حنيف سوڍر اڄ جڏهن سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي سنڌ جي تعليمي ادارن، استادن ۽ شاگردن بابت جيڪي خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون تن مان صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جديد دور ۽ وقت جي تيز تر ڊوڙ ۾ اسان ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ ڪٿي بيٺا آهيون ۽ ڪيڏانهن وڌي رهيا آهيون؟! ان سموري صورتحال تي ويچار ڪرڻ سان ان ڳالهه کان پڻ آشنا ٿينداسين ته سماج ۾ سموريون ڀوڳنائون شاگرد ئي ڀوڳيندي نظر اچن ٿا. اٺين ترميم جي آرٽيڪل A-25 موجب پاڪستان جي آئين هيٺ 5 کان 16 سالن جي عمر تائين شاگردن\ شاگردياڻين لاءِ تعليم انهن جو بنيادي حق ۽ مفت قرار ڏني وئي آهي. جنهن کان سڌي يا اڻ سڌي ريت حڪومت منهن نٿي موڙي سگهي. جيڪڏهن صورتحال ان جي ابتڙ هوندي ته يقينن نتيجي ۾ قوم جي تعليمي ترقيءَ جون اميدون صرف هڪ اڻ پوري خواب جي صورت اختيار ڪري بي معنيٰ ٿي ڀٽڪنديون رهنديون، انهن کي مڪملتا جو ويس اوڍائڻ لاءِ قابل استادن جو هجڻ، تعليمي وسيلن جو آئيني طور تي ڪتب آڻڻ، پڙهائيءَ لاءِ تعليمي ادارن ۾ فرنيچر ۽ ٻين ضروري گهرجن جي موجودگي لازمي آهي. جن ادارن، استادن توڙي شاگردن جو تعلق سڌي يا اڻ سڌي ريت سياست سان هوندو ته اهڙن فردن مان بهتر تعليم ۽ قومي ترقيءَ جون اميدون ڪرڻ جي خوابن تي هميشه سواليا هوندو. اهڙا استاد ڪيئن پنهنجي فرض سان انصاف ڪري سگهندا؟ ڪيئن شاگرد پنهنجي تعليم ۽ تربيت ڏانهن پوري طرح متوجه ٿيڻ جي قابل ٿي سگهندا ۽ ڪيئن اهي قابل استادن جو اثر قبوليندا؟ نتيجي ۾ اهڙا فرد پنهنجي خود داري تي قائم رهندي پنهنجو پنهنجو جدا رستو جوڙيندا آهن. اهڙي ۾ قوم لاءِ تعليم جو پيغام ڪيئن ڪارگر ثابت ٿي سگهندو؟ استاد هڪ پيغمبري شعبو آهي. جيستائين هر استاد پنهنجيون پنهنجيون ذميواريون محسوس نه ڪندو يا نه قبوليندو ۽ پنهنجا فرض ايمانداري سان ادا نه ڪندو، تيستائين قوم جو تعليمي ترقي، نواڻ ۽ جديد رجحانن ڏانهن لاڙي وارو عمل غير معياري ثابت ٿيندو. شاگردن کي قابل بڻائي منجهن صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۽ کين ذهين، تيز فهم ۽ سڄاڻ بڻائڻ لاءِ علم ئي واحد اهڙو هٿيار آهي، جيڪو شاگردن تائين منتقل ڪرڻ قابل استادن تي فرض آهي. اهڙا استاد ئي شاگردن جي اهڙي ريت تربيت ڪندا آهن جو شاگردن جي دلين ۽ دماغن ۾ جذبن، احساسن، خوداعتمادي ۽ صلاحيتن جو هڪ اهڙو سمنڊ پيدا ٿي پوندو آهي جنهن جون موجون هميشه قائم دائم رهن ٿيون منجهائون قومي شعور، وطن جي حب ۽ انسانيت لاءِ جذبات ۽ ولولا سينو چيري سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڀرندا آهن جنهن جي چمڪ سندن اکين ۾ نمودار ٿيندي نظر ايندي آهي. ليڪن اهو سڀ تڏهن ممڪن هوندو، جڏهن سماج ۾ تعليمي ادارن جو معيار بلند هجي. سموريون جديد سهولتون مهيا