زندگيءَ ۾ عقلمند انسان جو اهم ڪردار..

'مختلف موضوع' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ولي محمد راڄڙ
    الله تعالي جي ڏنل عظيم نعمتن مان زندگي هڪ عظمی نعمت آهي جيڪا الله تعالي تمام مخلوقات کي تحفہ طور عطا ڪئي آهي. ان زندگي جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي سهڻو بنائڻ هر انسان تي لازم و ملزوم آهي ۽ ﷲ تعالي تمام مخلوقات مان عظيم المرتبت، اهلِ فضل و ڪمال ۽ رفعت و عظمت واري مخلوق انسان کي بنائي اشرف المخلوقات جي لقب سان ملقوب فرمايائين جنهن جو ثبوت اسان کي قرآن پاڪ ۾ صراحتن ملي ٿو جو ﷲ تعالي قرآن شريف جي سوره التين ۾ فرمايو آهي ته! ( ترجمہ: تحقيق اسان انسان کي سهڻي صورت ڏئي پيدا فرمايو آهي) . اهڙي صورت جو ڪنهن به مخلوق کي عطا نه ڪئي وئي. اِها ڳالهه ثابت شدہ آهي ته تمام مخلوقات مان اعلی فضيلت ۽ عظيم ڪمال واري مخلوق انسان آهي. ِلهذا انسان کي الله تعالي تمام مخلوقات مان تمام شعور، فهم، دانشوري، حسن، ڪمال ۽ بلند نظري وغيره جهڙن عظيم نعمتن سان سرفراز ڪيو آهي. جنهن جي وجهه سان انسان پنهنجي زندگي جي اندر ايندڙ معاملات ۽ مسائل کي دانشوري ۽ دقتِ نظري سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي زندگي ۽ ماحول کي بهترين نمونو بڻائيندو آهي. زندگي هڪ نظام جو به نالو آهي جنهن ۾ ڏک سک، لاها چاڙها، ڪاميابي ناڪامي ۽ خوشي غم هن نظام جا اهم حصا آهن جيڪي انسان جي زندگيءَ جي نظام ۾ هر لمحه ھر قدم ملوث هوندا آهن ۽ اڳتي وڌڻ جي لاءِ منزل فراهم ڪندا آهن. الله پاڪ هن دنيا ۾ اربن کربن کان وڌيڪ تعداد ۾ انسانن جي تخليق ڪئي آهي ۽ انھن سڀني انسانن جون طبيعتون، مزاج ۽ نشت و برخاست مختلف آهي ۽ انهن جو پنهنجي زندگي گذارڻ به مختلف آهي. انسان جي زندگيءَ ۾ تمام مسائل ۽ آزمائشون پيش ٿينديون رهنديون آهن آسان لفظن ۾ جيڪڏهن ان جو مفهوم بيان ڪجي ته انساني زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا آهن جيڪي انسان جي زندگيءَ جو هڪ اهم حصو آهن جيسيتائين انسان انھن لاهن چاڙهن کي صحيح نموني منهن نه ٿو ڏي ايسيتائين انسان پنهنجي زندگيءَ جي حقيقت کي نه ٿو سمجهي سگهي ڇو جو ڏک کان سواءِ سک بي فائده ۽ بيڪار آهي، جيستائين انسان جي زندگي ڏکن کان خالي آهي ايسيتائين انسان زندگيءَ جو ڀرپور مزو ماڻي نه ٿو سگهي. جيئن سنڌ جي واديءِ مهراڻ، صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه فرمايو آهي ته
    ڏک سکن جي سونهن گھوريا سک ڏکن ري.
    زندگيءَ ۾ ايندڙ سکن سان گڏ ڏکن جو ذائقو چکڻ ۽ زندگيءَ جو حقيقي معني ۾ سمجهڻ کي سائين شاھ صاحب پنهنجي هن شعر ۾ بيان فرمايو آهي. زندگيءَ ۾ ايندڙ سک جي اهميت جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن سکن سان گڏ ڏکن جي آميزش هوندي آهي. عقلمند انسان ڏکن کان ئي سبق حاصل ڪندو آهي ڇو جو ان جي زندگي ڏکن جي گرماش ۽ تپش سان پچي مظبوط ٿي ويندي آهي جيئن عقلمند ۽ دانشور انسان جيڪو پنهنجي سيني ۾ سکن جي سيج سجائڻ لاءِ ڏکن کي جڳھ ڏئي رکندو آهي، حقيقت ۾ هو ڏکن سان پچندو رهندو آهي پر ٻاهر ۾ ڏک جو ڪو به اثر ظاهر نه ڪندو آهي.
    جنهن جي لاءِ سهڻي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رحمت الله عليه جن فرمايو آهي ته!
    نھائينءَ کان نيهن سِک منھنجا سُپرين سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    عقلمند ۽ دانشور انسان جو سينو ان نھائينءَ (بٺيءَ) جي مثل آهي جنهن کي هڪ عقلمند ڪنڀر پنهنجي محنت ۽ مشقت سان ٺهيل مٽيءَ جي ڪچن ٿانون کي پچائڻ لاءِ تيار ڪندو آهي ۽ بٺي پنهنجي سيني اندر ڪچن ٿانون کي جڳھ ڏئي پچائي مظبوط بڻائيندي آهي. بٺيءَ جي اندر باھ هر وقت موجود هوندي آهي پر ٻاهر باھ جو ڪو به نشان نظر نه ايندو آهي عقلمند انسان جو سينو ان نھائينءَ جي مثل آهي جيڪو پنهنجي اندر زندگيءَ جا تمام مسائل، معاملات ۽ تڪاليف کي سنڀاليندڙ هوندو آهي. ۽ انهن معاملات ۽ مسائل کان سبق آميز ٿي ٻين انسانن جي زندگين لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي. هن دنيا جي خطي تي اهڙا عقلمند، دانشور، مفڪر ۽ اديب ڪيترائي انسان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ پنهنجي عقلمندي ۽ دانشوري جي مدد سان ڪيترائي ڪارناما پيش ڪري پنهنجن زندگين کي سنواري ناياب بنايو. ۽ پنھنجن زندگين کي ٻين جي لاء ھڪ اھم نمونو بنائي مستقبل لاءِ ھڪ مثال ڇڏيو. عصرِ حاضر ۾ به اهڙا ڪيترائي انسان هن پاڪ ڌرتيءَ تي ڏسڻ لاءِ ملندا آهن جيڪي انهن عظيم انسانن جيان عقلمندي ۽ دانشوريءَ ۾ پنهنجا مٽ پاڻ آهن پر بعض ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ناڪام ۽ نااهل سمجھندي پنهنجي فهم ۽ دانشوريءَ جا قاتل بنجي چڪا آهن. بهترين اسڪالر، معلم (استاد) ۽ حقيقت شناس ماڻهن جو چوڻ آهي ته هر انسان (جنهن کي ﷲ پاڪ هن دنيا جي خطي تي زندگي جي نعمت سان نوازيو آهي) ۾ الله پاڪ ڪيتريون ئي اهم خاصيتون رکيون آهن جيڪي ان انسان کي بهتر کان بهتر ماحول ملڻ تي اُڀار کائينديون آهن، اُڀار کائڻ کان بعد اهو انسان پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ته سکن ۽ آرامن جي جهولن ۾ جهلائيندو آهي پر ٻين به ڪيترن ئي انسانن جي زندگين کي سنوارڻ جو باعث بڻجندو آهي پوءِ ان انسان جو هر قدم زوال کان ترقيءَ جي طرف وڌندو رهندو آهي. ۽ اھڙا ئي پنهنجي پاڻ کي ناڪام ۽ نااهل سمجهندڙ انسانن کي ماحول ڏيڻ ۽ انهن جي زندگين کي سنواري گل و گلزار بنائڻ ۾ به هڪ عقلمند ۽ دانشور ماڻهوءَ جو هڪ اهم ڪردار موجود هوندو آهي، جو هو الله پاڪ جي ڏنل نعمتن (عقل ۽ دانشوري) جي زور سان پاڻ کي ناڪام ۽ نااهل سمجهندڙ انسانن جي مزاج و طبيعت ۽ نشت و برخاست کي سمجهي ان کي ماحول فراهم ڪرڻ کان بعد انهن جي اهم خاصيتن کي اجاگر ڪندو آهي ۽ ان جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ گذارڻ ۾ هڪ اهم ڪردار پيش ڪندو آهي. ۽ عقلمند انسان نااهل سمجهندڙ انسان جو هم سفر ٿي ڪري ان جي ڏک سک جو ساٿي بنجي ان کي زندگيءَ جا قانون و ضوابط سمجهائي ۽ ان تي عمل ڪرائي ان جي زندگي کي اعلي مقام تي فائز ڪندو آهي. معلوم ٿيو ته عقلمند ۽ دانشور انسان پنهنجي زندگيءَ جي مصائب و آلام ۽ ڏکن مان سبق حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ کي ته تبديل ڪري اعلي مقام تي فائز ڪندو آهي پر ٻين انسانن کي به الله جي ڏنل نعمتن جي مدد سان ڏکن ۽ مصائب جي اونداهين کان آزاد ڪري خوشين ۽ روشنين جي طرف منتقل ڪندو آهي.
     
  2. علي عباس جمالي لعلورائنڪ

    علي عباس جمالي لعلورائنڪ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ذرعي ڪمپني ۾ ملازمت
    ماڳ:
    سنڌ لعلورائنڪ
  3. علي عباس جمالي لعلورائنڪ

    علي عباس جمالي لعلورائنڪ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ذرعي ڪمپني ۾ ملازمت
    ماڳ:
    سنڌ لعلورائنڪ
    ادا اوهان وارھ جا آھيو
     
  4. علي عباس جمالي لعلورائنڪ

    علي عباس جمالي لعلورائنڪ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ذرعي ڪمپني ۾ ملازمت
    ماڳ:
    سنڌ لعلورائنڪ
    ادا اوهان وارھ جا آھيو
     
  5. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڳوٺ غازي خان مرکنڊ نزد وارهه جا رهواسي آهيو سائين
     
    علي عباس جمالي لعلورائنڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  6. علي عباس جمالي لعلورائنڪ

    علي عباس جمالي لعلورائنڪ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ذرعي ڪمپني ۾ ملازمت
    ماڳ:
    سنڌ لعلورائنڪ
    شاد آباد هجو سهڻا اوهانجي ڳوٺَ اچڻ ٿيندو آ اوهانجو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان بلڪل محروم آ
     
  7. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    بلڪل
    بلڪل سائين ڪافي دفعا ڳوٺ جي متعلق مضمون لکيو آهي
     
    Asghar Ali Jamali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو