شفيق الرحمان شاڪر تعمير جي شروعات ڀڃ ڊاهه سان ٿيندي آهي.يورپ جي تعمير جو دور به ان وقت شروع ٿيو جڏهن صليبي جنگين۾ انهن کي مسلمانن هٿان بدترين شڪستون ٿيون.اهو ئي هندستاني مسلمانن سان به ٿيو.هندستان تي مسلمانن جو اقتدار اٽڪل هزار سال رهيو پر ان اقتدار جو سرچشمو ٻاهريون هو يعني سمورا حڪمران ٻاهران آيا هئا.اورنگ زيب کان پوء ان ٻاهرين طاقت جو زوال شروع ٿيو.اهو دراصل مسلمانن جي ان بين الاقوامي زوال جو نتيجو هو جيڪو بغداد جي تباهيء بعد شروع ٿيو هو جنهنجو اثر هندستان جي مسلمانن تي به پيو ۽ اهي به زوال جي رستي تي هلي پيا.ان زوال جو هڪ ٻيو اهم محرڪ جهانگير ۽ شاهجهان جي دور ۾ پکڙجندڙ عيش عشرت جي فضا به هئي جنهن مسلمانن جي اعصابن کي بلڪل ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.سوچڻ جي ڳالهه آهي ته مرهٽن جي جنهن قوت کي ابداليء هڪ ئي ڌڪ سان ٽوڙي ڇڏيو،اورنگزيب جهڙو بهادر حڪمران چوٿائي صديء ۾ انهيء کي ختم ڇو نه ڪري سگھيو؟بهرحال مسلمانن جي دنياپرستيء رنگ لاتو ۽ ڪابل کان برما تائين پکڙيل سندن حڪومت ٿوري ئي عرصي ۾ دهليء جي آسپاس محدود ٿي ويئي.ٻئي طرف انگريز پنهنجي علمي ۽ جنگي ترقي ۽ حوصلي منديء سان هندستان ۾ پير ڦٻائي چڪا هئا.مسلمانن جو اهو زوال 1857ع جي جنگ آزاديء جي موقعي تي عروج تي پهتو.قدرت جو قانون حرڪت ۾ آيو ۽ مسلمانن جي هٿن مان رڳو اقتدار ئي نه ويو پر انهن جا بهترين ماڻهو ان هنگامي جو نشانو بڻجي ويا ۽ هندستان جو مسلم سماج مٽيء جو ڍير بڻجي ويو.پر قسمت اڃا هن قوم تي مهربان هئي جو ان کي سرسيد احمد خان جهڙو ليڊر مليو جنهن هن جي قومي مزاج کي گھڻو متاثر ڪيو.ان سان اختلاف ڪندڙن جو به وڏو تعداد آهي.خاص طور تي هن جي ڪجهه مذهبي خيالن جي حوالي سان مٿس گھڻي تنقيد ٿي پر سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو آهي جو هن ان وقت قوم کي هڪ واضح نقطه نظر ۽ لاحئه عمل ڏنوجڏهن قوم جو حوصلو ختم ٿي چڪو هو.ويهين صديء جو پهريون اڌ انساني تاريخ جو نهايت ئي ڊرامائي عرصو رهيو آهي.ٻه عظيم ۽ انساني تاريخ جون سڀ کان وڌيڪ تباهي آڻيندڙ جنگيون ان عرصي ۾ ٿيون.پهرين جنگ عظيم بعد هن خطي ۾ مسلمانن علي برادران جي قيادت ۾ تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو جنهن جو مقصد ترڪ خلافت جو تحفظ هو.اها تحريڪ ڪامياب ته نه ٿي سگھي پر ننڍي کنڊ تي پنهنجا گھڻا سياسي اثر ڇڏي ويئي.اهو ئي عرصو آهي جڏهن ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي لاء الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.انهن حالتن ۾ قوم جي تعمير ۽ تشڪيل لاء ٻن شين جي موجودگي ضروري هئي.هڪ هيء ته سياسي قيادت وٽ قومي تعمير لاء ڪو واضح نقشو سامهون موجود هجي پر معاملو هي هو جو پاڪستان جي قيام جو بنياد رڳو جذبات تي ئي رکيو ويو هو جڏهن ته ڪنهن به رياست ۾ مختلف قومن يا گروهن جي حقن ۽فرضن جو معاملو نهايت اهم هوندو آهي پر پاڪستان قائم ڪندڙ قيادت وٽ ايترو وقت نه هو جو ملڪ جي نطام جو بنياد ڪنهن ٺوس بنيادن تي رکيو وڃي ها.پويان اهڙي نااهل۽ مفاد پرست قيادت آئي جن ۾ هڪ فالج زده گورنر جنرل کي سياسي معاملن ۾ مداخلت کان روڪڻ جي به صلاحيت نه هئي.بدقسمتيء سان انهن ماڻهن عوام جي بدران آئين کي سڌارڻ بدران اقتدار کي پنهنجي منزل بنائي ورتو.اهي ماڻهو جيڪر مثبت بنيادن تي پاليسيون جوڙين ها ته پاڪستان ٻه ٽڪر نه ٿئي ها.بدقسمتيء سان اسان جي سياسي،مذهبي ۽ فڪري قيادت اڄ تائين ساڳي هلت تي قائم آهي.قومي زندگيء سان وڌيڪ حادثو اهو ٿيو جو اولهه پسند اشرافيا ۽ سياسي قيادت جو ٽڪراء فڪري ۽ مذهبي قيادت سان شروع ٿي ويو جنهن سان نه رڳو قومي تعمير ۽ ترقيء جو عمل متاثر ٿيو بلڪه اسان جي قومي مزاج ۾ مذهبي جمود ۽ انتها پسنديء جا خطرناڪ لاڙا داخل ٿيندا ويا.مذهبي طبقن جي شروع کان اها پاليسي رهي ته دستور جي سطح تي اسلامي حڪمن جي نفاذ کي يقيني بنايو وڃي.اهو ئي رد عمل اڳتي وڌي ضياء الحق جي اسلامي نظام جي صورت ۾ ظاهر ٿيوجڏهن تحريڪ پاڪستان کان پوء هڪ دفعو وري اسلام جي نالي تي هڪ مهم هلائي ويئي.ان دوران اسان جي آسپاس ٻه اهڙا واقعا ٿيا جن سان ان مهم کي طاقت ملي هڪڙو واقعو ايران ۾ اسلامي انقلاب ۽ ٻيو افغانستان ۾ روسي فوج جي داخل ٿيڻ تي جهاد جو اعلان هو.ان دور ۾ محسوس ايئن ٿي ٿيو ته ڄڻ اسلام ۽ اولهه جي ان ڇڪتاڻ ۾ مذهبي حلقن کي فيصلاڪن فتح حاصل ٿي آهي پر حقيقت ۾ اهو دور ئي مذهبي حلقن لاء سڀ کان گھڻو تباهه ڪندڙ ثابت ٿيو.اسلام جي نالي تي فلاحي رياست جا وعدا هوا ۾ اڏامي ويا ۽ انهيء سان سماج ۾ رڳو منافقت ۾ واڌارو ٿيو.دستوري،معاشي ۽ سماجي سطح تي جيڪي اسلامي قدم کنيا ويا انهن مان گھڻا اسلام جي بدناميء جو سبب بنيا.روس خلاف جذبو پڪ سان اسان جو پر تلوار اولهه جي هئي.جڏهن اهو ئي اولهه اسان جي مقابلي ۾ آيو ته طالبان جي الميي جنم ورتو.جنهن کان پوء عراق جي سانحي آخري ڪلوٺوڪي ڇڏيو.بهرحال جهادي ۽ اسلامي نظام تي ٻڌل سوچ انتها پسنديء جي هڪ وڏي لهر پيدا ڪئي جنهن ڪري اسان جا بهترين دماغ،زندگيون ۽ سرمايو انتهاپسنديء جو نشانو بڻجي ويو.اها ته مذهبي انتها پسنديء جي ڪهاڻي هئي پر ٻئي طرف نوي جي ڏهاڪي م تاريخ جو هڪ عظيم انقلاب آيو يعني انفارميشن ايج جي شروعات ٿي جنهن جي نتيجي ۾ پوري دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري ورتي.اولهه جي تهذيب جيڪا سوويت يونين جي خاتمي ۽ گلف جنگ ۾ پنهنجي فتح بعد خوداعتماديء جي نشي ۾ چور هئي، دنيا ۾ پنهنجي سياسي ،معاشي،تهذيبي ۽ فڪري قبضي لاء اڳتي وڌي.جيڪا اڳڀرائي اڄ تائين وڏي زور شور سان جاري آهي.پيوگلوبل انسٽيٽيوٽ پراجيڪٽ جي هڪ سروي مطابق هڪ امريڪي اداري دنيا جي 44 ملڪن جي اٺٽيهه هزار ماڻهن کان انٽرويو ڪيا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوري دنيا خاص طور تي مسلمان ملڪن ۾ امريڪا مخالف جذبات نهايت تيزيء سان وڌي رهيا آهن.سروي مطابق پاڪستان جا نوانوي سيڪڙو ماڻهو آمريڪا کان نفرت ڪن ٿا جيڪو انگ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي.پر ان نفرت باوجود ماڻهن جو هڪ وڏو انگ آمريڪي ٽي وي،فلمون ۽ موسيقي ٻڌڻ پسند ڪري ٿو.آمريڪي فاسٽ فوڊ ۽ مشروبات اسان وٽ گھڻو پسند ڪيا وڃن ٿا.انهن جا سوڙها ۽ مختصر لباس اسان جي مردن کان اڳتي وڌي عورتن ۾ به عام ٿي رهيا آهن!