ڪامريڊ منان چانڊيو ڪجھ ڏينهن اڳ دادو قمبر ضلعي جي دنگ واري تاريخي شھر فريدآباد ڀرسان هڪ ڳوٺاڻي عورت پنهنجي معصوم پٽ سميت اُڃ وگهي پاڻي لپ لاءِ تڙپندي تڙپندي مري وڃي ٿي. جتي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سائنسي طريقن سان آسمان تي مينهن سان ڀريل ڪڪرن کي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي کڻي وڃي ضرورت واري جاين تي برسات وسائڻ جا ڪامياب تجربا ٿيندا هجن، جتي ريگستانن، ڀٽن، پوٺن ۽ جبلن تائين پاڻي پهچائڻ جا حيرتناڪ پر عوام دوست ڪارناما ٿيندا هجن، جتي ٻه ماڙ وانگي زمين مٿان زمين وڇائي ان کي هموار ڪري زرعي فصل ڪيا وڃن اتي سنڌ ۾ ھڪ جيجل پنهنجي جگر جي ٽُڪري سان گڏ پاڻي پاڻي جون پڪارون ڪندي موت جي منهن ۾ ھلي وڃي ته پوءِ ان کان وڌيڪ سنڌين ۽ انسانيت لاءِ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. اسين جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي موجودهه ابتڙرحالتن تي ميڊيا جي وسيلي نظر وجهون ٿا ته روز ڪٿي نه ڪٿي اهڙا واقعا پڙهڻ وٽان ملن ٿا جو هينئين ۾ وڍ پئجو وڃن. ڪٿي قبيلائي دهشتگردي، نام نهاد پلاند جي آڙ ۾ ٽن پٽن سميت پوڙهي پيءُ کي ماريو وڃي ٿو، ڪٿي ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ پوليس اهل ڪار بڪتربند گاڏين ۾ ويٺل هوندي به ڌاڙيل جي گولين جو بک بنجي وڃن ٿا، ڪٿي روڊ حادثي ۾ هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ڪٿي ڪاروڪاري جي گندي رسم ۾ نوجوان ناريون ڪٺيون وڃن ٿيون، ڪٿي پيٽ بکايل امڙ پنهنجي جگر جي ٽڪڙي سميت ماني ڳڀي جي حاصلات ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ کوهه يا وهندڙ واهه ۾ ٽپو ڏئي عذاب واري حياتي کان جان آجي ڪرائي ٿي، ڪٿي بي پهچ ماڻهو پنهنجي گهر ڀاتين جي جياپي لئه کاڌ خوراڪ خريد ڪرڻ خاطر پنهنجي معصوم ٻچڙن کي ساڻ ڪري شهرن جي چونڪن تي ٻار کپائڻ جا هوڪا ڏئي رهيا آهن، ڪٿي وري بدمست ڀوتار غرور ۽ تڪبر ۾ اچي پنهنجي ئي ملازمن تي انسانيت سوز حرڪت ڪن ٿا. چوڻ جو مقصد ته جتان ڪٿان ذهنن کي جهنجهوريندڙ خبرون پڙهڻ وٽان ملن ٿيون. مٿي بيان ڪيل جن دردناڪ وارتائن جي ور چڙھيل سنڌ جا اصل رهواسي پراون پرمارن ۽ پنهنجن جي پرڪارن ڪري وڏين ويڌنن ۽ ويلن واري حياتي گهاري رهيا آهن، سنڌي عوام سان جيڪي بي واجبيون ٿي رهيون آهن، انهن جا ذميوار وقت جا حڪمران ۽ رياست جي دادلا ڀوتار آهن، بدقسمتي جي ڳالهه اها به آهي ته گذريل ٽن اليڪشنن دوران سنڌ ۾ مختلف سياسي پارٽين جا جيڪي چونڊيل عيوضي هئا ۽ آهن