شفيق الرحمان شاڪر مشهور دانشور ۽ ڊراما نويس اشفاق احمد لکي ٿو ته هڪ ڏينهن آئون نيڪر پائي سيپارو پڙهڻ مسجد هليو ويس،مون کي ان حالت ۾ ڏسي مولوي صاحب ڪاوڙ ۾ اچي ويو.چيائين؛ ” اڙي نالائق! تون مسجد ۾ نيڪر پائي ڇو آيو آهين؟بيوقوف،جيڪر ايئن مسجد ۾ ايندين ته جهنم ۾ ويندين.“ مون گھر اچي امڙ کي ٻڌايو ته امڙ چوڻ لڳي؛ پٽ،مولوي صاحب غصي ۾ هوندو جو هن ايئن چئي ڇڏيو نه ته جهنم ۾ وڃڻ لاء وڏي سخت محنت جي گھرج پوي ٿي.جهنم حاصل ڪرڻ لاء نهايت ئي سخت دل ٿيڻو پوي ٿو،جهنم لاء ٻين جو حق مارڻو پوي ٿو،قاتل ۽ ڌاڙيل بنجڻو پوي ٿو،فساد پکيڙڻو پوي ٿو،خدا جي مخلوق کي اذيت ڏيڻي پوي ٿي،هٿين خالي انسانن تي باهه ۽ بارود جي برسات وسائڻي پوي ٿي،محبت کان نفرت ڪرڻي پوي ٿي،انهيء لاء مائن جون هنجون ويران ڪرڻيون پون ٿيون،رب العالمين ۽ رحمت للعالمين سان لاڳاپا ٽوڙڻا پون ٿا،تڏهن وڃي ڪو جهنم نصيب ٿئي ٿو.تون ته ايترو سست آهين جو پاڻي به پاڻ نٿو پيئين.توکان اها محنت ڪٿان ٿي سگھندي؟تون ته جھرڪيء جي موت تي پورو هفتو روئندو رهندو آهين سو تون اهڙو پٿر دل ڪيئن بڻجي سگھين ٿو؟پٽ! مولوي صاحب جي ڳالهين تي ڌيان متان ڏئين نه ته تنهنجي اندر خدا جو رڳو خوف ويهندو سندس محبت نه! هڪ دفعي هڪ ڇوڪريء مولانا سيد مودوديء کي چيو ته هڪ ڳالهه پڇان؟ مولانا چيو؛ ڌيء! پڇو ڇا ڳالهه آهي؟ ڇوڪريء چيو؛ اسان جي سماج ۾ ڇوڪرن کي هر قسم جي آزادي هوندي آهي.اهي ڪجهه به ڪن،ڪيڏانهن به وڃن پر انهن تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي آهي.ان جي ابتڙ ڇوڪرين کي ڳالهه ڳالهه تي روڪيو ويندو آهي،هيئن نه ڪريو،هيڏانهن نه وڃو،جلد گھر موٽو،وغيره وغيره. مولانا انهيء تي مرڪيو ۽ چيائين؛ ڌيء! اوهان ڪڏهن لوهه جي دوڪان ٻاهران،لوهي گودام ۾ لوهي شيون پيل ڏٺيون آهن؟اهي شيون گودام ۾ سردي،گرمي،برسات،رات،ڏينهن ايئن ئي پيل رهن ٿيون،ان جي باوجود انهن جو ڪجهه به نٿو بگڙي ۽ انهن جي قيمت تي به ڪو فرق نٿو پوي.ڇوڪرن جي سماج ۾ ڪجهه ان قسم جي حيثيت آهي.هاڻي اوهان هلو هڪ سوناري جي دوڪان ۾.هڪ وڏي ٽجوڙي،ان ۾ ننڍي ٽجوڙي،ان ۾ رکيل هڪ ننڍڙي سهڻي ڏٻيء ۾ ريشم تي نزاڪت سان رکيل چمڪندڙ هيرو! ڇو ته جوهري ڄاڻي ٿو ته جيڪر هيري کي ٿوري به خراش اچي ويئي ته ان جي ڪا قيمت نه رهندي.اسلام ۾ نياڻين جي اهميت به ڪجهه ان قسم جي آهي.سڄي گھر کي روشن ڪندڙ چمڪندڙ هيري جيان،ٿوري به خراش سان ان وٽ ۽ سندس گھر وارن وٽ ڪجهه به نٿو بچي.بس اهو ئي فرق آهي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾ جيڪو فرق لوهه ۽ هيري ۾ آهي. تاريخ طبري ۾ لکيل آهي ته خليفي هاديء جي دور ۾ هڪ شخص نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي،ان کي گرفتار ڪري درٻار ۾ آندو ويو.بادشاهه درٻاري ملان کان پڇيو ته ڇا ڪرڻ گھرجي.هن چيو ته ترت سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وڃي.خليفي اڃا جلاد کي حڪم ڏيڻ جو سوچيو ئي هو ته هن شخص ڳالهائي وڌو ته بادشاهه جي لاء اهو مناسب ڪونهي ته جوابدار جي ڳالهه ٻڌڻ سواء فيصلو ڏئي. ملان گھڻي ڪوشش ڪئي پر خليفي چيو ته اهو انصاف جي گھرجن خلاف آهي ته ڪنهن کي ٻڌڻ سواء کيس مارڻ جو حڪم ڏنو وڃي.خليفي ان شخص کان پڇيو؛ تو وٽ پنهنجي صفائيء ۾ ڪهڙو دليل آهي؟هن چيو؛ پهرين دعويٰ کي پرکيو ويندو آهي پوء سچ ۽ ڪوڙ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.خليفي درٻاري ملان کي حڪم ڪيو ته هن جي سچ ۽ ڪوڙ جو پتو لڳايو وڃي.ملان ان شخص کي چيو؛ تون پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ ڪو معجزو پيش ڪري سگھين ٿو.هن چيو ته معجزو سدائين طلب تي پيش ڪيو ويندو آهي،اوهين طلب ڪريو ته آئون پيش ڪريان.ملان چيو حضرت موسيٰ وارو معجزو پيش ڪر.انهيء تي ان شخص خليفي کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي شخص اوهان سان ناانصافي ڪري رهيو آهي.حضرت موسيٰ جي معجزي جو تعلق فرعون سان هو جنهن خدائيء جي دعويٰ ڪئي هئي جڏهن ته اوهان هڪ عادل ۽ خدا ترس انسان آهيو.هن ملان اهو معجزو گھري اوهان کي نشانو بنايو آهي. ان ڳالهه تي خليفو ڪجهه ملان تي ناراض ٿيو ته تو اهڙي غلط شيء ڇو گھري؟ هاڻي ملان ان شخص کان حضرت عيسيٰ وارو معجزو گھريو.ان شخص چيو ته حضرت عيسيٰ جو معجزو مئلن کي زندهه ڪرڻ هو.هو هڪ پيغمبر هو ۽ هن کي اختيار هو ته هو ڪنهن کي به زندهه ڪري سگھيو ٿي پر منهنجو اختيار محدود آهي.آئون رڳو ان شخص کي زندهه ڪري سگھان ٿو جيڪو منهنجي ڪري قتل ڪيو ويو هجي.ان ڪري جيڪر اوهان کي منهنجي آزمائش ڪرڻي اهي ته هن ملان کي قتل ڪري ڇڏيو،پوء ڏسو ته الله جي حڪم سان آئون هن کي ڪيئن ٿو زندهه ڪيان.خليفي چيو ڳالهه ته مناسب آهي،هن کي موقعو ملڻ گھرجي.ملان جيڪو جان وڃڻ جي خوف کان پگھرجي چڪو هو تنهن چيو؛ بادشاهه سلامت! اوهان هن کي ڇڏي ڏيو،هن جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌو.اهو هڪ پاڳل شخص آهي ۽ انهيء تي شريعت جو ڪوبه حڪم لاڳو نٿو ٿئي. 1738ع ۾ نادر شاهه هندستان تي حملو ڪرڻ کان اڳ مغل سلطنت جي شهر قنڌار جو گھيرو ڪري رکيو هو.انهيء دوران ڪنهن شاعر کي قسمت آزمائڻ جي سجھي.هن ٻڌو هو ته شهنشاهه قصيدا پڙهندڙن جا وات موتين سان ڀري ڇڏيندا آهن ۽ سون ۾ توري ڇڏيندا آهن. شاعر نادرشاهه جي شان ۾ قصيدو لکيو ۽ ڪنهن نموني وڃي سندس خدمت ۾ پهتو.نادر شاهه ان وقت کاڌو کائي رهيو هو.شاعر نه ڪئي هم نه ڪئي تم،پنهنجا شعر ٻڌائڻ لڳي ويو.اڃا ويچاري جي سخن سرائي جاري هئي ته نادر شاهه گراهه چٻاڙيندي چٻاڙيندي هڪ محافظ کي حڪم ڏنو ته هن کي وٺي وڃ ۽ کيس غلام بنائي وڪڻي اچ.جيڪا رقم ملي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائي رسيد مون کي آڻي ڏي.