تبصرو: عاشق چانڊيو نائين ڪلاس ۾ پڙھندا ھئاسين ھڪ ڏينھن ٻڌوسين تـ قمبر جو ڊي سي پيو اچي ۽ اسڪول وزٽ ڪندو,اسين تيار ٿي ويا ھئاسون ۽ جڏھن ڊي سي اسان جي ڪلاس ۾ آيو ھو تـ اسين ھيلن ڪيلر جو سبق پڙھي رھيا ھئاسون,ڊي سي ڏٺو تـ بورڊ تي ھيلن ڪيلر لکيل ھو.ھن سوال ڪيو ھو.??Who was Hellen Keller تڏھن سڄو ڪلاس چپ ٿي ويو ھو ۽ آءٔ کيس اٿي بيٺو ھئس ۽ فخر مان چيو ھئم .She was a lady ڊي سي چپ ٿي ويو ھو ۽ ٻئي ڪلاس ڏانھن ھليو ويو ھو ۽ خوش ٿيو ھئس تـ مون ڊي سي جي سوال جو صحيح جواب ڏنو ھو پر جڏھن سائين چيو ھي ڪھڙو جواب ڏنئي?تڏھن سمجھيم تـ مون صحيح جواب نـ بلڪ غلط جواب ڏنو ھوـان ڏينھن کان ھيلن ڪيلر بابت پڙھڻ ۽ ڄاڻڻ جو شوق ٿي پيو ھو ۽ جڏھن فيسبڪ تي ھيلن ڪيلر جو آتم ڪٿائي ڪتاب ڏٺم تـ يڪدم گھرائي ورتو ۽ جلد ئي پڙھي پورو ڪيو وري سوچو ڪتاب بابت ڪجھ خيال دوستن سان بـ ونڊ ڪجن ايئن ئي ھن ڪتاب تي تبصرو لکي رھيو آھيان. ھيلن ڪيلر 27 جون 1880ع تي امريڪا جي ھڪ ڳوٺ ٽسڪومبيا ۾ جنم ورتو.شروع ۾ تـ ھيلن جي زندگي عام ٻارڙن وانگر ھئي پر پوء اچانڪ اڻويھ مھينن جي ھلندڙ گھمندڙ ۽ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ معصوم ڄمار ۾ سندس گلاب جي گل جھڙي نازڪ وجود کي خزان بيماري جي صورت ۾ وڪوڙي وئي ۽ ڏسڻ,ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ جي سگھ ڇني ورتي پر کيس زندگي سلامت رھي.زندگي سلامت تـ رھي پر زندگي اڌوري بڻجي وئي ڇاڪاڻ جو زندگي جيئڻ جو مزو بـ ڪائنات جي حسناڪين کي ڏسڻ,ماڻھن جي خيالاتن کي ٻڌڻ ۽ پنھنجا خيال,ڏک ۽ سور اورڻ ۾ آھي پر ھي ننڍڙي ڇوڪري انھن ٽنھي نعمتن کان محروم ھوندي بـ ھن ڪڏھن ھمٿ نـ ھاري ۽ زندگي کي ڀرپور نموني سان گذاريو ۽ دنيا کي ٻڌايو تـ جيڪر اوھان جي اندر حوصلو آھي تـ اوھين ھن دنيا جا طاقتور ترين انسان آھيو ۽ توھان کي ڪوبـ انسان ھارائي نـ ٿو سگھي.ھوء تمام بھادر عورت ھئي,ننڍپڻ ۾ جڏھن ھو ٻڌي نـ سگھندي ھئي تـ ھو پنھنجي ماء جي چپن تي آڱر رکي محسوس ڪندي ھئي تـ ڇا ڳالھايو پيو وڃي.ڳالھائڻ جي شروعات بـ ٻڌڻ سان ٿيندي آھي جڏھن ماڻھو ڪجھ ٻڌنڌو آھي تڏھن ئي ڳالھائي سگھندو آھي تنھن ڪري ھن عورت کي ڏکيائيون ضرور پيش آيون ھونديون پر پوء بـ ھن ڪڏھن ھمٿ نـ ھاري آھي. ھن ڪتاب ۾ گھڻو ذڪر ڏسڻ,ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ جو آھي تـ آءٔ بنا ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ جي بـ ڪيئن ڳالھائيندي ۽ ٻڌنڌي ھيس.ھن عورت توڙي جو انڌي,گونگي ۽ ٻوڙي ھوندي بـ تعليم پرائي ۽ گھڻين مشڪلاتن سان پرائي.ھن کي مس سليوان درياھ جي ڪناري وٺي اتي پاڻي ۾ ھٿ ٻوڙي سندس کي محسوس ڪرائيندي ھئي ۽ ھٿن تي لفظن جي ھجي ڪندي کيس سيکاريندي ھئي.ايئن آھستـ آھستـ محنت ڪندي ھو پڙھي وئي ۽ پوء ھن ڪيئي ڪتاب پڙھيا ۽ لکيا. آتم ڪٿائون اسان کي سبق ڏينديون آھن,ماڻھو پنھنجي گذاريل زندگي جا تجربا ٻڌائيندا آھن تنھن ڪري اسان کي آتم ڪٿائون پڙھڻ گھرجن.اسان کي ھن ڪتاب مان تمام گھڻا سبق ملن ٿا ۽ ھڪ نابين عورت جي زندگي مان اتساھ ملي ٿو تـ ڪيئن ھڪ نابين,گونگي ۽ ٻوڙي عورت تعليم پرائڻ لاء پاڻ پتوڙي ٿي ۽ جڏھن وري ھيلن کي اسان پنھنجي سماج سان ڀيٽيون تـ توڙي جو اسان ڏسي سگھون ٿا,ٻڌي سگھون ٿا پر پوء بـ ايترو نـ ٿا پڙھون جيترو ھڪ نابين عورت پڙھي ٿي پر وري سڀ آڱريون برابر بـ ناھن اسان وٽ تعليم ۽ ڪتابن جا شوقين بـ تمام گھڻا آھن.لاڙڪاڻي جي سر شاھنواز ڀٽو لائبريري جي لنڪولن حال ۾ مون ھيلن ڪيلر وانگر انڌو انسان ڏٺو جيڪو پڻ اسٽيج تي بيھي تقرير ڪري رھيو ھو ۽ ھن جو ڪتاب پڻ ڇپيل ھو پر ھن وٽ اڀريل اکرن وارا ڪتاب نـ ھئا جيڪي ھيلن ڪيلر کي ھوندا ھئا پر مون ڏٺو تـ ھن کان ڪنھن ڪتاب مان پوائنٽ پڇي تـ ھن ڪتاب جو صفحو ٻڌايو تـ ھن صفحي تي اھو نقطو لکيل آھي پر اھو ڪتاب سندس پنھنجو لکيل ھو.پر ھتي ءٔ اھا ڳالھ ڇو پيو ڪريان?مونکي تـ ڪتاب بابت لکڻ گھرجي پر آءٔ سمجھان ٿو تـ آتم ڪٿائي ڪتاب لکيل بـ زندگي تي آھي تنھن ڪري اھڙن ڪتابن ۾ لکيل تجربن سان پنھنجي ماحول جي زندگين سان ڀيٽيو وڃي.ان کان علاوھ ھن ڪتاب جو ھڪڙو باب ھتي ذڪر ڪرڻ جھڙو آھي جنھن ۾ ھيلن ھڪ ليکڪ ٿيڻ يا ھجڻ ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ رنڊڪن جي تجربن بابت لکيل آھي. ھيلن ڪيلر ھن باب ۾ ذڪر ڪيو آھي تـ مون ھڪ ڪھاڻي "برف جو بادشاھ"لکي جيڪا منھنجي ڏک جو ڪارڻ بڻي.ڇاڪاڻ جو ان ڪھاڻي جو جيڪو ٿيم (Theme) يا مقصد ھو انھي مقصد سان ھڪ ڪھاڻي "برف جون پريون" اڳ ۾ ئي ڪنھن ٻئي ليکڪ لکي ھئي.ان بابت ھيلن لکي ٿي تـ "اھا ڪھاڻي لکڻ ويٺس.خيال ڪاغذ تي پاڻي جي وھڪري وانگر وھندا رھيا.مون اھا آکاڻي لکندي ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي.لفظ ۽ تصور منھنجي آڱرين جي پورن تائين تيزي سان اچي رھيا ھئا.آئون جملن مٿان جملا سوچيندي رھيس ۽ انھن کي نابينن جي لکت واري سرشتي واري سليٽ تي قلمبند پئي ڪيم.مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي,مون اھا ڪھاڻي انگنلس کي ٽپال ڪئي ۽ ھن پرڪنس اداري جي رپورٽ ۾ شايع ڪري ڇڏي.منھنجي خوشي عروج تي ھئي پر جلد ئي مونکي اوچائي کان ھيٺ ڪيرايو ويو تـ "برف جو بادشاھ"جھڙي ڪھاڻي,جنھن جو عنوان "برف جون پريون" ھو,اھا مس مرگٽي ڪيبني لکي ھئي." ھاڻي ان ڳالھ مان اسان ڪھڙو سبق سکيو?مون رسول بخش پليجو جي ڪتاب ۾ پڙھيو ھو تـ "ڪابـ شئ نئين نـ ھوندي آھي ايستائين جو ماء جي پيٽ مان نئون ڄاول ٻار بـ نئون نـ ھوندو آھي.اھو بـ پنھنجي والدين جي بيمارين جھڙيون بيماريون کڻي ايندو آھي."ھاڻي نون ليکڪارن لاء اھا ڳالھ پريشان ڪرڻ جھڙي ناھي تـ ھو ھر شئ نئين تخليق ڪن ڇاڪاڻ جو نئون ڪجھ بـ ناھي ۽ اھو بـ غم نـ ڪرڻ گھرجي تـ آءٔ جيڪو ڪجھ لکي رھيو آھيان متان ان جي ڪا سٽ ڪنھن ٻئي طرفان لکيل ھجي ڇو تـ جيڪر ايئن سوچيندؤ تـ پوء تخليق ڏکي ٿي پوندي باقي ھا ڪنھن جي ڪا سٽ اوھان کي متاثر ڪري ٿي اوھان ان کي پنھنجي خيال کان اڃان سنواري لکو.ھيلن ڪيلر جي زندگي بابت ھي ڪتاب 160 صفحن تي مشتمل آھي.