سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار علي بابا هوش محمد ڀٽي مونکي علي بابا سان ملڻ جو ڪڏهن موقعو نه مليو آهي بس هڪ دفعو مون کيس سن جي اسٽيج تي ڏٺو هو. ان کان اڳ مون علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول ”موهن جو دڙو“ ۽ ٻارن لاءِ لکيل ناول ”سنڌ باد جو سفر“ پڙهي چڪو هئس. باقي سندس ڊرامن تائين اڄ سڌو رسائي نه ٿي سگهي آهي، نه ئي ڪو موقعو مليو اٿم ته ڪٿي ڏسي وٺان. جڏهن مون علي بابا کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هن ۾ مون کي ان جا سڀ ڪردار جهلڪندا نظر آيا هئا. هو سنڌي ڏند ڪٿا جو ڪو شاندار ڪردار ۽ پرسرار شخص لڳي رهيو هو. علي بابا ۾ سندس ڪردارن جا روپ ڏسي مان حيران هيس/آهيان. رند قبيلي سان تعلق رکندڙ علي بابا مون کي شاهه سائين واري رندن جهڙو لڳندو آهي جئين شاهه سائين چيو آهي ته ”رند پرڙوين راز…“ ها علي بابا ۾ سنڌ جي ڏکن سورن ۽ تاريخي ويساگهاتين جا ڪيترائي الميا لڪل آهن انهن ڳجهن کي پروڙري هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي.“ علي بابا ڪيترن ئي جاين تي لکي چڪو آهي ته هن لکڻ جي شروعات ننڍڙي عمر ۾ ڪئي. ڪجهه نه ڪجهه لکي وري ڦاڙي اچلائي ڇڏيندڙ سنڌي ادب جو هي عظيم ڪردار سنڌي ادب ۾ بڙ جي وڻ جيڏي جاءِ ٺاهي ويندو اهو ته سندس سوچ ۾ به نه هوندو. ڪچي عمر ۾ لکڻ جي مشق علي بابا کان مضبوط ڪردارن واري تخليقن کي جنم ڏياريندي. ڪنهن ڇوڪري کي مئٽرڪ جي امتحان جي هال ۾ بجو ڏيڻ تان ٻاهر ڪڍيل علي بابا مئٽرڪ فيل هجڻ ڪري ڪا سڻڀي نوڪري حاصل نه ڪري سگهيو. علي بابا زندگيءَ ۾ ٻه نوڪريون ڪيون.هڪڙي ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪي ۽ ٻئي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ مئينجري، جيڪي به گهڻو وقت نه هليون. سال ڪلارڪي ۽ چار سال مئينجري ۾ گذارڻ کان پوءِ علي بابا جي پيٽ گذر جو واحد ذريعو لکڻ ئي وڃي رهيو. سنڌ ڌرتيءَ جو هي رولاڪ البيلو اديب ادبي ميڙاڪن ۾ غائب رهندو آهي، مشڪل سان ئي ڪٿي ديدار نصيب ٿيندو آهي. علي بابا جي باقاعده لکڻ جو سال 1965ع آهي جڏهن سندس شروعاتي ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا جي تخليقن ۾ توهان کي صرف سنڌ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪردار به سنڌي نظر ايندا. سندس تخليقن ۾ خيالي دنيا کان حقيقت وڌيڪ آهي، ماحول ۽ منظر به سنڌ جا چٽيا اٿس. سنڌ ادب جي هن يگاني مزدور علي بابا پنهنجي قلمي پورهئي مان ٽي سؤ ڪهاڻيون ۽ هڪ سؤ ڊراما ڏئي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترائي ٽيلي ناٽڪ، فلم اسٽوريون به لکيا اٿس. علي بابا جي بهترين ڊرامه نويس جي قابليت تڏهن سامهون آئي جڏهن سندس ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر قرار ڏي انعام ڏنو ويو. انهيءَ ميلي ۾ 97 ملڪن حصو ورتو. ”دنگي منجهه درياهه“ ڊرامو سنڌو درياهه جي مهاڻن جي زندگيءَ تي لکيل آهي جنهن جيجي زرينه ڪردار ادا ڪيو هو. ڊرامي ۾ مهاڻن جو درياهي ٺيڪيدار سان جهيڙو ٿئي ٿو ۽ مهاڻن سان جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا انهن کي اٿاريو ويو آهي. ”دنگي منجهه درياهه“ ناٽڪ جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اهو ناٽڪ ڏسڻ کان پوءِ درياهن تي ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرايو. علي بابا جو ٻيو اهم ناٽڪ ”رقص حيات“ آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي جي زندگيءَ تي آهي. ان کان علاوه سندس ٻالي شاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي به مقبول ناٽڪ اٿس. علي بابا جو پهريتو ڪهاڻي ڪتاب 1983ع ۾، ٻيو ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ۽ ٽيون ڪتاب علي بابا جون ڪهاڻيون“ آهن. تازو روشني پبليڪيشن پاران سندس ٽنهي ڪتابن کي گڏي ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ جي نالي سان آندو ويو آهي. جنهن ۾ سندس رڳو اڌ ڪهاڻيون آهن ۽ ان جو ٻيو حصو نه آيو آهي. سنڌي ماڻهو ازل کان حساس طبعيت رهيا آهن ان جو مثال توهان کي تاريخ ۾ به ملندو ته سنڌين تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن تي هلان ڪا نه ڪئي آهي نه ئي ڪنهن قوم جو بي گناهه رت وهايو آهي. سنڌين هر دؤر ۾ امن جو هوڪو ڏنو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ علي بابا به پنهنجي حساس مزاج مان ”ڌرتي ڌڪاڻا“ ، ”ڪجلا تجلا ماڻهو“ ۽ ٻين شاهڪار ڪهاڻين کي خليقيو آهي. جن کي پڙهي مان جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويس ۽ منهنجي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويوهئس. هر حساس دل انسان/سنڌي تي به انجو اهڙو ئي اثر ٿيندو. علي بابا سراپا سنڌيت آهي. علي بابا کي سنڌ ۽ سنڌيت جو جيڪو جنون آهي ان ڪري سندس تخليقون سنڌي سماج، سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو عڪس آهن جن ۾ سنڌ نظر اچي ٿي اسين پاڻ کي ڏسون ٿا. علي بابا انهن ۾ اسان جي ڳالهه ڪئي آهي اسان سنڌين جي ڏکن ۽ پيڙائن کي چٽيو آهي. موهن جو دڙو جنهنجي نالي سان اسان پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتا وڃون ٿا ۽ مختلف قومن جا ماڻهو اسان جي تهذيب کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ان عظيم تهذيب تي علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“ جو پهريون حصو 1985ع ۾ ڇپيو. جيڪو اڳ۾ ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگيءَ“ ۾ قسطوار ڇپيو هو. علي بابا کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪمال جو هنر آهي، سندس ڪردار، پلاٽ ۽ منظرن ۾ جيڪا جان آهي. اها کيس سگهارو قلمڪار ثابت ڪريس ٿي. هن ناول ۾ هن سنڌو سڀيتا کي اسان جي اڳيان آئيني جيان ڏيکاريو آهي. پر وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته ان ناول جو پهريون حصو پڙهي گذريل ڏهن سالن کان ٻئي حصي جي پڇا ڪندو رهان ٿو. مان سمجهندو هئم ته ان جو ٻيو حصو ڇپيل آهي شايد ڇپجي نه سگهيو آهي پر نه علي بابا خود پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ ان جو اقرار ڪري ٿو ته مون کان هاڻي اهي ڪردار وڌيڪ تخليق نٿا ٿي سگهن. مون سميت سنڌ جي کوڙ سارن پاٺڪن کي هن ڪلاسيڪل ناول جي ٻئي حصي جو انتظار آهي پر 32 سال گذرڻ باوجود علي بابا خبر ناهي ڇو ان جي ٻئي حصي لکڻ ۾ سنجيده نه هو. هاڻي علي بابا ڪڏهن لکي ب ن سگهندو. پر پوءِ به اسان کي انتظار آهي ۽ رهندو پوءِ ڇو نه ڪو ٻيو قلم ڌڻي ان تي قلم کڻي پورو ڪري. آء ب پنهنجي طرف کان ڪوشش ڪندس. علي بابا جو ٻيو ناول ”سنڌ باد جو سفر“ جيڪو ٻارن لاءِ لکيو اٿس. اهو ناول 1993ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ باد جي سفر ۽ ان ۾ موجود ڪردارن کي علي بابا سنڌي روپ ڏنو آهي جهڙوڪ اهو سنڌي قصو ٿي ويو آهي. اهو سندس فن ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي. علي بابا سنڌ جو مسڪين ۽ سادي طبيعت رکندڙ پنهنجي جوهر ۾ هڪ حقيقي ۽ مڪمل سرجڻهار آهي. جنهن وٽ اڻ کٽ ڏات آهي جنهن سان هو پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ ۽ عظيم ڪردارن کي دنيا جو آڏو پيش ڪري ٿو.