ڪري، تعليمي ادارن کي ماڊرن ڪيو وڃي. افسوس جو اسان وٽ گهڻي ڀاڱي ايئن ناهي ٿي سگهيو. سنڌ ۾ اهڙا سيڪڙو اسڪول آهن جيڪي زبون حال آهن. اسان وٽ اسڪولن ۾ شاگردن جو خاصو تعداد ته ملي ٿو پر انهن لاءِ اهي سهولتون ميسر ناهن جيڪي سندن بنيادي حق آهن. هتي هڪ اهڙي معياري اسڪول جو ذڪر ڪرڻ ضرور ٿو ڀايان جيڪو عرصي کان بنيادي سهوليتن کان محروم آهي. ڳوٺ فيض محمد سوڍر ۾ ٽي ڳوٺ آهن، هڪ ڳوٺ ممتاز آباد سوڍر، ٻيو ڳوٺ رئيس مولاداد سوڍر ۽ ٽيون ڳوٺ فيض محمد سوڍر. آبادي جي شرح وڌڻ ڪري ٽئين ڳوٺ ملي ويا آهن، جنهن سبب هي ڳوٺ فيض محمد سوڍر نالي سان گهڻو مشهور آهي. زير بحث ڳوٺ وارهه تعلقي جو وڏو ڳوٺ آهي. ڏک جي ڳالهه اها به آهي ته ڳوٺ جا ٻيا گرلس\ بوائز اسڪول به ڌيان طلب آهن، پر ڳوٺ ممتاز آباد سوڍر ۾ “گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ممتاز آباد” وڌيڪ مسئلن جو شڪار آهي. هن اسڪول جي پراڻي عمارت ته زبون حال آهي ئي، پر نئين عمارت جي به حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ٻن سالن جو طويل عرصو گذرڻ باوجود به ان جو ٽي حصا به ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. نئين عمارت رولڙي جو شڪار ٿيڻ ڪري جديد دور ۾ به اسڪول جو عملو ۽ 250 شاگرد/ شاگردياڻيون ڪيترين ئي بنيادي حقائق ۽ جديد سهولتن کان محروم آهن. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ممتاز آباد جي پراڻي عمارت جو ڪم سال 2007ع ۾ ٿيو هو، جيڪا هاڻي زبون حال هئڻ ڪري ڏينهون ڏينهن پنهنجو وجود وڃائڻ طرف روان آهي. جنهن کان پوءِ نئين عمارت منظور ٿي، ان جو ڪم گذريل ٻن سالن کان رڪجي ويو. جنهن کي نه در، نه دريون ۽ نه ئي وري بجلي آهي. ٽن ڪلاسن ۽ ورانڊي کي ظاهري طور تي ڇت ته پئي ليڪن ڇت جون سرون عارضي رکيل آهن، جنهن سبب جڏهن به برسات اچي ٿي ته ڇت سيمو ڪري وهڻ لڳي ٿي. ان کان علاوه پليستر، چوديواري، بلاڪ، فرنيچر، پاڻي، حاجت پوري ڪرڻ واري جاءِ، وڻڪار، سولر سسٽم ۽ بليڪ بورڊ جو ڪم مڪمل نه هئڻ ڪري زير بحث اسڪول ڪيترين ئي بنيادي سهوليتن کان محروم آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ته اسڪول جي عملي ۽ شاگردن\ شاگردياڻين کي بهتر مستقبل لاءِ ساوڻ جي شديد گرمي ۽ سياري جي سخت سردين سان جنگ جوٽڻي ٿي پوي. ٻيو ته اسڪول ۾ ٽي استاد آهن ۽ شاگردن جو انگ 250 آهي جن لاءِ ڪلاسن جو بندوبست بيحد مشڪل ٿي وڃي ٿو. غور طلب ڳالهه اها به آهي ته ٽي استاد طالب علم جي خاصي انگ تي پوري توجهه ڪيئن ڏئي سگهندا! ايترين مشڪلاتن باوجود IBA جي رپورٽ مطابق سال 2015ع ۾ ضلعي قنبر جي اسڪولن جي ڪارڪردگي واري لسٽ ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ممتازآباد اڳڀرو ثابت ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو سال 2018ع ۾ هن اسڪول جا ٻه شاگرد IBA جي اسڪالرشپ ۾ ٽاپ تي آيا. اهڙي