لفظن جو ڀرم رکو، ڪردارن کي نه بگاڙيو ڪامريڊ منان چانڊيو ڪجھ ڏينهن اڳ مشھور اخبار ڪوشش ۾ هڪ دوست جو خط بعنوان ''قتل لفظ جو غلط استعمال ٿئي ٿو'' نظر مان گذريو. جنهن ۾ ھن قتل ڪرڻ، ٿيڻ، مارجڻ يا مارجي وڃڻ جي وچ ۾ فرق جي ڳالھ ڪئي. هن جي اهڙي سمجهاڻي سان ڪو به متفق ٿئي يا اختلاف رکي اهو سڀ ڪنهن کي حق پهچي ٿو پر اصل حقيقت کان منهن موڙڻ توڙي پنهنجي ذاتي راءِ ٻين تي مڙڻ ناداني ٿيندي يا آھي. هتي سوال صرف هڪ انسان جو ٻئي انسان هٿان مارجي وڃڻ ڪونهي نه ڪي هن جي وصف ٻڌائڻ يا سمجهائڻ ضروري آھي. ڇاڪاڻ ته انسان کي قتل ڪيو وڃي يا ماريو وڃي، ٻنهي صورتن ۾ اهو افسوسناڪ ۽ ڪبيره گناھ آھي، تنهن ڪري ان تي بحث ڪرڻ منهنجي سوچ ۾ فضول آھي. باقي اسان جنهن قومي، طبقاتي ۽ اڻ برابري واري سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ ڪيترن ئي لفظن يا ڪردار جو تقدس پيمال ٿي رهيو آھي. مثال طور تي لفظ مڙس ماڻھو يا بهادر، ڪامريڊ، باشعور، باڪردار، امير، معتبر، معزز، يا نيڪ مرد کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي لفظ آھن جن جي هتي تشريح غلط نموني ورهين کان وٺي ٿيندي پئي اچي. اسان هتي صرف ٻن لفظن يا ڪردارن جي اصل حقيقت پرکڻ جي پنهنجي سوچ سمجھ موجب ڳالھ ڪنداسين. پهريون لفظ ''امير'' يا ''ڪردار'' امير لفظ عربي جو آھي جنهن جي معنيٰ اڳواڻ، رهنما يا ليڊر آھي. ان لقب وارو ماڻھو يا فرد ڪردارن ڪيترو بهتر آھي اها هڪ ڌار حقيقت آھي. ظاهر آھي ته جڏھن لفظ امير ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ان جي اصل معنيٰ مفهوم ۽ ڪردار ملڪ، قوم، عوام دوست هئڻ گهرجي نه وري منفي. اسان جي ملڪ ۾ ڪجھ اهڙيون مذھبي يا سياسي پارٽيون آھن جن جي رهنمائن کي امير چيو ويندو آھي. انهن پارٽين ۾ جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ به شامل آھن. اننهن پارٽين جي اهم عهديدارن جهڙوڪ مرڪز، صوبي، ضلعي، تعلقي وغيره جي سربراھ کي امير سڏيو ويندو آھي. اسان جي سنڌي سماج ۾ امير ان کي به چيو ويندو آھي جنهن وٽ پئسو ۽ ٻيو مال ملڪيت ججهي انداز ۾ هوندي آھي. اها ملڪيت هن ڪٿان ڪيئن حاصل ڪئي؟ ان جو استعمال ڪيئن پيو ٿئي؟ ان تي ڪنهن جي به نظر ڪو نه هوندي آھي بس اهو چيو ويندو آھي ته ڦلاڻو وڏو امير آھي. حقيقت ۾ امير اهي فرد ٿي سگهن ٿا جن جو ذاتي ڪردار، اخلاق ۽ گڻ ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، هلڻ، گهمڻ بهتر، ايماندارانه ۽ انمول قسم جو هجي. يعني منجهس ڪا به سماجي اخلاقي برائي نه هجي اهو ئي ماڻھو امير لفظ جي اصل گڻ يا وصف تي پورو لهي سگهي ٿو نه وري مايا ملڪيت جي گهڻائي ۽ زور تي. لفظ مڙس ماڻھو يا بهادر جو به اسان وٽ غلط استعمال ٿيندو پيو اچي، مثال طور تي اهو چيو ويندو آھي ته ڦلاڻو واھ جو دلير، قنڌار يا مڙس ماڻھو آھي جنهن هيترا قتل ڪيا، ڌاڙا هنيا، ڦرون ڪيون، يا رات جي اونداهي ۾ ڪنهن ڀاڳئي جي گهر ۾ گهڙي يا ڀت کي کاٽ ھڻي سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي آيو. هتي ان ماڻھو کي به بهادر جي لقب سان نوازيو ويندو آھي جيڪو غلط عملن جي ڪري پوليس ٿاڻن تائين پهچي ويندو آھي. پوليس مٿس سخت ۽ بدترين تشدد ڪندي آھي تڏھن به ٻڙڪ ٻاهر ڪو نه ڪڍهندو آھي نه وري پنهنجي ڏوهاري ٽولي جي نالن جو راز فاش ڪندو آھي وغيره. پر اصل بهادري، دليري، سورهيائي ۽ بي ڊپائي جي وصف ڪهڙي هجي؟ ان بابت سنڌ جي هڪ يگاني ڪردار محترم پليجو صاحب جي تحرير ''سچو پچو مڙس ماڻھو ڪهڙو ٿيندو آھي'' مان ڪجھ نقطه بيان ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا.. ''بهترين ۽ بهادر انسان ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ان کي ڇا سڏڻ گهرجي؟ اهڙن ماڻھن لاءِ تاريخ ۾ مختلف ماڻھن مختلف نالا يا لقب استعمال ڪيا آھن.''( جرمن ڏاهي گوئٽي اهڙن ماڻھن کي سپر مين يا برتر ماڻھو سڏيو آھي.) (علامه اقبال کين مرد مومن چيو آھي) انگريزن اهڙن گڻن وارن ماڻھن کي جينٽل مين يا شريف ماڻھو سڏيو آھي) (اسين سنڌي ماڻھو اهڙن ماڻھن کي مڙس ماڻھو سڏيندا آھيون) مڙس ماڻھو لفظ جون گهڻيون معنائون آھن. سنڌي ۾ مڙس ماڻھو جي مڙسي جو قصو ڪجھ نهايت ئي سادو ۽ نهايت ئي محدود آھي. ويڙھ جي فن بابت اسان جي ڄاڻ نظريو ٻاراڻي سطح مطابق هيٺائين درجي جو پوئتي پيل آھي. ڪو سخي آھي ڪو در گز ڪرڻ وارو آھي، ڪو مهل ڪرڻو وارو آھي ان کي به مڙس ماڻھو سڏيندا آھيون. ٻيو مڙس ماڻھو ان کي سڏيندا آھيون جيڪو جسماني طرح مضبوط هجي اڪيلي سر گهڻن ماڻھن سامهون هليو وڃي. هٿيار هٿ ۾ نه هجي ۽ هٿيار واري ماڻھو سان مقابلو ڪرڻو پئجي وڃي ته سامهون هليو وڃي، پوئتي لوڻو نه هڻجي، ايتري قدر جو گهران وڃي هٿيار کڻڻ لاءِ به وک پوئتي نه ورائجي، آخري حد اها آھي ته پنهنجو بچاءُ به نه ڪجي، مورچن کي به استعمال نه ڪجي، نه وري ويڙھ جا فن به استعمال نه ڪجن. لطيف سرڪار جهڙو ماڻھو به مڙسي جي ان سطح جي تصور کان متاثر ٿيڻ بنا رهي نه سگهيو. ڪُلي وير ڪٽڪ ۾ پاکر جو پائي، اڃان ان کي جيئڻ جو آسانگو آھي، سورهيه سو چائي جو رڳو ئي رڻ گهڙي. دنيا جي اڳتي وڌيل مھذب سماجن ۾ مڙسيءَ جو تصور اسان واري مڙس ماڻھو کان تمام گهڻو وسيع، نفيس ۽ اعليٰ سطح جو آھي، اهو مڙس ماڻھو جو تصور جيڪو مڙسيءَ جي ٻين علمي، فڪري، نظرياتي ۽ سائنسي نقطه نظر کان مڙس ماڻهو چوڻ ان کي جڳائي جنهن ماڻھو ۾ ٻين خاصيتن سان گڏ هڪڙي لازمي خاصيت اها به هجي ته هو جيڪي علمي، فڪري، نظرياتي ۽ سائنسي ڳالهيون بلڪل صحيح سمجهندو رهيو هجي، انهن بابت سندن ڪو بدترين دشمن به کيس اهو سمجهائي قائل ڪرڻ ڪوشش ڪري ته اهي ڳالهيون بلڪل غلط آھن ته پوءِ ان ۾ مڙس ماڻھو اهو آھي جيڪو ڦڏو نه ڪري ۽ دل ۾ ايئن نه چوي ته دشمن آھي. هن جي ڳالھ ٿوڙئي مڃبي. مڙس ماڻھو پاڻ کي تاريخ ۽ ماحول کان مليل خانداني، نسلي، علاقائي، قومي، طبقاتي، مذھبي ۽ نظرياتي تنگ نظرئي ۽ تعصب جي زنجيرن کان آزاد ڪرڻ لاءِ ھر وقت ويڙھ ۽ جاکوڙ ڪندو رهندو آھي. ۽ زندگي جي آخري پل تائين اها جاکوڙ ۽ ويڙھ ترڪ نه ڪندو آھي. بقول ڀٽائي جي : جان جان هئي جيئري، ورچي تان نه ويٺي، وڃي ڀونءِ بيٺي، سڪندي کي سڄڻي. ''عظيم انسان ارسطو چيو آھي ته بهادر ماڻھو کي بزدل ماڻھو هڪڙو انڌ جي گهوڙي تي چڙھيل هر ماڻھو سڏي ٿو ۽ سچ پچ انڌ جي گهوڙي تي چڙھيل ماڻھو وري کيس بزدل سڏي ٿو.'' دلير ماڻھو جي وصف اسڪاٽلينڊ جي ناول نويس جي ايم بيئر ڪجھ ھن ريت بيان ڪئي آھي: اصل ڳالھ آھي ته بهادر جي بهادري ويئي ته سڀ ڪجھ ويو. سوين سال اڳ جي انگريز عالم ۽ اديب ڳالھ جو هڪڙو ٻيو پاسو کنيو آھي، موت کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ بهادرن جو ڪم آھي. پر جتي زندگي موت کان وڌيڪ ڀيانڪ هجي، اتي سڀ کان سچي بهادري اها ٿئي ٿي ته ماڻھو اهڙين حالتن ۾ جيئرو رهڻ جي جرئت ڪري'' اصل بهادر انسانن جي بهادري کي جڳ مشھور اسپيني ناول ''دان ڪئگزاٽ'' هن نموني اجاگر ڪري ٿو '' دليري، هوڙھيائي ۽ بي همتي جي وچ پنڌ تي رهندي آھي. ساڳئي طرح سترنهين صدي جي انگريز شائر جان ڊان اڃان ٽئين ڳالھ ڪئي آھي، ''بهادري، بزدلي ۽ مايوسي جي وچ مان سرجندڙ آھي.'' عام طور تي چيو ويندو آھي ته دلير ماڻھو اڪثر ڪري کرا ۽ سخت دل هوندا آھن، پر انگريز دانشور ٿامس ڪارلائل چيو آھي، ''مظبوط دل، قربائتي ۽ ٻاجهاري هوندي آھي. قرب خطري سان گڏ رهندو آھي ۽ ان سخت ماحول ۾ رهڻ ڪري وڌيڪ مقدس ۽ وڌيڪ من موهيندڙ ٿي پوندي آھي.'' آمريڪي اڪابر بنجامن فرئنڪلن چيو آھي، '' جيڪا بهادري انصاف تي ٻڌل نه آھي اها ڪمزور آھي.'' ساڳئي طرح دليري جي وصف بيان ڪندي مشھور جرمن ناول نويس هرمن هيس چيو آھي ته ''دليري ۽ اعليٰ ڪردار وارا ماڻھو ٻين کي خطرناڪ لڳندا آھن.'' آمريڪي صحافي ۽ ناول نويس هارڊنگ جو چوڻ آھي ته '' جي توکي خبر هجي ها ته تنهنجو دشمن ڪيڏو بزدل آھي آھي، ته تون جيڪر کيس چماٽ ھڻي ڪڍين ها، بهادريءَ جو مطلب آھي دشمن جي ڪمزوريءَ کان واقف هجڻ.'' سنڌ جي هڪ مشھور شاعر خليفي نبي بخش، اھڙن مڙس ماڻھن لاءِ چيو آھي ته جيڪي خطري جي سامهون هروڀرو هليا وڃن اها سندن شعوري ۽ بهادري نه پر جاهلاڻو عمل آهي. هو چوي ٿو ته ''کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾، پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت، جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين. اسين جڏھن لفظن کي بگاڙ کان بچائڻ يا اعليٰ ڪردارن جي صحيح وصف جي ڳالھ ڪندي دلير انسانن جي خوبين ۽ مصبت پهلوئن جي ڳالھ ڪريون ٿا ته پوءِ آمريڪي اديب فرينس راڊ مين جي چيل ڳالھ کي به هينئين ۾ ھنڌائڻ گهرجي. هو چوي ٿو ته ''دليري سدائين نغارا وڄائي جلوس ڪڍي ڪا نه ايندي آھي. ڏيکاءُ ۽ نمائش جنهن ڪپڙي جا ويس وڳا پائي هلندا آھن، دليري ان ڪپڙي مان ٺھيل نه هوندي آھي.'' ٻئي آمريڪي عظيم شاعر ڪارل سينڊ برگ چيو آھي ته ''دليري هڪڙو تحفو آھي، جن وٽ اها ھوندي آھي، تن کي ڪڏھن به اهو پتو ڪو نه پوندو آھي ته جڏھن ٻئي آزمائش ايندي تڏھن به اها سوکڙي وٽن هوندي يا نه.'' اٽڪل ٻه هزار اڳ ورهيه اڳي رومي اديب ۽ دانشورر سينيڪا چيو هو ته، '' جنهن زندگي وٽ مرڻ جي جرئت ناهي سا غلاميءَ جي برابر آھي.'' سنڌي سياڻا ۽ عقل جا اڪابر به اهو چئي ويا آھن ته ايمان مهمان آھي، ڪڏھن من ماڪوڙي، ڪڏھن ڪيهر شينهن… اهي ته هئا اصل بهادري متعلق جڳ مشھور ڏاهن جا قول ۽ رايا پر اسان سنڌين کي گهرجي ته موجوده سماج ۾ مصبت ۽ منفي ڳالهين يا ڪردارن وچ ۾ فرق ظاهر ڪريون ۽ هروڀرو ڪنهن فرد يا ڌُر جي غير ضروري واکاڻ نه ڪريون پر اصل حقيقتن ۽ ڪردارن کي شد مد سان پنهنجي تحريرن، تقريرن، قولن، تجزين يا تبصرن ۾ نمايا ۽ نشانبر ڪريون ته جيئن سنڌي قوم عوام ۽ ماڻھن کي اصل ۽ نقل جي پرک ٿي سگهي..