وقت اهي اڳواڻ عوام جي درد ۾ ڪٺا ٿي ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهياهئا ان وقت به انهن مان اهم اڳواڻن جي اقتدار ڌڻين سان ”مفاهمت“ واري فارمولي تي پردي پويان ڳالهيون هلي رهيون هيون ۽ جيڪي اڃا به هلي رهيون آهن.بلڪه اطلاعن مطابق هڪ اهم اڳواڻ جي کاتي ۾ ڪنهن ٽين ڌر طرفان ٽي ارب ڊالر خزاني ۾ جمع به ٿي چڪا آهن ۽ باقي ٽن ارب ڊالرن جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي،جيڪر اهو معاملو خير خوبيء سان طيء ٿي ويو ته پوء ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ وانگر اجھو اڏام کٽولو آيو ۽ ڪنهن نئين نيلسن منڊيلا کي کڻي پرديس جي فضائن ۾ غائب ٿي ويو.اهڙيء طرح هڪ ٻي اهم جماعت جي اڳواڻ ته نهايت ئي سخاوت جو مظاهرو ڪندي گھڻو ڪجهه ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي.سو روزانو حالتن جي ٻلي هڪڙو سياسي ڪوئو کائيندي ويندي ۽ باقي جيڪي معجزاتي طور تي يا بدقسمتيء سان بچي ويندا انهن کي ”نه خدا ملا نه وصال صنم” جي مصداق صرف روئڻ پٽڻ ئي نصيب ٿيندو.ڪهڙا اصول،ڪهڙا نظريا،ڇا جون تحريڪون،ڪهڙا لاڪ ڊائون ۽ ڌرڻا،عوام ڄاڻي ۽ عوام جو ڪم ڄاڻي،جي منجهن جيئڻ جو حوصلو هجي ته جي ڏيکارين ۽ جي نه ته خودڪشيون ڪن، بيمارين جو انتظار ڪن يا بکن وچان پاهه ٿي مرڻ جي تياري ڪن جو هي ديس فقط اشرافن جو آهي جن جي شرافت جو معيار وقت ۽ حالتن جي حساب سان روز بدلبو رهي ٿو.پر ان سموري بحث ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم سوال اهو ته رياست ڇا ڪري رهي آهي؟انهن جون سڀ خطائون ميثاق معيشت جي پوتر پاڻيء سان ڌوپي وينديون پر ڇا ٻارهن مئي جي مقتولن جا خون به معاف ٿي ويندا؟ ماڊل ٽائون جي سانحي جي شهيدن جا يتيم به آهون ۽ دانهون ڪندي هڪ ڏينهن زمين ۾ دفن ٿي ويندا؟ بلديا ٽائون جي فيڪٽريء ۾ جيئري ساڙيل اڍائي سو انسانن جو خون به لڙهي ويندو،ساهيوال واقعي ۾ قتل ٿيلن جا پويان به ڪنهن ميثاق معافيء جو انتظار ڪن؟جيڪر اهو ئي ڪجهه ڪرڻو هو ته پوء ايڏو تماشو لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ غريب عوام جي خزاني مان ڪروڙين روپيا انهن جاچن ۽ جي آئي ٽيز تي خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي کپت هئي؟ڇا ڊاڪٽر آصم ۽ عزير بلوچ جون جي آئي ٽي رپورٽون رڳو افسانو هيون؟ صولت مرزا جا بيان رڳو آکاڻيون هيون،رحمان ڀولا جا انڪشاف فقط سياسي راند کيڏڻ لاء هڪ هٿيار هئا؟ عابد باڪسر جا اعتراف سياسي بليڪ ميلنگ جو هڪ بهانو هئا؟هي ڪهڙو تماشو آهي جو رياست جڏهن چاهي ڪنهن کي ڏوهاري، دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن قرار ڏيئي ڇڏي ته وري ڪجهه عرصي کان پوء انهن ئي ماڻهن سان صلح صفائي ڪري سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏي.ڇا هن هيڏي سڄي ملڪ ۾ عوام نالي به ڪا مخلوق وسي ٿي يا رڳو اهي ئي طاقتور ڌريون آهن جيڪي هر معاملي ۾ عوام کي بائي پاس ڪري رڪ کي سون ۽ سون کي رڪ بنائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون؟ رياست کي نيٺ اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اها عوام جو ٿي ساٿ ڏئي يا ڪجهه بليڪ ميلر طبقن جو جيڪي هر طرح سان عوام کي آزاريندا، چپيندا ۽ چيڀاٽيندا رهيا آهن ۽ جن عوام جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي.