”اليڪٽيبلز“ جي جمهوريت.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ايئن به صحيح ڪونهي ته عمران خان صاحب جون سڀ ڳالهيون غلط هجن.ملڪ ۾ ڪرپشن،اقربا پروري ۽ گورنس جا سخت مسئلا موجود آهن.اهو به صحيح آهي ته سياسي ۽ اداراجاتي نظام ۾ جمود ۽سنگين خرابيون به موجود آهن ۽ انهن سڀني شين جي اور هالنگ جي ضرورت آهي پر اها ڳالهه به پنهنجي جاء تي سو سيڪڙو درست آهي ته جيڪي ڳالهيون خان صاحب پنهنجن تقريرن يا پارٽي منشور ۾ ڪري رهيو آهي اهي ئي ساڳيون ڳالهيون لفظن جي ڪجهه ڦير گھير سان نواز ليگ،پيپلز پارٽي جهڙين وڏين جماعتن سان گڏ وچين ۽ ننڍي درجي جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ سندن ليڊر به ڪندا رهيا آهن.ته پوء ڇا خان صاحب سميت اهي سڀ اڳواڻ اسان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن؟اهي ماڻهو وڏا وڏا نعرا ۽ تارا ٽوڙي اچڻ جهڙا وعدا ڪري اسان کان ووٽ گھرندا آهن ۽ جڏهن اقتدار ۾ اچن ٿا ته انهن کان نه ته زرداري گھٽين ۾ گهلجي ٿو،نه ئي ماڻهن کي روٽي،ڪپڙو ۽ مڪان ٿو نصيب ٿئي ۽ نه ئي انهن کان پنجيتاليهه روپيا پيٽرول ۽ ٻه سو ارب ڊالر ملڪ ۾ واپس آڻڻ جو وعدو ئي ٿو نڀائجي.ان سڄي معاملي کي هڪ ٻئي نقطه نظر کان ڏسون ٿا.ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو وزير اعظم ملڪ جو مجبور ترين ماڻهو هوندو آهي.خاص طور تي اهڙو وزير اعظم جنهن جي حڪومت رڳو ڪجهه سيٽن تي بيٺل هجي تنهن کي پنهنجن اتحادين کي وزارتون ۽ فنڊ ڏيئي خوش رکڻو پوي ٿو۽ پنهنجي پارٽيء جي اصل لائق ورڪرز کي خالي تسليون ڏيئي مطئمن ڪرڻ هوندو آهي.سندس سامهون ادارن جي ڇڪتاڻ وارا بکيڙا به هوندا آهن ته مخالف جماعتن جون سياسي چالون پڻ.هو ڪنهن تي ڪو الزام هڻي نٿو سگھي پر هن کي سوين الزام سهڻا پون ٿا.هن کي ڪجهه اهڙا فيصلا به ڪرڻا پون ٿا جيڪي سندس بنيادي ووٽ بينڪ جي ترجيحن ۽ خواهشن جي بلڪل ابتڙ هوندا آهن.هن کي ميڊيا جي ڦٽڪار به سهڻي پوي ٿي ۽ طاقتور ادارن جي خواهشن آڏو به سر جھڪائڻو پوي ٿو.هن کي انهن پاليسين يا اهڙين پاليسين جي نتيجن لاء عوام آڏو جوابده بنجڻو پوي ٿو جيڪي پاليسيون هن جون جوڙيل ئي ناهن هونديون بلڪه ڪنهن ٻئي هنڌ جڙنديون آهن.مطلب ته وزارت عظميٰ گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج آهي.پر ٻين ملڪن خاص طور تي اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ايئن ڇو نٿو ٿئي؟بدقسمتيء سان پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي وڻ کي وڌڻ ويجھڻ ئي نه ڏنو ويو.ڪو به ٿورو گھڻو ٻج ڪجهه به پن ۽ ٽاريون ڪڍڻ لڳي ته ان کي اکيڙي نئون بج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.هر هر جي ان حرڪت جمهوريت جي فلٽريشن واري خاصيت جي ڪارڪردگي اڌ کان به گھٽائي ڇڏي.جيڪڏهن پاڪستان جي پهرين ۽ اڄوڪي اسيمبليء تي نظر ڊوڙائجي ته معلوم ٿيندو ته پهرين اسيمبليء ۾ جاگيردارن،پيرن،نوابن ۽ رئيسن جي اڪثريت هئي پر هاڻوڪي اسيمبليء ۾ انهن پيرن،وڏيرن ۽ جاگيردارن سان گڏوگڏ مڊل ڪلاس،محنتي،صاف سٿرا ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو به نظر ايندا،جيڪر جمهوريت جو قدرتي فلٽريشن سسٽم صحيح طور تي هلندو رهي ها ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان ۾ بار بار اجائي مداخلت نه ڪري ها ته سمورا سياسي گادي نشينن،وڏيرا ۽ خاص طور تي ڪرپٽ ماڻهو آهستي آهستي ان نظام مان ٻاهر ٿي وڃن ها ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي سياسي ۽ جمهوري ڪلچر جو شڪار نه ٿيون ها جنهن جمود جو اڄ بڻيل آهيون.پر ان ڳالهه کان انڪار جي گنجائش ناهي ته هتي پهرئين ڏينهن کان اسٽيبلشمينٽ ۽ سندن من پسند نام نهاد سياستدان گڏجي جيڪا سياسي ۽ اقتداري راند کيڏندا رهيا ان هڪ اهڙو ته ”مافيائي چڪر“ جوڙي ڇڏيو جنهن کي ٽوڙڻ ڪنهن به وزير اعظم لاء ممڪن نه رهيو.انهيء ڪري هر وزير اعظم نه رڳو ناڪام رهيو پر وقت گذرڻ سان گڏ هر ادارو ۽ هر سسٽم وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿيندو ويو.اهو چڪر ڪيئن ڪم ڪري ٿو انهيء کي سمجھڻ لاء اسان کي پنهن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جي ميمبرن جي تاريخ ڄاڻڻي پوندي.وڌيڪ اونهائي يا وڌيڪ پري وڃڻ جي به گھرج ناهي.نواز شريف جي 1999ع واري ڳري مينڊيٽ واري حڪومت جي خاتمي کان شروع ڪجي ته مشرف پنهنجي سهولت لاء هڪ ڪنگز پارٽي جوڙي،ان پارٽيء ۾ نون ليگ مان اٽڪل 140 کان مٿي ايم اين اي ٽوڙي شامل ڪرايا ويا ۽ ساڳيو ڪم پيپلز پارٽي سان ”پيٽرياٽ“ جي صورت ۾ ڪيو ويو.مشرف جي دور جي خاتمي ۽ پيپلز پارٽيء جي چڙهندڙ سج کي سلامي ڏيڻ لاء انهيء ئي قاف ليگ جا اڪثر ميمبر ڊوڙ لڳائي ويٺا جڏهن ته ڪجهه وري نواز ليگ طرف هليا ويا.2018ع جي چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ جڏهن انهن ئي ماڻهن اقتدار جي هما پي ٽي آئي جي ڪلهي تي ويهندي ڏٺي ته اهي سڀ پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي ويا.اهڙا اٽڪل اسي کان سو ماڻهو آهن ۽ اهي ئي ماڻهو هن سسٽم جي لاء ناسور بڻيل آهن پر بدقسمتيء سان اهي ئي ماڻهو اڄ به ان سسٽم جا چڱا مڙس بڻيل آهن.اوهان انهن ماڻهن جو ريڪارڊ چڪاس ڪري وٺو ته انهن مان ئي اڪثر اوهان کي ڪرپٽ ترين ماڻهو ملندا.پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاء انهن ماڻهن جو هر حڪومت ۽ سدائين اقتدار ۾ رهڻ سندن مجبوري آهي ۽ ان مجبوريء سبب اڪثر مقتدر حلقن جي اشارن تي نچن ٿا.ڪا هڪ سياسي جماعت ٻي سياسي جماعت جي اهڙن ئي سياسي عنصرن جي ڪرپشن ماڻهن سامهون ڳائي پنهنجو ووٽ بينڪ مظبوط ڪري ٿي پر آخر نيٺ اقتدار ۾ پهچڻ لاء انهن ئي ماڻهن کي ”اليڪٽيبلز“ قرار ڏيئي پاڻ سان گڏ ملائي وٺي ٿي.انهن ماڻهن جي ئي عنايت سبب اسان جي سياسي ڊڪشنري ۾ لوٽن ۽ ڊرائي ڪليننگ وغيره جهڙا لفظ شامل ٿيا آهن.