سپاهي شاعر کي ڪن کان پڪڙي آسپاس ڦرندو رهيو پر شاعر نيٺ ته شاعر هو،ڪمزور ۽ لاچار،بي پهچ ۽ خوار.جنهن به ڏٺو ٿي ان چيو ٿي ته مفت ۾ به مهانگو آهي،سراسر نقصان جو سودو آهي.سپاهي شاعر کي وٺي واپس نادرشاهه جي درٻار ۾ آيو ۽ بادشاهه کي سموري ماجرا ڪري ٻڌائي.نادر شاهه شاعر کان پڇيو؛ تون هتي آيو ڪيئن هئين؟ هن هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ حضور! گڏهه تي.نادر شاهه محافظ کي حڪم ڏنو ته هن کي ٻه ٽي لتون هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏ ۽ دسندس گڏهه ڪاهي وڪڻي اچ. انٽرنيٽ جي حوالي سان هڪڙي پيء پنهن جي پٽ کي هن طرح نصيحت ڪئي آهي. پيارا پٽ! گوگل،فيس بڪ،تويٽر،واٽس ايپ ۽ سماجي لاڳاپن جا ٻيا ذريعا حقيقت ۾ هڪ اونهو سمنڊ آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا لڇڻ وڃائي رهيا آهن ۽ دماغي صلاحيتون ضايع ڪري رهيا آهن.انهن ۾ پوڙها به آهن ته جوان به.ان سمنڊ جون بي رحم موجون نه رڳو هڪ وڏي خلق کي هلاڪ ڪري چڪيون آهن پر اسان جي عورتن جي حيا به ڳڙڪائي چڪيون آهن. ان ۾ ٻڏڻ کان بچ.انٽرنيٽ تي تنهنجو رويو ماکي جي مک جيان هئڻ گھرجي.رڳو سٺين ڳالهين تي ڌيان ڏي،پاڻ به فائدو کڻ ۽ ٻين کي به فائدو پهچاء.عام مکين جيان هر گندي ۽ صاف شيء تي نه ويهه.ايئن نه ٿئي جو ٻين تائين بيمارين جا جيوڙا منتقل ڪرڻ لڳين ۽ توکي ان جو احساس ئي نه ٿئي.پٽ! انٽرنيٽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي هتي ڪوبه پنهنجي شيء مفت ڏيڻ لاء ناهي ويٺو.هر ماڻهو پنهنجو سودو ڪنهن نه ڪنهن مفاد هيٺ وڪڻڻ جي خواهش کڻي ويٺل آهي.ڪو پنهنجو سودو اخلاق جي قيمت تي ڪرڻ گھري ٿو ته ڪنهن کي فڪري انتشار جو واپار پسند آهي. ڪن جو مقصد شهرت ۽ نالو ڪڍڻ آهي ۽ اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي طور تي خيرخواهيء جو جذبو رکن ٿا.ان ڪري خريداري ڪرڻ کان پهرين چڱي نموني جانچ پڙتال ڪندو ڪر.لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ به احتياط کان ڪم وٺ،ڪجھه لاڳاپا شڪاريء جي ڄار جيان آهن،ڪجهه بڇڙائيء جو ذريعو آهن،ڪجهه بي حيائي ۽ گناهن تي ٻڌل آهن ۽ ڪجهه جو انجام تباهي ۽ بربادي آهي.ڪا ڳالهه اڳتي پکيڙڻ ۾ محتاط ره،گناهه جي شين کي ڪاپي ۽ پيسٽ ڪرڻ کان بچندو ڪر.اهڙي شخص جي دوستيء کان بچ جنهن کي تو اکين سان ڏٺو نه هجي.انهن مان ڪجهه ڪوڙ به ايئن ڳالهائين ٿا جو سچائيء جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو.انهن مان گھڻا خوبصورت لڳن ٿا پر اهي حقيقت ۾ بد صورت آهن.عقلمند لڳن ٿا پر اهي جاهل آهن.فرضي نالا يا فيڪ آئي ڊيز رکڻ وارن کان به پري رهه،اهڙا ماڻهو اعتماد کان خالي ٿين ٿا،تون به فرضي نالو استعمال نه ڪر.جيڪو توسان نا مناسب رويو اختيار ڪري تون ان سان ساڳيو رويو اختيار نه ڪر،ٿانو مان اهو ئي ڪجهه ٻاهر ايندو اهي جيڪو ان جي اندر هوندو آهي.