انهن ۾ گهڻائي قبيلائي سردارن ۽ ڀوتارن جي آهي، اهي منفي ڪردار وارا ڀوتار جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ،شڪارپور، گهوثڪي، قمبرشهدادڪوٽ، ڪوٽڙي ڪوهستان جا سماٽ سردار هجن يا بلوچ، اهڙي طرح دادو، نئون شهروفيروز، نواب شاهه ، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ثنڊوالهيار، خيرپور ميرس، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٺٽو، بدين ۽ ٿر پارڪر جا ارباب، ڄاموٽ، پير، مير، جاگيردار، توڙي گڙنگ ذميندار هجن پر سڀني همراهن جي هڪڙي سوچ عوام دشمني واري نسل در نسل رهندي پئي اچي. ڪاڇي ۾ ماءُ پٽ جو اڄ وگهي جيڪو غيرفطري موت ٿيو آ انهن جا بي جان جسم جاءِ وارڌات تان کڻڻ لئه جهڙي ريت فريدآباد ۽ شاهه گودڙيو پوليس رواجي غفلت جي روايت برقرار رکندي حدبندي جو بي سرو راڳ آلاپيندي رهي، جنهن تي اسان کي سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي جڳ مشهور ڪهاڻي ( چوٽيهون در) وارو قصو ياد اچي ٿو. ۽ اهڙي ريت وري دادو ۽ قمبر ضلعن چونڊيل عيوضي ۽ انهن جا ٻولهڙيا فرمائيندا رهيا ته هي تڪ منهنجو نه پر تنهنجو آهي. بهرحال مسمات سبحانه خاتون چانڊيو ۽ سندس معصوم پٽ واحد بخش جي بي وقتي موت تي اڃان تائين تڪ ۽ علائقي جي چونڊيل ڀوتارن کي ڪو به ڪهڪاءُ ڪين آيو آهي، نه وري سنڌ سرڪار ۽ حڪمران پارٽي جي والي وارثن جي ڪن تي ڪا جونءِ سري هجي. ڀلا هنن کي هڪ مسڪين عورت ۽ سندس پٽ جي موت تي رحم اچي به ڇو؟ جيڪي هن وقت گهوٽڪي جي ننڊي چونڊ کٽڻ لئه سموريون سياسي، انتظامي ۽ مالي توانايون اين اي 205 تي سوڀ ماڻڻ لئه صرف ڪري رهيا آهن. ستم ظريفي جي اها به ڳالهه آهي ته جنهن علائقي ۾ ماءُ پٽ اڃ وگهي موت جي وادي ۾ هليا ويا آهن اهو علائقو معدني وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن جي مالڪي هن وقت چانڊيا نوابن وٽ آهي، هتي حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته جڏهن به ۽ جتي به معدنيات جا اربين روپين وارا ذخيره ملن ٿا، پوءِ گهوٽڪي ضلعي جي ماڙي گئيس فيلڊ هجي، يا دادو ضلعي جي ڀت گئيس فيلڊ هجي، توڙي قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي مزاراڻي گئيس فيلڊ هجي يا وري سنڌ جي ٻين علائقن مان ملندڙ قدرتي وسيلا هجن ۽ انهن مان جيڪا رائلٽي ملي ٿي ان جي حدبندي جي ڀوتار ڪائي به پرواهه نه ڪندي عوام جي ڀلائي لئه مختص ڪيل ڪروڙين روپيا پنهنجي ذاتي عيش و آرام لئه ڦٻائڻ تي ائين اچي مڙن ٿا جئين ڍونڍ تي بکايل باز لامارا ڏيندا هجن. ڏک جي ڳالهه ته ماءُ پٽ جا پياسا بي جان جسم جتان مليا آهن اها حد ته برابر دادو ضلعي جي آهي ۽ اهو قومي تڪ ڀوتار رفيق جمالي جو آهي، پر اتان جا بي تاج بنيل بادشاهه چانڊيا نواب ڀائر آهن. جيڪي ولر واٺن جا ساڻ ڪري ڏوهاري ماڻهن کي هٿيار هٿ ۾ ڏئي وڏين ٽائرن وارين گاڏين تي سوار ڪرائي تيل گئيس ڪمپنين جي وڏن آفيسرن کي ڊيڄاري مٿن پنهنجو ڌاڪو ڄمائي علائقي جا گلو بٽ بنجي نه فقط علائقي جي عوام کي پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي پهچائڻ، روڊن رستن ۽ اسپتالن جي تعمير ۽ بجلي گئيس جي فراهمي توڙي ٻين بنيادي انساني ضرورتن جي پورائي لئه جيڪي ڪروڙين روپيا ڪمپني بطور رائلٽي ڏئي ٿي ان سان هو پنهنجا ڀڀ ڀرڻ کان سواءِ اتان جي مڪامي رهواسين جي ابن ڏاڏن جي اباڻي زمين تي ڏاڍ مڙسي سان قبضا ڪري يا کين هيسائي ۽ ڌمڪائي لکن ڪروڙين واري قيمتي زمين چند هزارن ۾ خريد ڪري علائقي جا هڪ ڀيرو ٻيهر جاگيردار بنجي رهيا آهن. اهو به سچ آهي ته چانڊيا نواب ڀائرن جو والد مرحوم شبير احمد چانڊيو پنهنجي ايم اين اي ۽ خاص ڪري پرويز مشرف جي گهڻ سياسي انتظامي ۽ مالي اختيارن واري ناظمي نظام دوران ڪروڙين روپيا تڪ ۽ ضلع جي عوام کي بنيادي سهولتوم پهچائڻ بدران ڪاڇي واري علائقي گڙتل ۾ هڪ شاهي محل جوڙايو. نه صرف محل ٺهي راس ٿيو پر ڀرپاسي جي زمينن تي ڀوتارن لال جو ليڪو ڪڍي ڏاڍ جي لٺ ڦيرائي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏي. اها به حقيقت آ ته علائقي ۾ جيڪي تيل گئيس ڪمپنين عام ڳوٺاڻن کي پيئڻ جي صاف پاڻي لئه ٽيوب ويل هڻي ڏنا آهن انهن جو پاڻي ڀوتار پنهنجي ذاتي زمينن ۾ مختلف قسمن جي فصلن جي پوکائي ۽ باغ باغيچن کي سرسبز بنائڻ لاءِ ڪم آڻي رهيا آهن. وڏي افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته هڪ طرف ڀوتار علائقي جي مختلف برساتي جابلو نئين تي غيرقانوني بند ٻڌي ڇڏيا آهن، ته وري ٻئي پاسي تاريخي حمل ڍنڍ کي سڪائي ڪاڇي واسين کي ڪڻڪ، سرنهن، وڏڦ، ڄانڀو ۽ سرءُ جي ٻين فصلن کان محروم ڪري ڇڏيو جنهن سبب علائقي واسي پنهنجا اباڻا ماڳ مڪان اکين مان لڙڪ وهائيندي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. ڀوتارن جو پنهنجي تڪ جي ووٽرن ۽ قبيلي جي ماڻهن سان بي واجبين جو سلسلو اتي به بند نٿو ٿئي پر جڏهن مسڪين ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان يا ڍور ڍڳا کپائي مجموئي طور تي لکين روپيا خرچ ڪري ايف پي بند جي اوڀر طرف کان وهندڙ آر بي او ڊي کي ڳنڍو ڏئي ان جو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ان اميد سان وهائي رهيا هيا ته ڍنڍ ۾ پاڻي ڀرجي ته جئين زرعي فصل ڪرڻ کان سواءِ مڇي پکي جي پيدا مان پيٽ پورت ڪري سگهجي. پر افسوس جو ڀوتارن پنهنجا ڪجهه واٺا تيار ڪرائي پنهنجي پگهاردار پوليس ساڻ ڏئي اهو ڳنڍو زبردستي ڇوڙائي ڇڏيو. اسان اجايو سجايو ڀوتارن جي ڪردارڪشي نٿا ڪيون نه وري اسان جو ساڻن ڪو وير يا ساڙ آهي پر حقيقت کان منهن موڙڻ بيوقوفي ٿيندي، جيسين ڳالهه آهي ڀوتارن جي قبيلي سان واسطو رکندڙ هڪ مظلوم عورت ۽ سندس پٽ جو اڃ وگهي مرڻ ته ان ساڳئي علائقي جي مختلف ڊٻن، پوٺن ۽ برن بيگانن ۾ تيل ڪمپنين جي واٽر.ٽئينڪن ۾ پاڻي ڀري عرب شهذادن ۽ شيخن جي پسنديده شڪار ۽ خوراڪ تلور کي ڦاسائڻ لئه ننڍڙا تلاءَ کوٽائي انهن ۾ پاڻي ڀري انهن جي ڪنارن تي سرنهن ڄانڀو ۽ توريو وغيره پوکائي ڇڏين ٿا. پر پنهنجي راڄ جي اڃايل ماڻهن جي جيئاپي لئه پاڻي جي لپ به نٿا ڏئي سگهن. ڀوتار جتي عربن کي راس رکڻ لاءِ پيئڻ جو پاڻي انسانن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ تلور لاءِ ڪتب آڻين تا اتي وري عربن سڳورن جي خوشنودگي حاصل ڪرڻ لاءِ برن ۾ بازارون ۽ جهنگل ۾ منگل سجائي رنگين راتين جا به شاندار انتظام ڪرائين ٿا. اڄ جڏهن اسين مسمات سبحانه چانڊيو ۽ سندس پٽ جي بي جان جسم ڏسون ٿا ته پوءِ اسان کي اڄ کان ڪجهه سال اڳ هڪ عرب ملڪ شام جي اها معصوم ٻارڙي جي بي جان جسم جي تصوير اکين آڏو اچي وڃي ٿي جيڪا پنهنجي والدين سميت دائش جي دلن جي دهشتگردي ۽ آمريڪي سامراج جي رهزني ڪري پنهنجي اباڻي ملڪ مان لڏپلاڻ ڪري پناهه گير ڪئمپن ڏانهن ويندي سمونڊ جي تيز جي لهرن جي ور چڙهي ڇولين سهاري ڪناري تي منهن ڀر مئل حالت ۾ پيل نظر آئي. اها تصوير جڏهن سوشل ميڊيا تي رکي وئي ته يورپي ملڪن ۾ هڪ ٿرٿلو مچي ويو، اتان جي حڪمرانن پنهنجي ملڪن جون سرحدون شامي پناهگيرن لئه کولي ڇڏيون. ڪاش مائي سبحانه چانڊيو جي بي جان جسم سان چنبڙيل بي جان پٽ واري تصوير به سنڌ جي حڪمرانن ۽ ڀوتارن جي ذنگيل ضمير ۽ ستل ذهنن کي جنجهوڙي ۽ غفلت واري گهري ننڊ مان سجاڳ ڪري ۽ سنڌ جي ساڃاهوندن کي پڻ اها همت ۽ جرئت ڏئي ته هڪ ڏکوئيندڙ تصوير کي سامهون رکي سنڌ مان اڃ بک بي روزگاري جي پاڙ پٽڻ لاءِ مڏا ٿيل ذهنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر تکا تيز ڪري اهڙي سجاڳي، بيداري ۽ انقلابي لهر پيدا ڪن جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام دشمنن قوتون ۽ انهن جا پاليل تاتل غدار، ڀوتار لڙهي وڃن. اهو انساني عظمت جو معراج ۽ عوامي انقلاب جو ڏينهن هوندو.