جڏهن به ڪنهن وڏي شهر ۾ عارضي طور رهڻو پئي، خاص ڪري گهُمڻ ڦرڻ جي ارادي سان، ته رهائش تي خرچ سڀ کان وڏو ڏچو هوندو آهي. ڇو ته گهُمڻ ڦرڻ لاءِ جڏهن شهر جي چونڊ ڪبي آهي ته اهو اهڙو تهڙو ناهي هوندو جتي آرام سان سستي رهائش ملي وڃي. بلڪه اڪثر سياحتي شهرن جي هوٽلن جي ڪمرن جا ريٽ ايڏا وڏا هوندا آهن جو ماڻهو جي گهُمڻ ڦرڻ جو شؤق ئي مريو وڃي. ڪُجهه اهڙو ئي تجربو اسان جو به ٿيو ۽ ٻين کان به ساڳي ڳالهه ٻُڌيسين ته تُرڪي جا ٻيا شهر به مهانگا پر استنبول جي ڳالهه ئي ٻي آهي. استنبول جي خوبصورتين کي ڏسي اکيون ٺارڻ لاءِ ٻيا خرچ پنهنجي جاءِ تي پر رات جا چار پهر رهڻ جو خرچ اندر ساڙڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان وارو يار گورڌن ولاسائي ڪُجهه وقت پهرين ويو ته مرڪزي شهر ۾ هاسٽل تي 6 بيڊ جي ڊارميٽري جي هڪ بيڊ جو خرچ به هڪ رات لاءِ 30 ليرا (1500 رُپيا هُجي). وڏين هوٽلن ۾ ته هونئن به حق حلال جي ڪمائي وارن جو رهڻ ممڪن نه پيو لڳي پر نالي ماتر عمارتن ۾ ٺهيل هاسٽل ۾ شيئر ٿيل ڪمرن جا ريٽ به آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ. پر جيئن ته استنبول ترڪي جي دل آهي ۽ تاريخي طور هڪ منفرد حيثيت پڻ اٿس. مٿان وري هڪ سفرنامه نگار جو اهو چوڻ ته ڀلي کڻي آسٽريا جو وينس شهر سمنڊ ۽ خُشڪي جو هڪ بهترين امتزاج آهي پر دنيا ۾ جيڪڏهن سمنڊ ڪنهن شهر کي خوبصورتي بخشي آهي ته اها استنبول کي آهي جنهن کي باسفورس سمنڊ سڀني جو محبوب ڪري وڌو آهي. شايد اها ئي وجه آهي جو وقت به وقت ان شهر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اڄ به يونان ۾ ڇوڪرين جا نالا قسطنطنيه رکيا وڃن ٿا. (استنبول جو پراڻو نالو جيڪو رومين جي دور ۾ هو ۽ هاڻ تُرڪ اهو ٻُڌڻ تي ڪاوڙجيو پون). هو اڄ به سمجهن ٿا ته استنبول وري هڪ ڏينهن اسان جو ٿيندو. ان محبوب شهر کي ڏسڻ جو شوق ته دل ۾ هو ئي هو. پر اُتي رهڻ جي خرچ جي پريشاني به هُئي. هڪ ٻن هوٽل ۽ گيسٽ هائوس جون ويبسائٽس کولي ان جي ڪانٽيڪٽس تي اي ميل ڪري ريٽ پُڇيم ته وڌيڪ ڪُجهه سوچڻ بجاءِ استنبول ڏسڻ جي خواهش کي فل الحال حسرت ئي رهڻ جو خيال آيو پر اچانڪ ياد آيو ته اسان جهڙن گهُمڻ ڦرڻ جي شوقينن کان وڌيڪ ڪنجوس ته هو آمريڪي رولاڪ آهي (جنهن جو ذڪر هتي ئي اڳ ڪيو هُئم). ساڻس رابطو هاڻ به هو. اي ميل ڪري پُڇيم ته آفريڪا گهُمي ان جو احوال لکڻ لاءِ رهائش طور آئيڊيل شهر جي چونڊاستنبول ڪيئن ڪيئي جتي رهڻ لاءِ ڳرا خرچ آهن. ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ جوابي اي ميل اچي پُهتي جنهن ۾ هُن لکيو ”جيڪڏهن استنبول ۾ تو هوٽل يا هاسٽل بُڪ ناهي ڪرائي ته ڀلو ڪيو اٿئي. هاڻي به اهو ڪرڻ جو سوچ به نه. استنبول ته ڇا پوري دُنيا ۾ رهائش جو بهترين حل آهي ايئر بي اين بي ڊاٽ ڪام. مون سدائين اها استعمال ڪري فائدو ورتو آهي. سستي به آهي ته محفوظ پڻ. اها ويبسائٽ پاڻ پنهنجي وضاحت ڪندڙ (Self-Explanatory) آهي“. اهو آخري لفظ ٻُڌڻ کان پوءِ مون جواب ۾ مهرباني کان وڌيڪ ڪُجهه نه چيو. ڇو ته مون کي پاڻ کي به اها شڪايت رهندي آهي ته ڪنهن کي به ڪنهن شئي جو ڏَس ڏي ته ڀلي اُها شئي آسان ۽ کُليل ڪتاب جيان هُجي پر اڪثريت وري وري پُڇا ڪندي رهي ٿي. وجهه اها ناهي هوندي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي پر سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ يا پڙهڻ کان تپ ٿو چڙهي. بهرحال انهيءَ ويبسائٽ ۾ ڪا فارسي هُئي ئي ڪانه. بس پنهنجي رجسٽريشن ڪريو ۽ گهڻي ڀاڱي اُهي ساڳيا ڪوائف گهُريا ويا جيڪي هڪ عام اي ميل لاءِ رجسٽر ٿيڻ لاءِ گهُربل هوندا آهن. بس هڪ شئي اضافي هُئي سا پاسپورٽ جي اسڪين ٿيل ڪاپي جيڪا خفيه رکڻ جي خاطري ڪرائي وئي. ان کان پوءِ مرحلو هو اهو سمجهڻ جو ته اتي ڪم ڪيئن ٿو هلي. هي 2008ع ۾ سين فرانسسڪو، ڪيليفورنيا ۾ مرڪز ٺاهي شروع ڪيل ويبسائٽ آهي جيڪا انٽرينٽ توڙي ٽيليفون جي ذريعي مهمان ۽ ميزبان جو پاڻ ۾ رابطو ڪرائي ٿي. هن وقت هن ويبسائٽ تي دُنيا جي 190 مُلڪن جي 34000 شهرنجا ميزبان پنهنجي گهر جو ڪمرو يا مُڪمل گهر عارضي طور ڪرائي تي آڇي رهيا آهن جنهن ۾ رهڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي مهمان ايندا رهن ٿا. ويبسائٽ جي اسٽاف پاران مهمان توڙي ميزبان جي ڪوائف جو وٺڻ توڙي رازداري رکڻ ڪري هاڻ هي ادارو بڻجي چُڪو آهي جنهن تي هر ڪو اعتماد ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هر سال لکين مسافر عارضي مهمان بڻجي ميزبانن کي مالي فائدو پُهچائڻ سان گڏ ويبسائٽ کي فيس جي مد ۾ پئسا ڏين ٿا جنهن سان سستي رهائش جو بندوسبت به ٿئي ٿو ته ڪمائي جو آسان ذريعو پڻ. اسان جي مُلڪ ۾ غير يقيني ۽ غير محفوظ صورتِحال جي ڪري گهڻو عام نه پر پوءِ به وڏن شهرن جي ڊفينس واري رهائشن جا ماڻهو اهڙي آڇ ڏين ٿا پيا. باقي پرڏيهه ۾ ته هاڻ مرڪزي شهر کان پر صفا ڳُتيل آبادي جي عام رواجي گهرن ۾ به ماڻهو رهڻ اچن ٿا جو اهي محفوظ ۽ سستا هُجن ٿا. انهيءَ ويبسائٽ استعمال ڪرڻ جو طريقو به ڪافي سولو آهي. رجسٽريشن کان پوءِ پنهنجي پئسن جي رينج (جيڪا 20 ليرا کان 2000 ليرا آهي، يعني هزار کان لک رُپين تائين) سيٽ ڪرڻي پئي ٿي. پر ان ۾ ويبسئاٽ جي فيس جيڪا لڳ ڀڳ 5 فيصد آهي سا شامل ناهي. ان کان پوءِ تاريخ طئي ڪجي ٿي ته ڪهڙي ڏينهن اچبو ۽ ڪهڙي ڏينهن گهر/ڪمرو خالي ڪبو. اها سڀ ڪري ڳولا ڪبي ان کان پوءِ جيڪي نتيجا اچن ان ۾گهر ڏيندڙ HOST سان رابطو ڪرڻ لاءِ CONTACT HOST تي ڪلڪ ڪبو. هڪ مختصر پيغام لکي موڪلبو جيڪو اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ پاڻ ئي محفوظ ٿي ويندو. جڏهن ٻي ميزبان سان رابطو ڪبو ته ان لاءِ اهو پيغام ٻيهر لکڻ جي ضرورت ناهي. اڳ لکيل پيغام لکڻ واري باڪس ۾ پاڻ مرادو ظاهر ٿيندو جيڪو چاهيو ته جيئن جو تيئن موڪليو يا وري ان ۾ ڪا تبديلي ڪريو. ايئن ڪافي سارا پيعام موڪلڻ کان پوءِ ڪلاڪ جي اندر اوهان کي جواب اچڻ شروع ٿي ويندا جيڪي اوهان کي پنهنجي ڏنل موبائل نمبر تي به وصول ٿيندا ته گڏو گڏ اي ميل ۾ پڻ ايندا. يا وري اوهان ان ويبسائٽ تي لاگ ان هوندا ته اُتي پڻ اوهان جي ان باڪس جي فهرست ۾ سڀ ڪُجهه موجود هوندو. جيڪا آفر وڻي ان کي او ڪي ڪريو. پر جيستائين اوهان پئسا نه ٿا ڏيو (جيڪي صرف ۽ صرف آنلائن ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي ئي ڏيئي سگهجن ٿا) اوهان جو توڙي ميزبان جو فون نمبر يا وري اي ميل هڪ ٻئي کي نه ڏيکاريا ويندا. هڪدفعو اوهان پئسا ڏنا ته اهي تفصيل ٻنهي آڏو ظاهر ٿيندا ۽ اوهان رابطو ڪري سگهو ٿا. پر اهي پئسا ويبسائٽ جي اڪائونٽ ۾ امانت رهندا. اوهان بنا ڪنهن ڪٽوتي جي ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي بُڪنگ ڪئنسل ڪرائي پئسا واپس پڻ وٺي سگهو ٿا. پر ڪئنسل ڪرڻ جي وجه جائز هُجي. يا وري ميزبان سان ربطو ڪرڻ تي معلوم ٿئي ته سندس ڄڳهه ويبسائٽ تي ڏنل تفصيل مطابق ناهي. ايئن ئي جڏهن مون به ڪيو ته رُڳو 90 ليرا (4500) ۾ هڪ ڊبل بيڊ جو ڪمرو جنهن ۾ ٻارن جي رهڻ لاءِ ننڍو بيڊ پڻ شامل هو مليو. گهر ۾ سينٽرل هيٽنگ سسٽم به هو ته ناشتو پڻ شامل هو. باقي اٽيچ باٿ جو تُرڪي ۾ رواج ئي ناهي سو، گهر ۾ باٿ ۽ ليٽرين ڪامن هوندا آهن. جيڪي انهن گهرن ۾ ميزبان توڙي مهمان گجي استعمال ڪن ۽ وري وري پيا هدايتون لکندا آهن ته صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي. بُڪنگ کان پوءِ ساڻس واٽس ايپ تي مسلسل رابطو هو جنهن ۾ هو استنبول جي بس ٽرمينل کان وٺي سندس گهر پُهچڻ جا ڏس ڏيندي رهي. اسان پُهتاسين ته نه مانجهاندي جو وقت هو نه ناشتي جو پر بُک اسان کي توڙي هُن کي لڳي هُئي تنهنڪري هُن بريڪ فاسٽ ۽ لنچ کي گڏائي ڪُجهه ٺاهيو جنهن کي برنچ چون. اهو کائيندي ساڻس ڪچهري هلندي رهي. پڇيم ”اوهان جو پروفائل ۽ ڪم ڌنڌو“ ”هتان 600 ڪلوميٽر پري تُرڪي جي اولهندي شهر ازمير سان تعلق اٿم. هوٽلنگ اينڊ هاسپٽلٽي ۾ گرئجوئيشن ڪئي اٿم. هاڻ هتي نوڪري اٿم. هوٽل جي مين ڊيسڪ تي ڊيلنگ جو ڪم آهي. اڪيلي رهان ٿي ۽ گهر ۾ هڪ ڪمرو اضافي هو تنهنڪري ايئر بي اينڊ بي تي ايڊ ڏنم ته ڪمائي سان گڏ مهمانن سان لهه وچڙ هجي ته پنهنجي سبجيڪٽ بابت تجربو وڌندو“ ”ڀلا ڪو ڊپ ڊاهه يا مهمانن مان خطرو محسوس ڪون ٿيئي؟“ ”نه ڇو ٿيندو؟ هڪ ته هر مهمان جا سڀ ڪوائف ۽ پاسپورٽ جي ڪاپي هوندي آهي ويبسائٽ وٽ. تنهنڪري ڪو مهمان ڄاڻي واني ايئن نه ڪندو. ٻيو ته اسان جي مُلڪ جو قانون به سخت آهي. مون کي پنهنجي حڪومت تي به يقين آهي ته مون کي تحفظ ملندو“ ايندڙ ٻه ڏينهن تائين وڌيڪ خبر پئي ته فارغ وقت ۾ ڊرائنگ ۽ آرٽ جو شوق به اٿس. ان ڏينهن کان پوءِ وڌيڪ تفصيلي ڪچهري نه ٿي جو هو صبح يارنهن کان رات ٻه تائين ڊيوٽي تي وئي ٿي ۽ اسان سوير گهُمڻ ڦرڻ لاءِ پئي نڪتاسين. رات جو واپسي تي ٿڪي سوير ٿي سُتاسين ۽ هو دير پئي آئي.