• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائبر ڏوهن جو تعداد سڄي دنيا ۾ وڌي پيو. روڪٿام لاءِ سخت قانونسازي ڪرڻي پوندي: فيض الله ڪوريجو_اسلم ع

سوبيا

سينيئر رڪن
ڄامشورو: (خميس 25 جولاءِ 2019ع) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران سائبر قانون، سائبر ڏوهن ۽ سائبر ڏوهن کان بچاءَ وارن اپائن بابت ڪرايل آگاهي ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽرسنڌ فيض الله ڪوريجو چيو ته سائبر جا ڏوهاري گهڻو ڪري معاشي طور مستحڪم هوندا آهن، انهن جو مسئلو غربت سان لاڳاپيل مسئلا نه پر خواهشون ۽ وڏا خواب هوندا آهن، جيڪي پورا نه ٿيڻ تي هو ٻِين جي عزت، ساک ۽ مقبوليت کي نقصان پهچائيندا آهن.

فيض الله ڪوريجو چيو ته باغي ذهن ۽ انتقامي مزاج رکندڙ فرد سائبر ڏوهه وڌيڪ ڪندا آهن. ايڊيشنل ڊائريڪٽر چيو ته دنيا ۾ هاڻي ملڪ هڪٻئي کي بم، هٿيارن ۽ توپن سان نقصان نٿا پهچائين پر ڪي بورڊ، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وسيلي جنگيون وڙهن ٿا. فيض الله ڪوريجو چيو ته دنيا ۾ هڪڙي ڪلاڪ اندر ڏهه لک ماڻهو سائبر ڏوهه جو شڪار ٿين ٿا ۽ هڪڙي منٽ ۾ 820 ماڻهو سائبر ڏوهارين جو نشانو بڻجن ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ظاهر ظهور زمين تي ڏوهه ٿيندا هئا، جيڪي هاڻي سائبر اسپيس تي منتقل ٿي ويا آهن. ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر چيو ته ڪوڙن فيس بڪ، ٽوئٽر ۽ انسٽاگرام اڪائونٽن وسيلي وڌيڪ ڏوهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيڪرن پاران وڏن وڏن ادارن جون ويب سائيٽس به هيڪ ڪيون وينديون رهيون آهن. هن چيو ته آن لائن خريداري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪارڊن وارا فراڊ به سائبر ڏوهه ۾ اچن ٿا.
25mehran.jpg

هن چيو ته سائبر ڏوهارين مختلف بئنڪن کي نقصان پهچايو آهي، هڪ وڏي پيٽرول وڪرو ڪندڙ ڪمپني جي ساک متاثر ڪرڻ جو ڪيس تازو ئي ايف آءِ اي وٽ آيو آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي کانپوءِ پئسا پيپر تي گهٽ آن لائن وڌيڪ موجود آهن. فيض الله ڪوريجو چيو ته جعلي ويب سائيٽن ذريعي به ماڻهن سان دوکو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سائبر جي حوالي سان وڌيڪ اثرائتي قانونسازي جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاچ وارن ادارن کي وڌيڪ ٽيڪنالاجي ۽ پروفيشنل ماڻهن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سائبر ڏوهن جو تعداد سڄي دنيا ۾ وڌي پيو. ملڪ ۾ اهڙن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ سخت قانونسازي ڪري سائبر ڪيسن جون جدا ڪورٽون قائم ڪيون وڃن.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته سائبر ڏوهارين جو نشانو بڻيل متاثرن کي خاموش نه رهڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي شڪايت آن لائن يا لکت جي صورت ۾ ايف آءِ اي وٽ ضرور جمع ڪرائڻ گهرجي. وائيس چانسلر چيو ته آئون پاڻ سائبر ڪرائيم جو متاثر آهيان، مون پاڻ به لکت ۾ ايف آءِ اي وٽ شڪايت جمع ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ ملزم کي ايف آءِ اي گرفتار ڪيو.

هن چيو ته اڄوڪي ليڪچر مان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائبر قانون ۽ سائبر ڏوهن کان بچڻ جي اپائڻ بابت سٺي ڄاڻ ملي آهي. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي ۽ اسٽوڊنٽس افيئرس آفيس جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو ڳالهايو. جڏهن ته يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ ليڪچر پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.
https://onlineindus.com/sindhi/84260
Sindhi News
 
Back
Top