ريت سال 2019ع ۾ IBA جي اسڪالرشپ ۾ ٽي شاگرد پاس ٿيا، جن مان هڪ شاگردياڻي ضلعي قنبر تي پهرين پوزيشن کنئي. ان کان علاوه هن اسڪول جا شاگرد زيبيسٽ لاڙڪاڻي جي انٽري ٽيسٽ ۾ سٺي پوزيشن کڻي پاس ٿيا. ۽ هن اسڪول مان بنيادي تعليم پرائڻ کان پوءِ انجيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ به شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. تنهن کان سواءِ هر سال “گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ممتاز آباد” جا استاد تعليمي سرگرميون ۽ پروگرام ڪرائڻ ۾ به سرگرم رهندا پيا اچن. اهو سمورو موجوده استادن جي محنتن ۽ تربيت جو نتيجو آهي. ڳوٺاڻن ۽ استادن جي کوڙ سارين ڪوششن باوجود هينئر تائين نه اسڪول جا مسئلا حل ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪي نوان استاد ملي سگهيا آهن. ٻٽي ڀيرا ڳوٺاڻا اسڪول جي ايڇ. ايم سان گڏجي عملي لاءِ (DEO قنبر) ڏانهن ويا، پر هر ڀيري کين ٺلها آسرا نصيب ٿيا. ماضي ۾ هن اسڪول ۾ ست استاد هئا، جن مان سال 2017ع ۾ ٻن استادن جي آءِ ڊي بند ٿي وئي، سال 2015ع دوران لاڙڪاڻي ۾ بايوميٽرڪ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هڪ استاد جو ٻئي هنڌ ٽرانسفر ٿي ويو. ان استاد جو ٽرانسفر ڪيئن ٿيو؟ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي جواب طلب آهي. ۽ هڪ استاد سال 2017ع ۾ IBA جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ دورانHM ٿي ٻئي هنڌ مقرر ٿيو. حال ۾ صرف ٽي استاد باقي آهن، جيڪي گذريل ٻن سالن کان مسلسل مستقبل جي معمارن کي علم کان آشنا ڪندي پنهنجا ايمانداري سان فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن. هڪ سٺي ۽ قابل استاد جي پوري ڪوشش اها ئي هوندي آهي ته هو ٻارن جي اندر عقل، ڏاهپ ۽ تخليقي صلاحيتن جي جذبن کي اڀاري منجهن خوداعتمادي ۾ واڌارو پيدا ڪري. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليمي نظام جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ننڍن توڙي وڏن شهرن کان ويندي ٻهراڙين تائين جي تعليمي ادارن جي بنيادي حقائق ۽ سهولتن تي ڌيان ڏئي اسڪولن کي ماڊرن بڻايو وڃي. اسڪولن ۾ عملي جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ سان گڏوگڏ اسڪولن کي فرنيچر، بجلي، سولر سسٽم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٻيون بنيادي ۽ جديد سهولتن کان آراستا ڪيو وڃي. اسڪولن جون زبون عمارتون نيون ڪرايون وڃن ۽ جتي عمارت جي ضرورت هجي ان کي يقيني بڻايو وڃي. تڏهن ئي تعليم جو سڌارو ممڪن آهي. هن جديد ۽ تيز تر ترقي يافته دور ۾ تعليم کان سواءِ قوم لاءِ ترقي ڪرڻ ۽ جديد دنيا ۾ پير پائڻ جيئن پوءِ تيئن مشڪل ٿي پوندو. تعليم تي عدم دلچسپي جي نتيجي ۾ نه صرف قومي شعور پر قومي ورثو پڻ متاثر ٿيڻ جا امڪان واضح ٿيندا آهن. hanifsodhar2017@gmail.com