انهن ماڻهن جون ٻه بنيادي خاصيتون ٿين ٿيون،پهرين اها ته اهي ماڻهو چونڊ کٽڻ لاء ڪنهن هڪڙي سياسي جماعت جا محتاج نه هوندا آهن ۽ ٻي شيء اها ته انهن مان گھڻن جي ڪرپشن ۽ مختلف ڏوهن جا فائل مختلف رياستي ۽ حڪومتي ادارن وٽ هر وقت کليل رهن ٿا.اهو ئي اهڙو مڪروه چڪر آهي جنهن مان اسان جو ملڪ ٻاهر نه نڪري رهيو آهي.ٿئي ڪجهه ايئن ٿو جو اهي ماڻهو اچڻ وارين حالتن جو رخ سڃاڻي وٺن ٿا ۽ امڪاني طور تي آئيندي کٽيندڙ پارٽيء کي پنهنجي سيٽ ان بدلي ۾ پيش ڪن ٿا ته سندن ڪيس سردخاني مان ٻاهر نه ايندا.انڪار جي گنجائش ان ڪري نه هوندي آهي جو اهي مخالف پارٽيء کي به ساڳي پيشڪش ڪري انهيء سان ملي ويندا ۽ کٽيندڙ پارٽي پنهنجي عددي برتري وڃائي ويهندي.اسٽيبلشمينٽ لاء اهي ماڻهو سونيون جھرڪيون هوندا آهن.اسيمبلي ميمبرن جي ڪل تعداد جو پنجويهه کان ٽيهه سيڪڙو ”ڪوٽا“ انهن جي ئي مستقل استعمال ۾ رهندي ٿي اچي ۽ هن وقت به آهي.رياستي ادارا انهن کي هر طرح سان تحفظ جي نه رڳو مڪمل ضمانت مهيا ڪندا آهن پر بلڪه مخالفن کي نٿ وجھڻ جي سهوليت به مهيا ڪندا آهن.اسٽيبلشمينٽ کي جڏهن به ضرورت پوي ٿي انهن ئي ماڻهن کي اڳيان پويان ڪري حڪومتون بنائڻ ۽ ڪيرائڻ جو ڪم ڪري ٿي.اهي ماڻهو هن سسٽم جي مجبوري بڻجي ويا آهن.پيپلز پارٽيء کي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو مسئلو پيدا ٿئي ته اهي نون ليگ سان گڏ بيهي رهندا،نون ليگ جا جيڪر اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات خراب ٿين ته اهي پي ٽي آئي ۾ هليا ويندا آهن جهڙيء طرح سينيٽ چيئرمين جي گذريل چونڊ ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آئي حڪومت ٺهڻ جو مثال سڀني جي سامهون آهي.اهي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ ”اسٽيٽس ڪو “ آهن ۽ اسٽيٽس ڪو جي خلاف سڀ کان بلند آواز پڻ.اهي ماڻهو جمهوري فلٽريشن پراسيس کي اوستائين بائي پاس ڪندا رهندا جيستائين مٿانئن سياسي ڇانو ڪندڙ ”مهربان“ مٿانئن اها خاص ڇانو نٿا هٽائين.اهي ماڻهو اهي پنجويهه سيڪڙو سياسي گند آهن جيڪي پنجهتر سيڪڙو سٺن پارليامينٽيرين کي به خراب ڪن ٿا.جيڪر اوهان اهو ڄاڻڻ گھرو ٿا ته پاڪستان ۾ ڪجهه ”خاص “ ماڻهن جو احتساب ڇو ممڪن ناهي؟ ڦري گھمي اهي ئي ساڳيا منهن اوهان کي هر حڪومت ۾ بنان وقفي جي ڇو ٿا نظر اچن؟ ۽ حڪومتون ڪيئن جوڙيون ۽ ڪيرايون وڃن ٿيون ته انهن سو سوا سو کن ماڻهن تي کوجنا ڪري وٺو اهي ئي هر آمر جو خاص دستو ۽ سول حڪومت جي مٿي جو موڙ هوندا آهن.ڪرپشن،نا اهلي ۽ پنهنجا نوازڻ جا مثال به اهي ئي قائم ڪن ٿا ۽ اين آر او به انهن کي ئي ملن ٿا.جيڪر اوهان واقعي احتساب چاهيو ٿا ته پوء شروعات انهن کان ڪريو ۽ جيڪر سياسي پارٽيون به اهو فيصلو ڪري ڇڏين ته اهڙن لوٽن کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پارٽيء ۾ پناه ناهي ڏيڻي ته اهي پوء احتساب کان بچي نه سگھنداپرجن کي سدائين انهن جي ضرورت رهي ٿي اهي اهو ڪم ڇو ڪندا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو