شفيق الرحمان شاڪر پنهنجي چوڌاريء چورن ۽ ٺڳن جو ميلو مچائي،گذريل ستر سالن جي ملڪي تاريخ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم ڪندڙن مان گھڻن کي نهايت ئي پيار ۽ پاٻوهه وچان پنهنجي ڪابينا ۾ ويهاري، صبح سانجھيء پارسائيء جو وڏيون وڏيون دعوائون ۽ چورن ۽ ڌاڙيلن جا پيٽ ڦاڙڻ جا اعلان ڪيئن ٿا لڳن؟جيڪر ٻج جي چونڊ ئي صحيح نه ڪئي ويئي هجي ۽ نهايت ئي ناقص ۽ مدي خارج ٻج ڇٽي انهيء مان ڪنهن ڪارائتي وڻ ۽ ميوي جي اميد رکڻ ڪيئڻ ٿو لڳي؟قانون،عدالتن ۽ احتساب جي سموري ملاکڙي ۾ جيڪر طاقتور مافيا جو وار به ونگو نه ٿيندو هجي،ملڪي خزانو خالي ڪري غريب قوم جا اربين روپيا هڙن ۾ وجھي جيڪر ڪي طاقتور سياسي ڌاڙيل صبح سانجهيء وڪٽريء جا نشان ڏيکاري جلوسن جي قيادت ڪندي نظر اچن ۽ قومي ميڊيا ۾ به انهن کي پوري جڳهه ملندي هجي،جيلن ۾ انهن سان خاص سلوڪ ٿيندو هجي ته پوء ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي ڳالهه ڪيئن ٿي لڳي؟ جڏهن ملڪ جي چوري ٿيل پئسي جي سزا انهن اصل اعليٰ چورن کي ملڻ بدران غريب عوام کي ڳرن ٽيڪسن،غير منصفاڻي محصولن ۽ هانء ڏاريندڙ مهنگائيء جي صورت ۾ ڀوڳڻي پوي ته پوء تبديليء جي دعويٰ ڪيئن ٿي لڳي؟ جيڪر ملڪ ۾ جاري ان سموري تماشي ۾ رڳو غريبن جا چلها ئي وسامندا وڃن،معصومن کان گراهه کسجي وڃي،ماڻهن جي منهن تان مرڪون کسجي وڃن،غربت جي راڪاس کان تنگ ٿي ماڻهو خودڪشيون ڪندا هجن،غريب جي استعمال جي هر شيء تي مختلف ٽيڪسن جا بم هڪ ئي وقت ڪري رهيا هجن،مزدور ماڻهو سڄو ڏينهن پگھر وهائڻ باوجود به پنهنجي ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني مهيا ڪرڻ جي قابل نه رهن ته پوء يقين ڪرڻ گھرجي ته رياست مان انصاف ۽ احساس ٻئي منهن مٿو پٽي ڪيڏانهن روانا ٿي چڪا آهن ۽ پويان رڳو بي حسي ۽ ظلم رهجي ويو آهي.حڪمران ۽ رياست جا ڪرتا ڌرتا ڀلي ان تلخ حقيقت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا رهن پر تاريخ جو ان وڻندڙ سچ اهو ئي آهي ته رياست ۽ حڪومت ظالمن جو ساٿ ڏيئي رهي آهي مظلومن جو نه! سچ ڪڙو ٿئي ٿو پر سچ سان ساڙ وجھڻ ۽ منهن موڙڻ سان سچ جي حقيقت بدلجي ته نٿي وڃي.انهيء حڪمران اشرافيا جو اهو مستقل شيوو ۽ ازلي عادت رهي آهي جو اقتدار،اختيار ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ٿي اهي خدا جي عام خلق کي اهڙا ته ايذاء ۽ آزار ڏيندا آهن جو اهي تڙپي وڃن،سسڪي پون، ڏڪي وڃن،آهون ڀرين،آزيون ڪن،رحم ۽ ڪرم جي خيرات پنن،حڪمرانن جي پيرن ۾ ڪرن،سندن ساراهه ۽ توصيف ۾ دفتر ڪارا ڪري ڇڏين،سندن ڪارن ڪرتوتن تي چپ سبيل ۽ زبان بند رکن.اهي هر ستم سهندا رهن،هر زخم سبندا وڃن،هر الم پيئندا وڃن،هر ظلم برداشت ڪندا وڃن پر زبان تي اف به نه آڻين،صبر جو ميوو چکن،توڪل جو ترهو ٻڌن،قناعت جون ٽڪيون کائين،ملڪ جي محبت جا ترانا ڳائين،قوم ۽ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ قربانيء جا ٻڪرا بڻجي وڃن،انهيء ئي غريب عوام کي وري وري صبر جا سبق ۽ قربانيء جا درس پڙهايا وڃن ٿا. انهن تي ئي اهي الزام لڳايا وڃن ٿا ته اهي ٽيڪس نٿا ڏين،اهي بجلي ۽ کئس چوري ڪن ٿا.ڄڻ ته اها اقتداري اشرافيا پاڻ پارسائيء جو ويس ڍڪي فرشتن جي ڪنهن ديس مان نازل ٿي هجي.غربت ،بک ۽ بيروزگاريء کان تنگ ٿي جيڪر عوام مان ڪو اٽي جا پنج ڪلو چورائي ته اهو نام نهاد انصاف ۽ ڪوريئڙي جي ڄار جهڙو قانون سندس حشر نشر ڪيو ڇڏي.ان ڪري جو ان اشرافيا اهي سڀ جا سڀ قانون اصل ۾ جوڙيا ئي ان غريب ۽ مجبور خلق خدا جي لاء آهن سو عام ماڻهن کي هرگز ڪنهن قانون ٽوڙڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگھجي.انهن جي ڪنهن ڀل يا مجبوريء ۾ ڪيل معمولي خطا معاف ڪري نٿي سگھجي جو اهي اسان جي هن سڌريل سماج جا ”اڇوت“ آهن ۽ انهن تي حڪومت ڪندڙ اهي پاڪ ۽ پوتر ديوتا آهن جن جي رڳن ۾ اتم ۽ اعليٰ خون ڊوڙي ٿو.اهي پنهن جو اهو نظريو ظاهر ڪن يا لڪائين پر سندن يقين آهي ته ٻي سموري مخلوق خدا کي رڳو سندن خدمت چاڪري ڪرڻ،سندن درٻار ۾ حاضري ڀرڻ ۽ سندن شان ۾ قصيدا ڳائڻ لاء پيدا ڪيو ويو آهي.انهن کي ڪو سوال اڀو ڪرڻ،ڪو اعتراض آڻڻ يا ڪو حرف شڪايت زبان تي آڻڻ جو حق هرگز نٿو ڏيئي سگھجي.اهي بس انهن عظيم رهبرن ۽ آسماني حڪمرانن پويان اکيون بند ڪري هلندا رهن،نه رڳو انهن پر سندن پورن ڪٽنبن ۽ خاندانن جي غلاميء جا قسم کائيندا رهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ واٽ تي انهن لاء پنهنجا نيڻ وڇائيندا ،سندن نعرا لڳائيندا،تعريفون ڪندا ۽ گيت ڳائيندا رهن.اهو ئي انهن غريبن جو ”قدرتي“ نصيب آهي.سو انهيء حڪمران طبقي جي مختلف پارٽين،گروپن،اعلانن ۽ نعرن تي هرگز دوکو نه کائو،اهي اندران سڀ هڪ آهن،انهن سڀني جي سوچ ساڳي آهي،انهن جا رويا ۽ سلوڪ مشترڪ آهن،انهن جا مفاد پاڻ ۾ مليل آهن،انهن جي مقصدن ۾ مڪمل اتفاق آهي،اهي رڙيون رڳو ان وقت ڪن ٿا جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ ڌر جا مفاد ڪنهن ٻي ڌر جي پيرن هيٺان اچن ٿا.جيڪر عوام اڃا به اهو سمجھي ٿو ته اهي عوام لاء روئڻ ٿا،عوام جو درد انهن جي دل ڳري ٿو ڪري يا ماڻهن جا مسئلا ۽ مصيبتون انهن جي ننڊ ٿيون حرام ڪن ته پوءعوام جي اهڙي سادگيء تي رڳو ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو.ها اهي عوام سان مڪمل تعلق ٽوڙي نٿا سگھن جو عوام ئي انهن لاء اقتدار ۽ اختيار تي رسڻ جي سيڙهي آهي،ان ڪري انهن کي نه چاهيندي به عوام عوام جي تسبيح پڙهڻي پوي ٿي،عوام سان پيش ايندڙ اڻ وڻندڙ واقعن تي پهرين کان ئي تيار تعزيتي يا تشويشي بيان جاري ڪرڻا پون ٿا،عوام جي آزارن تي مجبوريء وچان واڳون وار ڳوڙها به ڳاڙڻا پون ٿا پر اهي اصل ۾ عوام کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجھن ٿا.اڄوڪن ۽ ماضيء جي حڪمرانن ۾ جيڪر ڪو فرق آهي به سهي سو رڳو نعرن ۽ اعلانن جو باقي جهڙو گھوگھو تهڙو ڦاهو بلڪه لڳي ٿو ته هاڻوڪا حڪمران عوام کي ايذائڻ ۽ آزارڻ ۾ پوين حڪمرانن کان به گھڻو اڳتي نڪري ويا آهن ۽ مٿان وري تبديلي،احتساب ،انصاف ۽ رياست مدينه جهڙا لفظ استعمال ڪري ۽ روزانو پريس ڪانفرنسن جو ميلو مچائي،هڪ طرف انهن لفظن جو مذاق اڏائي رهيا آهن ته ٻئي طرف عوام جي ڦٽن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.ڪاش انهن حڪمرانن کي خدا جو ڪجهه خوف ٿئي ۽ اهي مجبور ۽ مظلوم ماڻهن جو وڌيڪ استحصال ڪرڻ کان باز اچن.انهن حڪمرانن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گھرجي ته انهن کان اڳ به ڌرتيء جي هن ٽڪري تي اهڙا حڪمران آيا جيڪي اقتدار جي حرص ۽ هوس ۾ مست ٿي پنهنجو پاڻ کي خدا سمجھي ويٺا،نه غريبن جي آهن ۽ دانهن کان ڊنا ۽ نه مظلومن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿي پهتو.اهي ڪجهه دير لاء وساري ويٺا ته مڪافات عمل جو ڏنڊو جڏهن به وسي ٿو نهايت ئي بي رحميء ۽ بي درديء سان وسي ٿو.خلق خدا جي آهن ۽ دانهن جو آواز آخر ڪارخالق جو نقارو ثابت ٿئي ٿو .جنهن هي خلق پيدا ڪئي آهي زمين به ان جي ئي آهي.ان ڪري جڏهن زمين تي هلو ته آڪڙ بدران اکيون پٽي هلو جو قدرت جي هن عجيب خاني ۾ هر وک تي عبرت،شڪست ۽ زوال جا ڪئين المناڪ داستان پکڙيا پيا آهن.اهي جيڪي اوهان کان وڌيڪ ڏاڍا،ظالم ۽ طاقتور هئا اڄ انهن جي ٽٽل ڦٽل قبرن تي ڪو فاتحا پڙهڻ وارو به ناهي!